اعجاز الحق قدوسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

محقق، تاريخدان ۽ شاعر. اعجازالحق قدوسي، -جولاءِ- 1905ع ۾ -جالنڌر- (ڀارت) ۾ ڄائو. شيخ عبدالقدوس گنگوهيءَ جي اولاد مان آهي. ديني علمن جي تڪميل هندستان جي مشهور ديني درسگاهه مظاهرالعلوم سهارنپور ۽ مدرسه دينيات سرڪار عالي حيدرآباد دکن مان ڪيائين. 1951ع ۾ ڀارت مان -پاڪستان- لڏي آيو. سندس عمر جو وڏو حصو علمي ادبي ادارن، خاص طرح سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچيءَ ۾ ملازمت ڪندي گذريو. سندس اصل موضوع -تاريخ- ۽ تذڪرا آهن. پنهنجي لکڻين ۾ تحرير جي فن جو خاص خيال رکيو اٿس. شعر گوئيءَ ۾ سندس حيثيت ٻئي درجي جي آهي. ’تذڪره صوفياءِ سنڌ‘، ’تذڪره صوفياءِ پنجاب‘، ’تذڪره صوفياءِ بنگال‘، ’تذڪره صوفياءِ سرحد‘، ’شيخ عبدالقدوس گنگوهي -اور- -ان- ڪي تعليمات‘، ’تزڪ جهانگيريءَ جو -اردو- ترجمو ۽ حاشيا‘ (2 جلد)، ’تاريخ سنڌ‘ (3 جلد، اردو)، ’اقبال -اور- علماء پاڪ و هند‘، ’تاريخ مغربي پاڪستان‘ ۽ ‘رسول پاڪ صلي -الله- عليه وسلم ڪي صاحبزاديان‘ سندس اهم تصنيفون آهن. سندس خود نوشت سوانح حيات ”ميري زندگي ڪي 75 سال“ مڪتبه اسلوب، ڪراچيءَ 1988ع ۾ شايع ڪئي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]