مواد ڏانھن هلو

مثنوي مظهرالا آثار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مثنوي مظهرالا آثار: (فارسي). هيءُ فارسي مثنويسيد شاهه جهانگير هاشميءَ( متوفي 946 هجري) جي تصنيف آهي، جنهن ۾ تصوف جي مختلف رموز جو بيان ٿيل آهي. ڏهين صدي هجري، ايران ۽ سنڌ لاءِ وڏن انقلابن ۽ مهمّن جو دور هو ڇو ته انهيءَ صديءَ جي پهرئين چوٿائيءَ ۾ جي قومون ظهور پذير ٿيون، جن ملڪ ۾ انقلاب ۽ خونريزيءَ جو عالم برپا ڪري ڇڏيو. هڪ طرف سلطنت بزرگ تيموريان تي هرات جي بادشاهه سلطان حسين يقرا جي وفات کان پوءِ تنزل آيو جو بابر جي شخصيت نمودار ٿيڻ کان پوءِ ختم ٿيو. ٻئي طرفشاهه اسماعيل صفوي. مذهبي مسند ڇڏي، شاهي تخت تي ويٺو ۽ ٽئين طرف کان محمد خان شيباتي، اتر اوڀر تي نمودار ٿيو، ۽ قتل ۽ غارت گريءَ جي بازار گرم ڪري ڇڏيائين. سنڌ ۾، انهيءَ وقت (914 هجري) ڄام نظام الدين ننده وفات ڪئي. طويل مدت حڪمرانيءَ ڪرڻ سببان هن سلطنت جو انتظام پختو ٿيو.، ڄام نظام الدين جي پٽ فيروز ۽ سندس هڪ رشتيدار ڄام صلاح الدين جي وچ ۾ 914 کان 927 هجري تائين جنگ رهي. وزيراعظمدريا خان جي همت ۽ تدبير سان فيروز، حڪومت ته حاصل ڪئي پر ڄام صلاح الدين گجرات جي مدد سان فوج ڪشي ڪئي. فيروز ’سوي‘. (سيبي) جي حاڪمن ڏانهن هٿ ڊگهيڙيو، ۽ شاهه بيگ محرم 928 هجري ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ ڄام صلاح الدين کي شڪست ڏنائين. هو سبي واپس وڃڻ بدران سنڌ جو حاڪم بڻجي ويٺو ۽ سندس وفات (22- شعبان 928ھ) کان پوءِ سندس پٽ شاهه حسن ارغون تخت تي ويٺو. جنهن 929ھ ۾ فيروز سان ٽڪر کاڌو جنهن ۾ ويهه هزار ماڻهو ٻنهي طرفن جا قتل ٿيا ۽ شاهه حسن ارغون سڄي سنڌ جو مالڪ ٿيو. ارغونن جي تسلط کان پوءِ ايران ۽ قنڌار کان ڪيترا علمي خاندان سنڌ ۾ اچي ٺٽي ۽ بکر ۾ آباد ٿيا. جن ۾ شاهه قطب الدين به هو جيڪو بکر ۾ اچي رهيو هو ۽ سنڌ جو پهريون ’شيخ الاسلام‘ مقرر ٿيو. سندس هڪ عزيز شاهه جهانگير هاشمي به 930ھ ۾ اچي بکر ۾ سڪونت پذير ٿيو. هو شيرين ڪلام شاعر ۽ متدّين صوفي بزرگ هو، تذڪرن ۾ آيو آهي ته شاهه جهانگير مولانا جاميءَ جو همعصر هو. ۽ سندس صحبت مان گهڻو فيض پرايو هئائين. سندس ديوان، ابيات، قصيده ۽ هيءَ مثنوي، سندس باڪمال شاعريءَ ۽ عقدن جي غمازي ڪن ٿا. مثنوي مظهر الا آثار، هاشمي صاحب، ”خمسه نظامي“، ”مطلع خسرو“ ۽ ”تحفته الاحرار جامي“ جي جواب ۾ لکي ۽ ان کي ابو عبدالله، شاهه حسن ارغون جي نالي منسوب ڪيائين. تصوف جو حلقهء اثر ان وقت وڌندو آهي، جڏهن ملڪ ۾ افراتفريءَ جون حالتون هونديون آهن ۽ ماڻهو دنياداريءَ کان تنگ اچي، مذهب جي آڙ ۾ لڪندي، سڪون ۽ بي فڪريءَ جي تلاش ڪندا آهن. هن مثنويءَ جي محرڪ به سنڌ جون هنگامي حالتون ڏٺيون هيون. هن مثنويءَ ۾ تصوف جا اسرار ۽ معرفت الاهيءَ جون رمزون ۽ تزڪيه نفس جا نڪتا، نهايت دلنشين ۽ آسان پيرايي ۾ بيان ٿيل آهن.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. تبصرا؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع