محمد خان تاشقندي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
محمد خان تاشقندي
يوسف
ٺٽي جو مغل گورنر
1041ھ کان 1045ھ تائين
پيشرو امير خان
جانشين دولت خان
ريجنٽ شاھجھان
مذھب اسلام

يوسف محمد خان تاشقندي(انگريزي: Yusif Muhammad Khan Tashqandi)اهجاني حڪومت جي پنجين سال ٻه ۽ ٽي هزاري سوار جي خطاب ۽ نقاري ۽ ويهه هزار انعام سان نوازجي ٺٽي جو صوبيدار ٿي پهتو. ڪجهه عرصي کانپوءِ بکر جي فوجداري مليس ۽ وري ملتان جي صوبيداريءَ تي مقرر ڪيو ويو[1].

تفصيل[سنواريو]

امير خان بعد 1041ھ ۾ ٺٽي جو صوبيدار ٿي آيو ۽ 1045ھ تائين رهيو. پوءِ بکر فوجدار ٿي بدلي ٿي ويو. ان بعد دولت خان، خواص خان مئي 1045ھ کان 1050ھ پنهنجي وفات تائين، غيرت خان خواجا ڪامگار 1050ھ ۾ ٻه ٽي مهينا صوبيدار رهي ڪري گذاري ويو، مغل خان 1050ھ کان 1052ھ تائين نواب امير خان وري ٻيهر 1052ھ کان 1057ھ پنهنجي وفات تائين، مغل خان بن زين خان ڪوڪا 1057ھ کان 1060ھ تائين، عالمگير 1059ھ کان 1062ھ تائين رهيو پر ٺٽي نه آيو ۽ مغل خان ئي ڪم ڪندو رهيو. سعيد خان 1061ھ، جعفر خان عمدة الملڪ 1061ھ، مغل خان بن اعظم خان 1061ھ، سردار خان شاهجهاني 63 ــ 1062ھ تي هڪٻئي پويان ٺٽي جا صوبيدار ٿيندا آيا پر تحفة الڪرام انهن جي ذڪر کان خالي آهي ۽ نواب امير خان کانپوءِ نواب مظفر خان جهانگير (مير عبدالرزاق (معموري) جو احوال ڏنو اٿائين.)[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ سنڌيڪار: اعجاز الحق قدوسي خالد وسير ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي