قصاص

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
قصاص جي معنیٰ آھي بدلو


قصاص:Qisas:

قصاص جی معنیٰ برابر بدلو آھي يعني جان جي عيوض جان، مال جي عيوض مال، اک جي بدلي اک، ڏند جي بدلي ڏند وغيره. قرآن جي سورة البقرة جي آيت نمبر 178 ۾ چيل آهي تہ:

يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا كُتِبَ عَلَيْكُمُ الْقِصَاصُ فِي الْقَتْلَى ۖ الْحُرُّ بِالْحُرِّ وَالْعَبْدُ بِالْعَبْدِ وَالْأُنثَىٰ بِالْأُنثَىٰ ۚ فَمَنْ عُفِيَ لَهُ مِنْ أَخِيهِ شَيْءٌ فَاتِّبَاعٌ بِالْمَعْرُوفِ وَأَدَاءٌ إِلَيْهِ بِإِحْسَانٍ ۗ ذَٰلِكَ تَخْفِيفٌ مِّن رَّبِّكُمْ وَرَحْمَةٌ ۗ فَمَنِ اعْتَدَىٰ بَعْدَ ذَٰلِكَ فَلَهُ عَذَابٌ أَلِيمٌ ﴿١٧٨﴾
ترجمو:اي مؤمنؤ! خون ٿيلن بابت اوھان تي (بدلي وٺڻ ۾) برابري لازم ڪئي ويئي (جيئن تہ) آزاد جي عيوض آزاد ٻانھي جي عيوض ٻانھو ۽ عورت جي عيوض عورت آھي، پوءِ جنھن کي سندس ڀاءُ جي طرفان ڪجھ ڇڏيو وڃي تہ پوءِ (خون بھا وٺڻ ۾) چڱيءَ ريت سان (ان جي) پويان پوڻ گھرجي ۽ ان (وارث) ڏانھن (خون جي بھا) چڱيءَ ريت سان پھچائڻ گھرجي، اِھو (حڪم) اوھان جي پالڻھار وٽان ھلڪائي ۽ ٻاجھ آھي، پوءِ جيڪو ھن (حڪم) کانپوءِ زيادتي ڪندو تنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي

— القرآن، البقرة-178

تفھيم القرآن مٿئين آيت جي تفسير ۾ لکي ٿو تہ قصاص يعني خون جو بدلو خون، اھو ايئن تہ ماڻھو سان اھو ڪيو وڃي جيئن ان ٻئي ماڻھو سان ڪيو. پر ان جو مطلب اھو ناھي تہ قاتل جنھن طريقي سان مقتول کي قتل ڪيو ان طريقي سان کيس قتل ڪيو وڃي پر قصاص جو مطلب صرف اھو آھي تہ جان وٺڻ جي فعل جيئن ان مقتول سان ڪيو ايئن ھن سان بہ ڪيو وڃي.مولانا مودودي لکي ٿو تہ مٿين آيت ۾ ڀاء جو لفظ نرمي جي لاءِ سفارش طور استعمال ٿيل آهي ان جو مطلب آھي ته وير جي باوجود اھو ھڪ انساني ڀاء آھي ۽ ان گنھگار انساني ڀاء جي لاءِ اگر تون ڪاوڙ پي سگھين تہ اھو تنھنجي شان وارو عمل آهي. اسلامي تعزيري قانون م قتل جو ڏوھ راضي نامي جي قابل آھي. مقتول جي وارثن کي حق ٿو پھچي تہ قاتل کي معاف ڪن، ان لاءِ عدالت جي لاءِ اھو جائز ناھي تہ قاتل جي جان وٺڻ تي اصرار ڪري . ان جي باوجود آيت م اھو حڪم آھي ته معافي جي صورت ۾ قاتل خون بھا ادا ڪري.مٿئين آيت ۾ استعمال ٿيل لفظ معروفلاء مولانا مودودي تفھيم القرآن ۾ لکي ٿو تہ ان لفظ جو استعمال قرآن ۾ ڪثرت سان ٿيل آهي جنھن جي معني اھڙو صحيح طريقو جنھن سان عام انسان واقف ھوندا آھن جنھڻ لاءِ ھر اھو ماڻھو جنھن جو ان ۾ ذاتي مفاد وابسته نہ ھجي ان طريقي کي ڏسي اھو چئي ڏئي تہ بي شڪ اھو حق ۽ انصاف آھي ۽ اھو ئي مناسب طريقو آهي . رواج عام(common law) کي به اسلامي اصطلاح ۾ عرف يا معروف سمجھيو ويندو آھي ۽ اھو اھڙن سڀني معاملن ۾ معتبر آھي جن ۾ شريعت ڪو خاص قاعدو مقرر نہ ڪيو آھي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: تفھيم القرآن؛ جلد 1 ؛مولانا ابوالاعلي مودودي؛ صہ 137,138,139؛ اداره ترجمان القرآن، لاھور } }