مواد ڏانھن هلو

ادبي اصول

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ھي ڪتاب غلام محمد شاهواڻيءَ جو لکيل آهي. ڪتاب جو پهريون ڀاڱو ڪرائون سائيز جو آهي ۽ -ان- جو ڪچو جلد آهي، جنهن ۾ 112 صفحا آهن ۽ قيمت ڏيڍ رپيو ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، خيرمحمد حاجي سليمان نظاماڻيءَ، آفتاب پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1941ع ۾ ڇپايو. -آر-. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد سال 1954ع ۾ هن جو ٻيو ڇاپو ڇپايو ۽ ڇاپو ٽيون، سال 1962ع ۾، ڇاپو چوٿون 1965ع ۾، ڇاپو پنجون، فردوس پرنٽنگ پريس مان سال 1969ع ۾ ڇپيو. ساڳئي ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو پڻ غلام محمد شاهواڻيءَ جو لکيل آهي. هن ڪرائون سائيز ڪتاب جو ڪچو جلد آهي، جنهن ۾ 95 صفحا آهن ۽ قيمت سوا رپيو ڄاڻايل آهي، ڇاپو پهريون، -آر-. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، آفتاب اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1956ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.[1]

حوالا

[سنواريو]