غلام محمد شاهواڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

غلام محمد شاهواڻي(انگريزي: Ghulam Muhammad Shahwani) ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ حيدرآباد جي نور محمد ھاء اسڪول جو ھيڊ ماستر رھيو ۽ ان بعد گورنمينٽ ھاء اسڪول حيدرآباد جو ھيڊ ماستر ٿيو.پاڻ سنڌ جو مشھور اديب ھيو. شاھ جي شاعري سان لڳاءُ ھيس ۽ ھن شاھ جو رسالو وڏي محنت سان مرتب ڪيو . مولانا گرامي لکيو آهي تہ سندس اھا خواھش ھئي تہ مرڻ کان اڳ شاھ جي رسالي جو ھڪ ڇپيل جلد ڏسي. سندس اھا خواھش پوري ٿي پر سخت محنت ڪري بيمار ٿي پيو کيس علاج لاءِ لاھور کڻائي ويا جتي 14 ڊسمبر 1950 ۾ وفات ڪري ويو..[1]

سندس ڪتاب[سنواريو]

ھن مولانا جلال الدين رومي جي مثنوي جا ٻہ جلد نثر ۾ شايع ڪرايا جن جو نالو ھن "علمي خزانو"رکيو. ھن ڪتاب فتوح الغيب، گلستان سعدي جا سنڌي ۾ ترجما ڪيا. سندس ٻيا ڪتاب ھيٺيان آھن:.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995 ص:10}
  2. {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995 }