ادبي خزانو
ڏيک
ادبي خزانو ڪتاب جو مصنف مرحوم غلام محمد شاهواڻي آهي، جيڪو آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، شاهي بازار، حيدرآباد وارن ڇپيو. ڪتاب جا صفحا 114 آهن ۽ قيمت هڪ رپيو آهي. اُن جو ڇاپو پھريون 1955ع ۾ شايع ٿيو.[1]
هن نالي سان ٻيو هڪ جدا ڪتاب عابد لغاريءَ جو لکيل آهي. هن ڊبل ڪرائون سائيز ڪتاب جو ڪچو جلد آهي، جنھن ۾ 323 صفحا آهن ۽ قيمت 3 رپيا ڄاڻايل آهي. رهبر پبليڪيشن، حيدرآباد طرفان اُن جو ڇاپو پھريون، جمالي پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1968ع ۾ پڌرو ٿيو.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ادبي خزانو : (Sindhianaسنڌيانا), اصل نسخو مان 2024-12-13 تي محفوظ ڪيل, 2016-05-23 تي حاصل ڪيل
- ↑ ادبي خزانو (ڪتاب) : (Sindhianaسنڌيانا), اصل نسخو مان 2024-05-30 تي محفوظ ڪيل, 2024-05-30 تي حاصل ڪيل