مواد ڏانھن هلو

قومي شاھراھ 55

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

National Highway N–55
سنڌو شاھراھه
Indus Highway
قومی شاہراہ ۵۵
Route information
سانچو:Infobox road/meta/spur of
Maintained by نيشنل هاء وي اٿارٽي (NHA)
ڊيگهه1,264 km (785 mi)
وجود رهڻ1980ع–present
Major junctions
ڏکڻ endڪوٽري شهر
 N-5 قومي شاھراھه
N-65 قومي شاھراھه
N-70 قومي شاھراھه
N-50 قومي شاھراھه
N-80 قومي شاھراھه
اتر endپشاور
Highway system
پاڪستان ۾ رستا
پاڪستان جي شاھراھن جو نقشو، جن ۾ سنڌو شاھراھه (N-5) جي پڻ نشاندهي ڪئي وئي آهي.

سنڌو شاھراھه (انگريزي: Indus Highway؛ اردو: شاہراہ سندھ)، نيشنل هاءِ وي-55 يا اين-55 (انگريزي: N-55 National Highway؛ اردو: قومی شاہراہ ۵۵)، 1,264 ڪلوميٽر ڊگهي ٻه کان چار لين واري قومي هاءِ وي آهي، جيڪي پاڪستان ۾ سنڌو درياءَ سان گڏ هلندي آهي ۽ ڏکڻ ۾ بندرگاهه واري شهر، ڪراچي کي ڊيره غازي خان کان گذرندي، اتر-اولهه ۾ پشاور شهر سان ڳنڍيندي آهي. اها پاڪستان جي قومي هاءِ وي نيٽ ورڪ جو حصو آهي ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (NHA) پاران هلائي ۽ سنڀالي ويندي آهي. انڊس هاءِ وي ڪوهاٽ سرنگ مان گذري ٿي.

اها پاڪستان جي صوبي سنڌ، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا کي ڳنڍڻ واري ھڪ اھم شاھراھه آھي. ان کي سنڌو درياء جي اوڀرين ڪنارن تي واقع اين-5 قومي شاھراھه تي ٽريفڪ جي دٻاءَ کي گھٽ ڪرڻ ۽ ڪراچي ۽ پشاور جي وچ ۾ مختصر ۽ متبادل رستو اختيار ڪرڻ لاءِ ٺاھيو ويو. شاھراھه جي تجويز 1980ع ۾ ڏني وئي ۽ ڪم جو آغاز 1981ع ۾ ڪراچي کان ٿيو ۽ 7 سالن کانپوء پشاور ۾ مڪمل ٿيو.

پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڪوھاٽ سرنگ ھن ئي شاھراھه تي واقع آھي، جنھن تي ڪم جو آغاز 1999ع ۾ ڪيو ويو ۽ تڪميل جون 2003ع ۾ ٿي ھي پشاور ۽ ڪوھاٽ جي وچ ۾ رستي کي مختصر ڪري ٿي، ۽ درۂ ڪوھاٽ واري رستي جي مقابلي ۾ ٻنهي شهرن جي وچ ۾ رستي کي ڪم ڪندي آهي ۽ 40 منٽ وقت جو بچاء ٿيندو آهي.

شاھراھه جي شروعات ڪراچي کان ٿئي ٿي ۽ بجاءِ حيدرآباد شھر جي، سنڌو درياھه عبور ڪرڻ کان پھرين ئي ڪوٽري جو رخ ڪري ٿي ۽ پوء سنڌو درياھه جي اوڀرين ڪناري سان گڏ دادو ۽ لاڙڪاڻي، شڪارپور ۽ جيڪب آباد کان ٿيندي، پنجاب ۾ داخل ٿي ويندي آهي. پوء ڊيره غازي خان، ميانوالي ۽ تله گنگ کان گزرندي، خيبر پختونخوا جي شهر، ڊيره اسماعيل خان، دره آدم خيل ۽ ڪوھاٽ کان ٿيندي، پشاور ۾ اختتام پذير ٿئي ٿي.

لاڳاپيل مضمون

[سنواريو]
  • قومي شاھراھ 5
  • قومي شاھراھ 10
  • قومي شاھراھ 15
  • قومي شاھراھ 25

حوالا

[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

سانچو:National Highways of Pakistan


سانچو:Pakistan-road-stub