غير قافيہ شاعري
غير قافيہ شاعري (Un-rhymed) اها شاعري، جيڪا قافيي کان بغير هجي، ان قسم جي شاعريءَ ۾ آزاد نظم، نظم مصريٰ، بلئنڪ ورس ۽ فري ورس جا نمونا اچي وڃن ٿا. غير قافيہ شاعريءَ تي حمايت ۽ مخالفت ۾ بہ ڪافي ادبي بحث رهيا آهن. سنڌي ادب ۾ غير قافيہ شاعري اجنبيت جي دَور مان گذري، اصليت جي راھ تي اچي چڪي آهي.[1][2]
بلئنڪ ورس
[سنواريو]بلئنڪ ورس اهڙي شاعري آهي، جيڪا باقاعده وزن يا بحر ۾ لکيل هوندي آهي، پر ان ۾ قافيو استعمال نه ڪيو ويندو آهي. انگريزي شاعريءَ ۾ بلئنڪ ورس گهڻو ڪري آئيمبڪ پينٽاميٽر جي بحر ۾ لکيو ويندو آهي.[3][4]
Of man's first disobedience, and the fruit
Of that forbidden tree, whose mortal taste
Brought death into the world, and all our woe,
With loss of Eden, till one greater man
....
—جان ملٽن (پيراڊائيز لاسٽ مان)
سنڌي ترجمو:
انسان جي پهرئين نافرمانيءَ جو داستان،
۽ اُن منع ڪيل وڻ جي ڦل جو ذڪر،
جنهن جي چکڻ سان دنيا ۾ موت ۽ سمورا ڏک آيا،
۽ عدن جي باغ جي نعمت وڃائجي ويئي،
تان جو هڪ عظيم انسان نجات جو رستو کوليو.
فري ورس
[سنواريو]فري ورس اهڙي شاعري آهي، جنهن ۾ نه ڪو مقرر بحر هوندو آهي ۽ نه ئي لازمي قافيو. جيتوڻيڪ فري ورس ۾ ڪڏهن ڪڏهن قافيو استعمال ٿي سگهي ٿو، پر عام طور تي ان ۾ قافيي جي پابندي نه هوندي آهي.[5][6]
Whirl up, sea—
Whirl your pointed pines
Splash your great pines
On our rocks,
Hurl your green over us,
Cover us with your pools of fir.
—ايڇ. ڊي.
سنڌي ترجمو:
اڀري اچ، اي سمنڊ!
پنهنجن نوڪدار لهرن کي گهما،
پنهنجي عظيم ڇولين کي
اسان جي پٿرن تي اڇلاءِ،
پنهنجي سائي ڇانوَ اسان تي وڇاءِ،
۽ اسان کي پنهنجي نيري ڇولين ۾ ڍڪي ڇڏ.
حوالا
[سنواريو]- ↑ ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
- ↑ سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد
- ↑ Shaw, Robert Burns (2007). Blank Verse: A Guide to Its History and Use (انگريزي ۾). Ohio University Press. ص. 1. ISBN 978-0-8214-1757-7.
- ↑ Strachan, John (2011-07-07). Poetry (انگريزي ۾). Edinburgh University Press. ص. 83. ISBN 978-0-7486-8079-5.
- ↑ Greene, Roland; Cushman, Stephen; Cavanagh, Clare; Ramazani, Jahan; Rouzer, Paul; Feinsod, Harris; Marno, David; Slessarev, Alexandra (2012-08-26). The Princeton Encyclopedia of Poetry and Poetics (انگريزي ۾). Princeton University Press. ص. 522–25. ISBN 978-0-691-15491-6.
- ↑ Hartman, Charles O. (2015-03-30). Verse: An Introduction to Prosody (انگريزي ۾). John Wiley & Sons. ص. 168. ISBN 978-0-470-65600-6.