مايا مکاتلي
| پيدائش | 1986 (عمر 39–40) تبليسي, جيورجيا |
|---|---|
| پيشو | ناٽڪ ۾ ناچ |
| جيون ساٿي | آرٿر شيسٽرڪوف |
| ٻار ٻچا | 1 |
| Current group | ڊچ نيشنل بيلٽ |
| Former groups | ڪولوراڊو بيلٽ برمنگھم رائل بيلٽ |
مايا مکاتلي (جنم سال 1986)[1] هڪ جارجيائي سنگيت ڊانسر آهي. ڪولوراڊو بيلي ۽ برمنگهم رائل بيلي جي مقابلي کانپوءِ 2006 ۾ ڊچ نيشنل بيلي ۾ شاملٿي وئي، جتي هاڻي هڪ پرنسپل رقاصه آهي.[2]
ابتدائي زندگي
[سنواريو]مکاتلي جارجيا تبيليسي ۾ پيدا ٿي. ان جا ماءُ پيءُ، نيڪولوز مکاٽيلي ۽ مرينا لولاڊزي، جارجيائي نيشنل بيلي ۾ ناچو هئا.[3] هن جو ڏاڏو هڪ لوڪ ڊانسر هيو ۽ ان جي ناني هڪ اوپيرا ڳائڻي هئي. [4] ان جو وڏو ڀاءُ ڊيوڊ به هڪ ڊانسر آهي (جيڪو پهرين رائل بيلي سان پرنسپل هيو).[5] مايا 9 سال جي عمر ۾، تبليسي ۾ واريتاگ چبوڪياني ڪوريوگرافڪ انسٽيٽيوٽ ۾ لاريسا چيڪويش ويلي سان گڏ بيلي جي سکيا حاصل ڪئي.[6]
ڪيريئر
[سنواريو]جڏهن هوءَ 15 سال جي هئي، ته ان جو پيءُ آمريڪا جي شهر اڊاهو جي ڪيچم جي سن ويلي بيلي اسڪول ۾ نوڪري جي پيشڪش ڪئي وئي. مکيتيلي ان اسڪول ۾ به اڀياس حاصل ڪيو، جتي هوءَ پننهنجي ڀاءُ ڊيوڊ سان گڏجي نٽ ڪريڪر ۾ ناچ ڪندي هئي.[7] ان جي ماءُ پيءُ هاڻي ڪولوراڊو جي ڊينور ۾ مکيٽيلي بيلي اڪيڊمي هلائين ٿا. [2] مائيا ڪولوراڊو ۾ جرمن زيموئل ۽ ويلنٽينا مکنووا وٽان سکيا حاصل ڪئي.[8]
ذاتي زندگي
[سنواريو]مکاٽيلي جي شادي آرٽور شيسٽرڪوف سان ٿي آهي،جيڪو ڊي اين بي ۾ هڪ پرنسپل ڊانسر به آهي. ان جو هڪ پٽ، لوڪا آهي. [9]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Siblings Sharing the Stage", Dance Magazine, November 2007, اصل کان 25 July 2008 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 4 May 2014۔
- 1 2 "Maia Makhateli", Dutch National Opera & Ballet, حاصل ڪيل 16 April 2020۔
- ↑ "Cupcakes & Conversation with Maia Makhateli, Principal, Dutch National Ballet", Ballet News, 17 June 2011, حاصل ڪيل 5 May 2014۔
- ↑ "Maia Makhateli", Zarely, حاصل ڪيل 16 April 2020۔
- ↑ "David Makhateli", Youth American Grand Prix, حاصل ڪيل 16 April 2020۔
- ↑ "Maia Makhateli", Birmingham Royal Ballet, 10 April 2007, اصل کان 4 May 2014 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 5 May 2014۔
- ↑ "Maia Makhateli", Dutch National Ballet, حاصل ڪيل 4 May 2014۔
- ↑ "Teachers Summerschool Den Haag 2014", Summerschool Den Haag, اصل کان 5 May 2014 تي آرڪائيو ٿيل۔
- ↑ "Ballet Family" آرڪائيو ڪيا ويا 2020-07-03 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., Smithsonian Magazine.