فقير محمد سومرو
فقير محمد سومرو Faqeer Muhammad Soomro | |
|---|---|
فقير محمد سومرو جي فوٽو | |
| اصلي نالو | فقير محمد سومرو |
| ڄمڻ | 01 مارچ 1955 هنڱورجا, خيرپور ضلعو، سنڌ |
| پيشو | ليکڪ ، نثر نويس ۽ سفرناما نگار |
| تعليم | میٽرڪ |
| دور | سال 1955 - ھينئر تائين |
| اولاد | محمد عارف سومرو |
حاجي فقير محمد سومرو (انگريزي:Haji Fakir Muhammad Soomro ) سنڌي ٻولي جو ليکڪ ، نثر نويس ۽ سفرناما نگار آهي.
زندگي جو احوال
[سنواريو]حاجي فقير محمد سومرو مولوي الھ بخش سومرو جي گهر ۾ پهرين مارچ 1955ع ۾ جنم ورتو. سندس جنم سنڌ جي خيرپور ضلعو جي شهر هنڱورجا ۾ ٿيو. هن پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم پنهنجي شهر ۾ حاصل ڪئي[1][2]
ادبي خدمتون
[سنواريو]فقير محمد سومرو کي ننڍپڻ کان لکڻ جو شوق هو. هن مختصر مضمون لکڻ شروع ڪيا. سندس لکڻيون مختلف موضوعن تي اخبارن جي زينت بڻيون. سندس ٻه ڇپيل ڪتاب آهن. فقير محمد سومرو نه صرف قلم ڌڻي آهي پر هڪ بهترين هنرمند شخص آهي. هن مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي وڏڙن جي ڊکاڻڪي ڪرت شروع ڪئي. هن پنهنجي ڪرت ۾ وڏو نالو ڪمايو. هن عرب امارات، دبئي، ابوظهبي ۽ سعودي عرب ۾ پڻ ڊکاڻڪي هنر ۾ پاڻ مڃايو. هيءُ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۾ اوورسيئر رهيو ۽ رٽائرڊ ٿيو. علم ادب سان لاڳاپيل هئڻ سبب ڪتابن سان پڻ سندس چاھ رهيو آهي. هن جو والد مولوي الهه بخش سومرو پنهنجي وقت جو مشهور عالم ٿي گذریو آهي.[1]
ڪتاب
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- 1 2 "سومرو حاجي فقير محمد : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. Retrieved 2020-04-12.
- ↑ "رائٹرز ایم آئی ایس – پاکستانی اہل قلم" (in آمريڪي انگريزي). Retrieved 2020-04-12.
- ↑ "File:Faqeer Muhammad Soomro - Soomran Jo Shujro.jpg - Wikipedia". commons.wikimedia.org (in انگريزي). Retrieved 2020-04-12.
- ↑ "سومرن جو شجرو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. Retrieved 2020-04-15.
- ↑ Express.pk (2019-06-11). "روح پرور سفر - ایکسپریس اردو". www.express.pk. Retrieved 2020-04-12.