بندوق

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

بَندُوقَ هڪ قسم جو بارودي هٿيار، جنهن ۾ گوليون يا ڪارتوس وجهي ڇوڙجن. پهريون ڀيرو بارودي بندوقن واري دستي (جامڪي دار بندوقن) جي تشڪيل (جنوري 1517ع) شام ملڪ جي مملوڪ حڪومت ۾ نظر اچي ٿي. ان وقت ان هٿيار جو نالو ”البندُوق الرصاص“ مشهور ٿيو هو. دستي بندوق يعني بندوقيہ ۽ لفظ ”رصاصہ“ يعني گولي يا ڪارتوس واري بندوق. ان کان پوءِ بُندقيہ ۽ بندقيات جا لفظ گهڻو استعمال ٿيا. مملوڪين بندوق جو استعمال 1490ع ۾ ڪيو، ليڪن يورپ ۾ دستي بندوق جو استعمال 1365ع ۾ شروع ٿي ويو هو. چئن صدين تائين بندوق جي استعمال تي ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وڌ ڌيان ڏنو ويو، فقط آلِ عثمان، بندوقن جي استعمال ۽ ان جي سپاهه کي وسيع پيماني تي تربيت ڏئي فوج جو اهم حصو بنائي ڇڏيو. جڏهن ته مملوڪين ۽ عالم اسلاميءَ جي ٻين فرمانروائن ان کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. نتيجي طور اولهه ايشيا ۽ مصر جي مستقبل تي وڏو اثر پيو. صرف اڍائي سالن (آگسٽ 1514ع کان جنوري 1517ع) ۾ عثمانين، صفوين کي شڪست ڏيئي مملوڪين جي سلطنت کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي سلطنت ۾ قديم اسلامي دنيا جا علائقا شامل ڪري ڇڏيا، جن تي انهن جو قبضو 20 صديءَ ۾ سندن سلطنت جي زوال تائين برقرار رهيو . مختلف ماخذن موجب پهريائين 1422ع کان وٺي 1450ع تائين عثماني سلجوقين جنگين ۾ بندوق کان ڪم ورتو. عثماني پنهنجي زيردست ملڪن مان بارود لاءِ لوهه، شيهو، ٽامو، گندرف ۽ اعليٰ قسم جي شوري جو خام مال حاصل ڪندا هئا، جيڪو جنگ لاءِ ضروري هوندو هو. ان بعد سڄي يورپ ۾ بارود، بندوقن ۽ توپن ٺاهڻ جا ڪارخانا کلي ويا ۽ ملڪن جي سرحدن تي بارودي بندوقن جو رواج عام ٿي ويو، ويندي اوڻيهين ۽ ويهين صديءَ تائين اهو سلسلو جاري رهيو. سنڌ ۾ پهريون ڀيرو محمد بن قاسم، سنڌ جي راجا ڏاهر جي خلاف روغن نفط استعمال ڪيو، جيڪو سادو آتشين هٿيار هو. تاريخ فرشته جي لکڻ موجب، محمود غزنويءَ هتي جنگ ۾ شوري (تيزاب) جو استعمال ڪيو. اڪبر جي دور ۾ سڄيءَ سنڌ ۽ هند ۾ جامڪي دار بندوقون شروع ٿي چڪيون هيون. بارودي هٿيارن جي سکيا لاءِ اورنگزيب پنهنجي لشڪر جي سپاهين جي تربيت لاءِ ترڪن، عربن ۽ پورچوگيزن کي به ملازم رکيو. هن وقت دنيا ۾ بندوقن جا جيڪي نمونا هلندڙ آهن، تن ۾ هڪ نال واري بندوق ،دُنالي بندوق، ريپيٽر، ڪلاشنڪوف ۽ ٻيا قسم مشهور آهن .[1]

حوالا[سنواريو]