مائي جندو
ڏيک
مائي جندو Mai Jindo | |
---|---|
پيدائش | 1942 ٽنڊو بهاول، سنڌ |
قوميت | پاڪستاني |
سَرگَرمُ سالَ | 1992 کان 2000 |
شھرت جو ڪارڻ | حق لاءِ وڙهي |
مشھور ڪم | ميجر ارشد جميل جو ڪورٽ مارشل |
مائي جندو (انگريزي: Mai Jindo)[1] (پيدائش: 1942) سنڌي عورت آهي، جنهن جا ٻه پٽ ۽ نياڻو پاڪستاني فوج جي هڪ دستي ٻين ست ڳوٺاڻن سميت 1992ع ۾ قتل ڪري ڇڏيا. هن واقعي کي ٽنڊو بهاول واقعو پڻ چيو وڃي ٿو. مائي جندو ناحق خون جي انصاف لاءِ جاکوڙيندي رهي. اختيارين جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ هن جي ٻن نياڻين حاڪمزادي ۽ زيب النسا پاڻ کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو.