قلندر شاھ لڪياري
| قلندر شاھ لڪياري | |
|---|---|
| تعليمي ماهر | |
| جانشين | Incumbent |
| ذاتي تفصيل | |
| پيدائش | قلندر علي 01 جنوري 1940 سجاول |
| وفات | 4 ڊسمبر 2020 (عمر 80 سال) ڪراچي |
| قوميت | پاڪستاني |
| مادر علمي | سنڌ يونيورسٽي |
| ڪرت | پروفيسر |
قلندر شاھ لڪياري (انگريزي ٻولي: Qalandar Shah Lakiyari) سنڌ جو ناليوارواديب ۽ تعليمدان هيو،[1] سندن جنم سجاول جي تعلقي ميرپور بٺوري ۾ 1940ع ۾ ٿيو. پاڻ شروعاتي تعليم ميرپور بٺوري مان حاصل ڪئي، ايم اي انگلش سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين ۽ 1970ع ۾ انگلش شعبي ۾ ليڪچرار طور ڀرتي ٿيو[2]، بعد ۾ انگريزي شعبي جو چيئرمين پڻ ٿيو. پروفيسر قلندر شاھ لڪياري ڊگهو عرصو بيمار رھڻ بعد 4 ڊسمبر 2020ع تي 80 سالن جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ جي نجي اسپتال ۾ وفات ڪئي .[3]
تعليم
[سنواريو]شروعات ۾ ميٽرڪ کانپوءِ پرائمري ماستر رهيو، ايم اي انگلش 1969ع ۾ پاس ڪيائين ۽ جنوري 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچررشپ جي نوڪري ڪرڻ لڳا، جتي 30 سال تائين تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو.
ايوارڊ
[سنواريو]قلندر شاھ لڪياري کي مارچ 2014ع ۾ صدارتي ايوارڊ تمغو امتياز سان نوازيو ويو، قلندر لال شهباز، سچل سرمست جي سالياني ميلن ۽ ٻين مختلف ادبي انجمن پاران کيس مختلف ايواڊ مليا.
ادب
[سنواريو]1956ع ۾ پهريون نظم لکي شاعري (ادب) ۾ پير پاتو ۽ مرڻ گهڙي تائين ادب سان سلهاڙيل هيو.
وفات
[سنواريو]سيد قلندر شاهه لڪياري 4 ڊسمبر 2020ع تي گھڻو عرصو بيمار[1] رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو.[4]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 "ناليوارو محقق، اديب پروفيسر قلندر شاهه لڪياري بيمار، ڪراچي منتقل", Awami Awaz (ٻولي ۾ اردو), 28 نومبر 2020, حاصل ڪيل 04 ڊسمبر 2020۔
- ↑ "Call for research on Tasawwuf", DAWN.COM (ٻولي ۾ انگريزي), 03 آگسٽ 2010, حاصل ڪيل 21 ڊسمبر 2019۔
- ↑ "سيد قلندر شاهه لڪياري : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 21 ڊسمبر 2019۔
- ↑ https://pahenjiakhbar.com/news_paper/%d9%86%d8%a7%d9%85%d9%8a%d8%a7%d8%b1%d9%88-%d8%a7%d8%af%d9%8a%d8%a8%d8%8c-%d8%aa%d8%b9%d9%84%d9%8a%d9%85%d9%8a-%d9%85%d8%a7%d9%87%d8%b1-%db%bd-%d9%85%d8%ad%d9%82%d9%82-%d9%82%d9%84%d9%86%d8%af%d8%b1/%5Bمئل+ڳنڍڻو%5D