ماحولياتي گدلاڻ ۽ جنگيون
پوليوشن وارس (انگريزي ٻولي: Pollution Wars) ماحولياتي گدلاڻ جو مکيه سبب ڪنهن به ملڪ ۾ ٿيل تمام گهڻي صنعت ڪاري ۽ نيوڪليائي پروگرام جو هجڻ آهي. عام طور ڪارخانن مان نڪرندڙ مُختلف قسمن جو مواد ماحول ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس ۽ زهريلن مادن کي وڌائي ٿو. ان جي اُبتڙ جيڪي ملڪ ماحول جي بچاءُ لاءِ گهٽ صنعت ڪاري ۽ نيوڪليائي پروگرام ۾ احتياط ڪن ٿا، تن کي سدائين حد کان وڌيڪ ڪارخانا قائم ڪندڙ ۽ نيوڪلير منصوبا شروع ڪندڙ ملڪن کان ڌرتيءَ جي ماحول کي ڪنو ڪرڻ جي شڪايت رهي ٿي. ان کان سواءِ اسريل ملڪ پنهنجون پراڻيون صنعتون (جن مان ماحول جي گدلاڻ تمام گهڻي پکڙجي ٿي) جڏهن ٽيئن دنيا جي غريب ملڪن ڏانهن موڪلين ٿا، ته ان عمل سان پڻ گدلاڻ کي هٿي ملي ٿي. ماهرن جو خيال آهي ته اهڙي قسم جون حالتون ۽ شڪايتون اڳتي هلي جنگ جي صورتحال پيدا ڪنديون ۽ دُنيا جون مُختلف قومون هڪٻئي سان وڙهنديون، ڇاڪاڻ جو بدلجندڙ ماحوليات جي ڪري پاڻيءَ جي اڻاٺ، بيماريون، ۽ ٻيون ماحولياتي، نفسياتي ۽ جسماني بيماريون پيدا ٿينديون. نتيجي ۾ بين الاقوامي نظام ۾ مسئلا پيدا ٿيندا ۽ مختلف تڪرار جنم وٺندا. جن ۾ ڪجهه هيٺيان آهن.
1- غربت سبب ٿيندڙ جنگيون (Poverty Wars): غربت جي ڪري بک ۽ بدحاليءَ ۾ گذاريندڙ قبيلا يا ملڪ، جڏهن دنيا ۾ پنهنجي مُفاد ۽ بچاءُ خاطر ڪو به معاشي نظام نه ڏسندا، ته نيٺ اهي کاڌ خوراڪ ۽ بنيادي انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ جنگ وڙهڻ لاءِ ئي تيار ٿي ويندا. آفريقا ۾ ڪيترائي اهڙا قبيلا آهن، جيڪي غربت جي ڪري ماڻهن کي مارڻ، يا غلط ذريعن سان پئسو ڪمائڻ ۾ ڪو به ڊپ محسوس نه ڪندا آهن، اهو ورتاءُ اڳتي هلي بين الاقوامي برادريءَ ۾ پاڙيسري مُلڪن ۽ اتحادين وچ ۾ ويڙهه جوسبب بڻجي سگهي ٿو.
2-پاڻيءَ جي وسيلن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جنگيون (Water Wars): دُنيا ۾ پاڻيءَ جي مسئلن تي قديم زماني کان وٺي تڪرار ٿيندا آيا آهن ۽ هينئر به اهڙي صورتحال موجود آهي. جنهن جو هڪ مثال ننڍو کنڊ آهي، جتي پاڪستان جي قائم ٿيڻ ساڻ ئي پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ تي ٿيل تڪرار وارو مسئلو اڄ به هلندڙ آهي. 1960ع ۾ ”انڊس واٽربئسن ٽريٽي“ تحت پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ جو مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ڪو به حل نه نڪري سگهيو. ان معاملي تي نظر رکندڙ ننڍي کنڊ جي ڪافي دانشورن، تبصري نگارن ۽ سياسي توڙي سماجي سائنس دانن جو خيال آهي، ته جيڪڏهن پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ جو معاملو، ڪنهن مستقل حل تائين نٿو پهچي، ته پوءِ انهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ لڳڻ جا خطرا تمام گهڻا وڌي ويندا. انهيءَ امڪاني صورتحال جا وڏي ۾ وڏا سبب اهي آهن، ته پاڻي زراعت، بجلي پيدا ڪرڻ ۽ ساهدارن لاءِ پيئڻ لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو. جيڪڏهن پاڻيءَ ۾ کوٽ اچي ٿي ته انهن ٽنهي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيدا ٿين ٿيون، انهيءَ ڪري ڪو به ملڪ پاڻيءَ جا وسيلا ڪنهن به شرط تي وڃائڻ نه ٿو چاهي. پاڻيءَ جي مسئلي تي يورپ ۽ آمريڪي کنڊ جي مُلڪن کانسواءِ آفريقا ۾ سوڊان ۽ مصر سميت مُختلف ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ موجود آهي.
3- هڪ ٻئي مٿان طاقت جي زور تي حاوي ٿيڻ لاءِ جنگيون (Power Wars): ڪنهن به ملڪ ۾ فوجي معاملن ۾ جدت، صنعتي حوالي سان اڳڀرائي ۽ ائٽمي توانائيءَ وارن هٿيارن کي وڌائڻ جون ڪوششون انهيءَ ڪري ڪيون وينديون آهن، ته جيئن طاقت جي زور تي ٻين ملڪن تي حاوي ٿي سگهجي. ويهين صدي عيسويءَ جي وڏي ۾ وڏي فلاسافر ’برٽرينڊ رسل‘ (1872-1970ع) جي خيال مطابق فوجي شعبي سان گڏوگڏ چئن ٻين شعبن (سياست، معاشيات، نفسيات ۽ پروپيگنڊا/ ميڊيا) تي ڪنٽرول هجڻ سان، قومون هڪٻئي تي حاوي ٿيڻ جون ڪوششون ڪنديون آهن. انهيءَ جو مثال سوويت يونين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ سرد جنگ جو ٿيڻ آهي. دنيا جو سياسي سرشتو گذريل صديءَ تائين ٻن ملڪن (آمريڪا ۽ سوويت يونين) جي حاڪميت جي زور تي پئي هليو، پر سرد جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ، آمريڪا جي وڌيڪ سگهارو ٿي وڃڻ کانپوءِ، سڄي دنيا جي هلي چليءَ تي سندس وڌيڪ اثر آهي، جنهن ڪري هڪ رُخي نظام دُنيا ۾ طاقت جي توازن کي بگاڙي، عالمي امن کي خطرا ڏئي ڇڏيا آهن. انهيءَ حوالي سان وچ اوڀر ۾ ٿيل لڙائين سميت عراق، ايران، بوزنيا، ڪوسوو ۽ افغانستان ۾ پيدا ٿيل جنگي صورتحال اسان جي سامهون آهي. انهن سڀني جنگين جا اصل سبب، وسيلن تي ڪنٽرول ڪرڻ وارا ٻُڌايا ويا آهن.[1]