قلندر شاھ لڪياري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
قلندر شاھ لڪياري
تعليمي ماهر
جانشين Incumbent
ذاتي تفصيل
پيدائش قلندر علي
01 جنوري 1940(1940-01-01)
سجاول
وفات 4 ڊسمبر 2020 (عمر 80 سال)
ڪراچي
قوميت پاڪستاني
مادر علمي سنڌ يونيورسٽي
ڪرت پروفيسر

قلندر شاھ لڪياري (انگريزي ٻولي: Qalandar Shah Lakiyari) سنڌ جو ناليوارواديب ۽ تعليمدان هيو،[1] سندن جنم سجاول جي تعلقي ميرپور بٺوري ۾ 1940ع ۾ ٿيو. پاڻ شروعاتي تعليم ميرپور بٺوري مان حاصل ڪئي، ايم اي انگلش سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين ۽ 1970ع ۾ انگلش شعبي ۾ ليڪچرار طور ڀرتي ٿيو[2]، بعد ۾ انگريزي شعبي جو چيئرمين پڻ ٿيو. پروفيسر قلندر شاھ لڪياري ڊگهو عرصو بيمار رھڻ بعد 4 ڊسمبر 2020ع تي 80 سالن جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ جي نجي اسپتال ۾ وفات ڪئي .[3]

تعليم[سنواريو]

شروعات ۾ ميٽرڪ کانپوءِ پرائمري ماستر رهيو، ايم اي انگلش 1969ع ۾ پاس ڪيائين ۽ جنوري 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچررشپ جي نوڪري ڪرڻ لڳا، جتي 30 سال تائين تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو.

ايوارڊ[سنواريو]

قلندر شاھ لڪياري کي مارچ 2014ع ۾ صدارتي ايوارڊ تمغو امتياز سان نوازيو ويو، قلندر لال شهباز، سچل سرمست جي سالياني ميلن ۽ ٻين مختلف ادبي انجمن پاران کيس مختلف ايواڊ مليا.

ادب[سنواريو]

1956ع ۾ پهريون نظم لکي شاعري (ادب) ۾ پير پاتو ۽ مرڻ گهڙي تائين ادب سان سلهاڙيل هيو.

وفات[سنواريو]

سيد قلندر شاهه لڪياري 4 ڊسمبر 2020ع تي گھڻو عرصو بيمار[1] رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو.[4]

حوالا[سنواريو]