محمد زمان پھريون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مخدوم محمد زمان پھريون لواري شريف جي درگاھ جو باني محمد زمان پھريون المعروف خواجہ ڪلان ٿيا آھن.

پيدائش[سنواريو]

حضرت سلطان‌اولياء خواجه محمد زمان 21 رمضان 1125ھ بمطابق 1713ع تي سنڌ جي مشھور شھر لواري شريف ۾ پيدا ٿيا، سندن جي ولادت جو سن ‘‘من عبادنا المخلصين’’ مان نڪري ٿو. سندن جي والد جو نالو شيخ حاجي عبداللطيف ھو،جنهن جا وڏا سھروردي طريقي جا ھئا پر پاڻ نقشبندي سلسلي ۾ داخل ٿيو سندن جي والده خواجہ عبدالسلام درس جي صاحبزادي ھئي.

نسب جو سلسلو[سنواريو]

سندن جي نسب جو سلسلو امير المومنين ابو بڪر صديق سان وڃي ملي ٿو، خليفي مھدي يا ھارون جي زماني ۾ ھي خاندان سنڌ ۾ وارد ٿيو، سندن جو والد عالم ھو ۽ ورع ۽ تقويٰ ۾ مشھور، ھو مخدوم آدم جي صاحبزادي خواجہ فيض اللہ جا مريد ھيا، مخدوم ابو القاسم نقشبندي سان گھري عقيدت رکندا ھيا.

ظاھري ۽ باطني تعليم[سنواريو]

ظاھري علمن جي تعليم ٺٽي ۾ مولانا محمد صادق جھڙي متجر عالم کان حاصل ڪيائون اتفاقاً سندن جي ملاقات ابوالمساڪين محمد ٺٽوي سان ٿي وئي، پاڻ تعليم ترڪ ڪري ھن جي حلقي ۾ وڃي شامل ٿيا ۽ بيعت کان بعد مجاھدن ۽ رياضتن ۾ مشغول ٿي ويا، ۽ بيعت کان بعد سندن کي شيخ طريقت ابو المساڪين خلافت عطا ڪئي، پنھنجي دستار مبارڪ سندن جي مٿي تي رکي.

وطن واپسي[سنواريو]

1150ھ ۾ پاڻ پنھنجي اباڻي وطن لواري ۾ اچي ڪري مسند ارشاد تي فائز ٿيا، پراڻي لواري زمين جي بغاڙ جي ڪري جڏھن تباھ ٿي وئي ته پاڻ جديد شھر جو بنياد رکيائون ۽ ان جو نالو به لواری رکيو. جيڪو ھاڻي لواري شريف چورائي ٿو.

مريدن جي تربيت[سنواريو]

محمد زمان اولمريدين جي ديني ا۽ روحاني تربيت جو خاص خيال رکندا ھيا، گرميءَ جي موسم ۾ صبح جي ويھڪ کان بعد دالان ۾ تشريف فرما ٿيندا ھيا، ماڻھو بي انداز ڀرجي ويندا ھيا، پوءِ پاڻ ۽ سندن جا مريد مراقبي ۾ مشغول ٿي ويندا ھيا ۽ محويت جو اھو عالم ھوندو ھيو جو ھنن ھمراھن کي اس جي سخت تپش به استغراق جي کيفیيت کان واپس نہ وٺي اچي سگھندي ھئي، جڏھن ماڻھو چاشت جي وقت مراقبو ختم ڪندا ھيا ته زمين پگھر سان آلي ٿي ويندي ھئي، سندن جي خانقاھ  رات جاڳڻ جو خاص اھتمام ھو ان جي لاءِ ھڪ شخص مقرر ھو جيڪو ، ماڻھن کي عبادت جي لاءِ بيدار ڪندو ھيو. محمد زمان پھريا شريعت جي اتباع جو خاص طور تي خيال رکندا ھيا ا۽ مريدن کي تربيت ۾ به ھميشہ ان جي ڪوشش فرمائيندا ھيا ته شريعت جي حڪم تي ۽ سنت نبوي تي پورو پورو عمل ڪيو وڃي.

وفات[سنواريو]

63 سالن جي عمر ۾ 4 ذوالقعد 1188ھ بمطابق 1775ع تي چاشت جي وقت واصل بحق ٿيا، مزار شريف لواري ۾ آھي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. تذکرہ صوفیاءسندھ، اعجاز الحق قدوسی ص256، اردو اکیڈمی سندھ کراچی