محمد موسيٰ ڀٽو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

محمد موسىٰ ڀٽو سنڌ جو مشهور مذهبي عالم ۽ اديب آهي ۔ پاڻ سنڌ ۾ وڌندڙ لادينيت ۽ مذهب بيزار لاڙي خلاف ڀرپور علمي محاذ وڙهيا ۔ ان مقصد خاطر سنڌ جي آزاد خيال اديبن ۽ شاعرن سان خط و ڪتابت شروع ڪيائون اسلام ڏانهن واپس اچڻ جي دعوت ڏنائون ۔ سندس ڪوششن سان سنڌ جي عظيم ۽ نامياري شاعر شيخ اياز لادينيت کي خيرباد چئي واپس اسلام طرف آيو ۔ سائين جي ايم سيد جي ڪتابن جي جواب ۾ جيڪي ڏٺو آهي مون لکيائون ۔ ان کان سواء به پاڻلڳ ڀڳ ڏيڍ سو سنڌي ٻوليَ ۾ پنجاھ مختلف زبانن ۾ ڪتاب لکي سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪيائون ۔

شروعاتي حالات[سنواريو]

حافظ موسىٰ ڀٽو صاحب حيدرآباد جا رهاڪو آهن ۔ شروع ۾ جماعت اسلامي سان گڏجي ڪم ڪيائون ۔ پر بعد ۾ سياست کي ڇڏي گوشه نشيني اختيار ڪيائون ۔

ادبي خدمتون[سنواريو]

حافظ صاحب جو گھڻو ڪم سنڌي ٻوليَ ۾ ٿيل آھي ـ پاڻ سنڌي توڻي ٻين زبانن ۾ جملي 200 ڪتاب لکيا آھن ـ جنـ مان ڪجهه ڪتاب ھيٺيان آھن ـ

  • اصلاح نفس کا لائحہ عمل
  • معاشرے کی اسلامی تشکيلنو اور تصوف و احسان
  • عرفان لطيف
  • شاه عبداللطيف بهڻائی کا پيغام جديد انسان کے نام
  • سنده کے اکابر بزرگ شاعر اور انـ کے کلام کی تشريح
  • بزرگان دين کی تعليمات
  • تعلیمات مجدد الف ثانی
  • کچه دير مولانا رومی کی معيت ميں
  • تصوف و اہل تصوف- سلف اور خلق کی نظر ميں
  • اسلامی فکر ، بيسويں صدی ميں"
  • برصغير ہند کی اسلاميت کی ممتاز شارح
  • عصر حاضر کی شخصيتيں ميری نظر

مين

  • برصغير ہند کی بعض علمی شخصيتيں ، اپنی فکر و کردار کے

آئينے ميں

  • صدائے محبت
  • خدا، اسلام ۽ جديد سائنس

ان کان سواء پاڻ "انجمن فڪر و نظر سنڌ " نامي ھڪ علمي اداري جا باني ۽ ماھوار بيداري رسالي جا ايڊيٽر به آھن ـ [1]

سنڌي اديبن ڏانهن خط[سنواريو]

ڀٽو صاحب سنڌ جي نامور اديبن ڏانهن خط وڪتابت ذريعي دعوت موڪليائين ۔ پاڻ سائين جي ايم سيد ، رسول بخش پليجي ، محمد ابراهيم جويي ۽ شيخ اياز کي ڏانهن واپسي لاء دعوت نامه مڪا ۽ کين لادينيت پرچار کان روڪيائين ۔ سندس محنت سان شيخ اياز تائب ٿيو ۽ دين مخالف لٽريچر بدران دعائيه ۽ مناجاتي اشعار لکڻ شروع ڪيا ۔ تنهن کان سواء لادين قوتن تي پڻ سخت نقطه چيني ڪيائين ۔

شيخ اياز جو رجوع ٿيڻ[سنواريو]

سندس ڪوششن جو نتيجو ھو جو شيخ اياز دھريت کان بيزار ٿي واپس اسلام طرف آيو ـ نه صرف ايتتو پر بعد ۾ پاڻ دين بيزار فڪر کي سخت ننديندا ھءا ـ جنھن ڪري کين آزاد خيال ڌر طرفان سخت مخالفت کي منھن ڏيڻو پيو ـ جيڪي دانشور ۽ قلمڪار ھن کان شيخ اياز جو دفاع ڪندا ھءا ـ ھاڻي ساڳين دانشورن طرفان مٿس سخت تنقيدون ٿيڻ لڳيون ــ ڀٽي صاحب سندس ديندار حياتي جا لمحات پنھنجي ڪتاب "شيخ اياز جي زندگي جا آخري ڏھ سال " ۾ قلمبند ڪيا آھن ـ[2]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]