لالا لجپت راءِ
لالا لجپت راءِ (Lala Lajpat Raai) پنجاب جو هندو ليکڪ ۽ سياستدان ٿي گذريو آهي، جنهن آزاديءَ لاءِ انگريزن سان سڄي عمر ويڙهاند ڪئي. لجپت راءِ وڪالت جي تعليم لاهور مان حاصل ڪئي ۽ ماڻهن کي سياست ۽ لکڻين ذريعي آزاديءَ جي مهم لاءِ سجاڳ ڪيو. پاڻ "آريه گزٽ" نالي اخبار به ڪڍيائين ۽ "سرونٽس آف پيپل سوسائٽي" پڻ قائم ڪئي.
سوانح عمري
[سنواريو]لالا لجپت راءِ سال 1865ع ۾ لاهور، پنجاب، برطانوي راج ۾ ڄائو. هن جي انگريزي ۾ لکيل آٽو بايوگرافي، "دي اسٽوري آف مائي لائف" تمام مشهور آهي. سندس هڪ ٻي ڪتاب به بيحد مشهور آهي، جيڪي سياست جي شاگردن ۽ سياستدانن کي ضرور پڙهڻ گهرجي. هن آخري ڪتاب "اَن هپي انڊيا" آمريڪي تاريخدان جي ڪتاب، "مدر انڊيا" جي جواب ۾ لکيو. لالا لجپت راءِ سال 1928ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.[1]
لکيل ٻي ڪتابون
[سنواريو]- The man and his work
- USA - A hindu’s impression and a Study
- England’s Debt to India
- Unhappy India
ورثو
[سنواريو]لالا لجپت راءِ جي نالي سان روڊ نه رڳو ممبئي ۾ آهي، جيڪو ممبئي ۾ حاجي علي چوڪ وٽ آهي پر لالا لجپت جي نالي سان روڊ حيدرآباد، سنڌ ۾ پڻ آهي. جنهن کي لجپت روڊ سڏيو وڃي ٿو.
حوالا
[سنواريو]- ↑ بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾ (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2016-06-07 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-01-09