ماني مت

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

پارس جي مذهبن ۾ زرتشت کانپوءِ جنهن مذهب تمام گهڻي مقبولي حاصل ڪئي اهو ماني (Mani) مذهب هو. ماني مذهب پنهنجي بانيءَ جي حوالي سان ماني سڏجي ٿو. ماني 216 عيسويءَ ۾ بابل ۾ پيدا ٿيو هو. ٻارانهن ورهين جي ڄمار ۾ ان تي فرشتو ”تو“ نازل ٿيو ان کان پوءِ لاڳيتو وحي ايندي رهي ۽ چويهه ورهين جي ڄمار ۾ کيس رسالت ۽ وحيءَ جو حڪم مليو. تنهنڪري شاپور اول جي تاجپوشيءَ جي ڏهاڙي هن پنهنجي نبوت جو اعلان ڪيو ۽ ماڻهن کي خدا جي دين ڏانهن سڏيندي دعوا ڪئي ته خدا کيس فرشتي جي ٻڌايو آهي ته اهو کانئس اڳواٽ آيل سڀني نبين جهڙوڪر زردشت، حضرت عيسا، مهاتما ٻڌ جي رسالت کي پورو ڪرڻ آيو آهي ۽ پاڻ (ماني) آخري نبي آهي. مانيءَ مٿان وحيءَ جي ذريعي هڪ ڪتاب به لاٿو ويو، جنهن ماني خدا جو ڪلام سڏيندو هو.

مانوي مذهب جي تعليمَ[سنواريو]

بت پرستي نه ڪيو، ڪوڙ نه ڳالهايو، بخل نه ڪيو، ڪنهن جاندر جي جان نه وٺو، زنا نه ڪيو، چوري نه ڪيو، حيلي سازي ۽ جادوگريءَ کان بچو، مذهبي معاملن ۾ شڪ کي جاءِ نه ڏيو، ڪمَ ۾ سُستي نه ڪيو، ڏينهن رات ۾ ست يا چار ڀيرا عبادت ڪيو. سال ۾ هڪ ڀيرو روزا رکو.


مانوي عقيدي جي مطابق جڏهن ڪو نيڪ مانوي مري وڃي ٿو ته ان کي جنت ملي ٿي. جنهن ۾ ۾ سڀني عيش جي سهولتن سان گڏوگڏ حورون به شامل آهن. ماني سڀني انسانن کان سٺو آهي يعني ”خير الناس“ آهي ۽ انسانيت کي ظلم جي اونڌاهه ۽ ڏاڍ کان بچائڻ آيو آهي ۽ جيڪي ماڻهو ان ڳالهه تي يقين نٿا رکن اهي سچائي کان وانجهيل آهن يا حقيقت جو رڳو ڪجهه حصو ڄاڻن ٿا (يعني ٻين نبين کي مڃڻ وارا).

ان زماني ۾ مانوي مذهب ڏاڍي مشهوري ماڻي ۽ تمام گهڻو پکڙيو. هي مذهب نه رڳو ترڪستان، اتر آفريڪا، يورپ ۽ ايران ۽ عراق ۾ پکڙيو پر اوڀر واري پاسي افغانستان، ترڪستان ۽ چين تائين به پکڙيو. جڏهن اولهه واري پاسي شام ۽ مصر کان ٿيندو قرطاجنه ۽ مراڪش پهتو، اتان پوءِ اسپين، اطاليا ۽ فرانس تائين پهتو ۽ پنهنجي بنيادي فلسفي نور ۽ ظلمت يا خير ۽ شر سان دنيا کي متاثر ڪيو. [1] [2]

حوالا[سنواريو]

  1. https://en.wikipedia.org/wiki/Mani_(prophet)
  2. گوگل جي تعاون سان، تحقيق بشر مومن