مواد ڏانھن هلو

فندق

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فندق (عربي: جلوز، فارسي: بندق، هندي/اردو وغيره: بادام ڪشميري قار دونا ۽ فيطيفا) گول داڻا بادامي رنگ تي، زردالو جي بادامين جيڏا ٿيندا آهن.

خاصيت: هن جو مغز ماکيءَ ۾ گڏي کارائبو تہ بدن کي ٿلهو ڪندا، قوت باھ ۽ منيءَ کي زياده ڪن ٿا، کنگهہ، دمڪشي، گڙدن، مثاني جي هيڻائي، پيشاب جي ساڙي، مثاني جي پٿري، دماغ ۽ رحم جي رطوبت کي خشڪ ڪرڻ، وار چري، دماغ، آنڊن ۽ اندرين پردن کي تقويت ڏئي ٿو، هن جو تيل بلغمي کنگهہ، سيني جي سور جگر جي سور لاءِ مفيد آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. فرھنگ جعفري، ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.