قرامطي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

عمان ۽ بحرين، بلوچستان جي آمهون سامهون آهن. بلوچن مڪران جي ميدن کي شڪست ڏيئي، جاٽن جي مقابلي ۾ پنهنجو طرفدار ڪيو هو. سنڌ جي عربي حڪومت يمانين ۽ نيزارين جي جهڳڙن ڪري ڪمزور ٿي چڪي هئي. بلوچن ۽ ميدن گڏجي منصوره تي ڏکڻ کان ۽ جاٽن اتر کان حملا ڪرڻ شروع ڪيا هئا. سنڌ جي ڪاهه وقت بلوچن عربن کي مدد ڏني هئي ۽ ڪجهه وقت بني اميه سلطنت جا طرفدار هئا، سي جلد سازشي جماعتن جا طرفدار ٿي بيٺا: مثلا، هشام بن عبدالملڪ جي زماني ۾ بني اميه سلطنت اندر ٽي مخالف جماعتون پيدا ٿيون هيون:

(1) شيعا جن کي پهريائين علوين سان ۽ پوءِ فاطمين (Faatmeen) سان همدردي هئي، (2) خود بني اميه وارا، جيڪي حڪومت جا حامي هئا ۽ حجاز تائين پکڙيل هئا ۽ (3) خارجي، جيڪي ظاهري علوين جا طرفدار هئا، پر مٿين جماعتن کي پاڻ ۾ ويڙهائي تماشو ڏسندا هئا. بلوچ جيڪي فطري جنگجو هئا، سي پهرينءَ ۽ پوئينءَ جماعت سان شامل هئا.

ڪابه انقلابي تحريڪ خراسان يا عراق ۾ منهن ڪڍندي هئي، ته جهٽ ان جو اثر مڪران، سجستان ۽ سنڌ تي پوندو هو. امين ۽ مامون جي جنگ وقت بلوچن خراسان جي لشڪر ۾ ڀرتي ٿي، طاهر ذواليمين جي جهنڊي هيٺ، مامون جو طرف ورتو هو. جاٽن، بصري ڏانهن ويندڙ سڙڪ تي، لٽ مار مچائي ڏني هئي. هيڏانهن ميدن سنڌو نديءَ جي ڊيلٽا کان وٺي ويندي مڪران جي ڪناري تائين فساد کڙا ڪيا هئا.

بڪير بن ماهان بلوچ عباسي تحريڪ جو داعي ۽ نقيب هو، سندس دعوت تي سنڌو نديءَ کان وٺي فرات تائين رهندڙ بلوچي قبيلا، ميد ۽ جاٽ عباسين جا طرفدار ٿي بيٺا. سنه 128هه ۾ ابو مسلم خراساني بلوچن جي هڪڙي سردار جديع ڪرمانيءَ جي مدد سان عباسين جي ڪاري جهنڊي کي مرو جي جبلن تي کوڙڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو. منصور عباسي بغداد جي تعمير کان پوءِ بلوچن جي يادگار لاءِ بغداد جي هڪڙي دروازي تي ’باب خراسان‘ نالو رکيو هو. بلوچن مان اڄ به هڪڙو قبيلو مڪران ۾ ’نقيب‘ سڏجي ٿو.

خاران جا نوشيرواني نواب منوچهر جي نسل مان آهن، جي عمر بن عبدالعزيز جي دعوت تي مسلمان ٿيا هئا.[1]

ڊي بوئر، ڊچ مستشرق جي بيان موجب، سنه 281هه ۾، ڪوفي جي هڪڙي غالي شيعي حمدان قرامطيءَ (Qaraamati) نئون مذهب يا فرقو ٺاهيو. انهيءَ ئي سال قرامطي معتقدن مان يحيا بن مهدي بحرين ۾ وارد ٿي ۽ اهڙيءَ طرح بحرين فسادن جو مرڪز بنجي ويو. سنه 286هه ۾ ابو سعيد الجنابيءَ کُليءَ طرح بحرين وارن کي نئين مذهب جي دعوت ڏني. سنه 287هه ۾، هن شامي لشڪر کي شڪست ڏيئي، بصري تي قبضو ڪيو ۽ پوءِ حجر به سندس قبضي هيٺ اچي ويو. سنه 291هه ڌاري قرامطي يمن تائين پکڙجي ويا. سنه 311هه ۾ قرامطين ابو طاهر سليمان بن ابي سعيد جنابيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ مڪه معظمه تي ڪاهي، ڪعبي پاڪ مان حجر اسود (Hajir Aswad) پٽي، پاڻ سان عراق ڏانهن نيو ۽ ان جي نتيجي ۾ حج ڪيترا سال صفا بند ٿي ويو. آخر خليفي مطيع بالله کين وڏي رقم ڏيئي، حجر اسود خانه ڪعبه ۾ موٽائي آندو.

سنه 355هه ۾ آل بويه وارن عمان تي ڪاهي، قرامطين کي شڪست ڏني. بلوچن به ڪرمان کان وٺي سنڌ جي سرحد تائين ڏهڪاءُ ۽ ڦرمار ڪرڻ جي نتيجي ۾ بويه وارن کان شڪست کاڌي. بويه وارن کان هارائڻ کان پوءِ، قرامطين، مڪران جي ڪناري کي وسايو. ستت ئي سندن مڪران جي رند بلوچن سان مائٽي ٿي ويئي. سندن تحريڪ بلوچستان ۾ اهڙو زور ورتو، جو مڪران کان سروان ۽ نوشڪي ۽ سيستان تائين رهندڙ بلوچن ۽ براهوئن جا قبيلا ساڻن شريڪ ٿي ويا. تنهن کان پوءِ ميدن کي شڪست ڏيئي، مڪران جي بندر ’ڪلمت‘ کي مرڪز ٺاهي، سنڌ ۽ گجرات جي ڪناري وارن شهرن تي ڌاڙا هڻڻ لڳا.

بلوچن ۾ هڪڙو قبيلو قمراطي آهي، جو ڪلمتي سڏجي ٿو. انهن عمان کان نڪري مڪران جي بندر ڪلمت کي وسايو. اڄ به سندن سرداري قائم آهي. ڪلمتين پورچوگيزن سان جنگيون جوٽيون هيون.[2] [3]

حوالا[سنواريو]

  1. Gazetteer of Kharan, Ghp. History by: C.F. Minchin
  2. R. Hughes-Buller, Makran, Population, Kalmatis.
  3. جنت السنڌ، تصنيف: رحيمداد خان مولائي شيدائي