ليلاوتي تلسي داس هرچنداڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جنم[سنواريو]

دادي ليلاوتي تلسي داس هرچنداڻي (Leelaawati Tulsi Das Hirchandanni) جو جنم 20 ڊسمبر 1917ع تي سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ ٿيو. سندس پتا جو نالو، هوتچند واڌواڻي هو.

سوانح[سنواريو]

هن جي هڪڙي ڀيڻ ديوي ڪماري، ڇهه ڀائر آهن. جن منجهان سهجرام واڌواڻي، اُهو ته مشهور ميوزڪ ڊائريڪٽر ٿيو ۽ مشهور موسيقارن سي ارجن ۽ بلوسي رائي جو پڳ مٽ يار هو. ٻيو ايڊووڪيٽ تيرٿ داس,ماهر قانوندان، شاهه لطيف شناس، جنهن تصوف تي ڪيترائي انگريزيءَ ۾ مضمون لکيا. داديءَ جو ڀاءُ واڌواڻي تيرٿ داس مشهور شخص هو ۽ هوتچند مولچند گربخشاڻي وارا سندن پڦيءَ جا پٽ هئا. هن سڄي خاندان کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سان وڏي عقيدت آهي. دادي راڳ جي ڄاڻو، شاهه جي شيدائي ۽ رسالي جي پارکو آهي. هوءَ شاهه صاحب جون ڪافيون ۽ بيت اُڪير سان ڳائيندي آهي،

ليلاوتي تلسي داس هرچنداڻي 1951ع ۾ بي ٽي ڪئي، 1968ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪئي. 1958ع ڌاري پاڻ ڊپٽي انسپيڪٽر اسڪول مقرر ٿي، گڏ ميران هاءِ اسڪول جي هيڊ مسٽريس پڻ ۽ ان کان اڳ ميرپور خاص جي هڪ هاءِ اسڪول ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. انسپيڪٽريس آف اسڪولس جو عهدو ماڻيو. 1972ع ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر مقرر ٿي.

35 ورهين جي پخته ڄمار ۾، ليلا وتي جو وهانءُ سينٽرل جيل حيدرآباد جي ڊاڪٽر تلسي داس هرچنداڻي سان ٿيو. اولاد ۾ رڳو هڪ ئي پُٽ ڄڻيو، پرديپ ڪمار. جيڪو ”دادي ڪلينڪ“ هلائي ٿو.

کيس مرحوم عثمان علي انصاري ريڊيو تي آندو، 1952ع کان هن ريڊيو ڪراچي تان ڳائڻ جا پروگرام ڪيا ۽ داديءَ سنڌ جي ڪيترين ئي نينگرين کي پنهنجو فن منتقل ڪيو آهي، جن ۾ روبينا قريشي ۽ جيجي زرينه بلوچ جا نالا اهم آهن، 1975ع ڌاري ريٽائرمينٽ کانپوءِ آپا شمس عباسيءَ سان گڏجي، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ سوين ڪميونٽي سينٽر قائم ڪيا، جتي نياڻين جي پڙهائي ۽ ان جي واڌاري لاءِ ڪئين دلچسپ پروگرام ترتيب ڏنا. 1985ع تائين اقليت جي حوالي سان پنهنجي ڪميونٽيءَ جي نمائندي طور به هن ڪم ڪيو. جي ايم سيد، ميران محمد شاهه، علامه آءِ آءِ قاضي، مرزا قليچ بيگ، شاهه جو شارح غلام محمد شهواڻي، پروفيسر دادا منگها رام ملڪاڻي کي هن پنهني اکين سان ڏٺو. محفلن ۾ انهن سان گڏ اُٿي ويٺي ۽ کين پنهنجا راڳ ٻڌايا ۽ وندرايو.

سندن خدمتون سنڌ جي نياڻين جي تعليم ۽ تربيت جي سلسلي ۾ اهم آهن. دادي ليلا جي دور ۾ عورتن جي تعليم ايتري عام ڪونه هئي. هن مشهور ڪندن مل گرلس اسڪول مان پڙهيو. عامل خاندان جي ديوانن مان آشا/ غلام فاطمه شيخياڻي (اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ جو نالو) ساڳئي اسڪول مان پڙهندڙ هئي ۽ پوءِ ڊاڪٽر شمس عباسي ۽ پوپٽي هيراننداڻي پڻ ساڳئي اسڪول مان پڙهيون هيون. انهيءَ اسڪول جون ماسترياڻيون داديءَ چواڻي ته Oxford جون پڙهيل هيون. دادي ليلا ميوزڪ جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي ۽ بي اي ۽ ايم اي (سنڌي) فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. اپوا، ريڊ ڪراس، روٽري ڪلب، لئميڪ ۽ ٻين ادارن ذريعي هن ڪيترائي سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا آهن. هوءَ سماج سڌارڪ ۽ تعليمي ماهر ۽ فنڪار جي حيثيت ۾ سڃاتي وڃي ٿي. ٽريننگ ڪاليج فار وومين جي پرنسپال کان سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر (ٽي سال) ٿيڻ تائين پاڻ ڪيترن ئي ادارن جي سربراهي سنڀالي، سندس خدمتن جي عيوض هند توڙي سنڌ مان کيس ايوارڊن ۽ انعامن سان نوازيو ويو آهي. ڪجهه سال اڳ کيس صدارتي ايوارڊ به مليو. اڄ سئو سالن جي ڄمار جي هوندي به دادي ليلا پنهنجي جنم ڀوميءَ سنڌ ۽ سنڌين جي خدمت کي افضل ڄاتو آهي. [1]


حوالا[سنواريو]