غلام حسين شاهه بخاري
| غلام حسين شاھ بخاري | |
|---|---|
| پيدائش | 1932 (عمر 93–94) ديھ ڊرٻ چانڊيو، قمبر شھدادڪوٽ، لاڙڪاڻو ڊويزن، پاڪستان |
| وفات | 26 جنوري 2023ع ڪراچي |
| مڪتبه فڪر | سني اسلام، حنفي، صوفي، نقشبندي |
غلام حسين شاهه بخاري (انگريزي ٻولي: Ghulam Hussain Shah Bukhari؛ پ. 1932ع – و. 26 جنوري 2023ع)، سنڌي اسلامي عالم ھو. ھن جو تعلق صوفين جي نقشبندي سلسلي سان ھو. ھي پاڪستان جي ھڪ وڏي مذھبي اداري درگاھ حسين آباد جو والي پڻ ھو.[1][2]
شروعاتي زندگي
[سنواريو]غلام حسين شاهه بخاري قمبر شھداد ڪوٽ جي ڳوٺ ڊرٻ چانڊيا ۾ 1932ع ۾ پيدا ٿيو. ھن جو تعلق صوفين جي نقشبندي سلسلي سان ھو، ھن مذھبي تعليم پنھنجي والد سيد گل محمد شاھ کان ورتي. ھن خوشي محمد تنيو، غلام محمد چانڊيو ۽ علي گوھر مستوئي کان پڻ تعليم ورتي.[حوالو گهربل] ھن 1980ع ۾ درگاھ حسين آباد نالي سان ھڪ مسجد ۽ مدرسو تعمير ڪرايو، جتي مذھبي تعليم ۽ رھائش مفت ڏني ويندي آھي. ھي تنظيم اصلاح فقرا الحسينيا جو پڻ سربراھ ھو، جيڪا تنظيم پڻ ماڻھن ۾ مذھبي پرچار ڪندي آھي. حسين شاھ پھرين پنھنجي ڳوٺ ڊرٻ چانڊيو ۾ درگاھ قائم ڪئي، ان کان پوءِ بلوچستان جي تنبو تعلقي ۾ ھڪ آستانو جوڙيو. ان کان پوءِ حسين شاھ قمبر جي سرھيا پاڙي ۾ رھيو ۽ قمبر ريلوي اسٽيشن لڳ درگاھ حسين آباد قائم ڪيو.[3] [2] غلام حسين شاهه کي 4 پٽن جو اولاد ٿيو، سندس وفات کان پھرين 3 پٽ فوت ٿي ويا، جڏھن ته سندس ٻيو نمبر وڏو پٽ عطاالله شاهه درگاهه جو سجاده نشين ھو.[4] 2013 ۾ ھن جي مٿان جيڪب آباد لڳ دھشتگردن قاتلاڻو حملو پڻ ڪيو، جنھن ۾ سندس پوٽو شفيق شاھ قتل ٿي ويو.[5]
ھي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ 26 جنوري، 2023ع تي وفات ڪري ويو.[6] سندس وفات جي سوڳ ۾ قمبر تعلقي جي تعليمي ادارن کي ھڪ ڏينھن لاءِ بند ڪيو ويو.[7]
وڌيڪ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "Spiritual leader's grandson killed in 'sectarian' attack". Daily Dawn. February 21, 2013. June 30, 2014 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 "Cleric targeted in Jacobabad last week teaches only the message of peace". Daily Tribune.com.PK. February 24, 2013. June 30, 2014 تي حاصل ڪيل.
- ↑ حسين شاھ مذھبي تعليم حماد اللہ ھاليجوي وٽ پرائي آرڪائيو ڪيا ويا 27 January 2023 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., روزاني ڪاوش (27 January 2023)
- ↑ ناليوارو مذهبي اڳواڻ غلام حسين شاهه قمبر وارو لاڏاڻو ڪري ويو: شهر بند: مريدن ۾ سوڳ آرڪائيو ڪيا ويا 27 January 2023 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., پنھنجي اخبار (27 January 2023)
- ↑ "غلام حسين شاهه تي جيڪب آباد ۾ بم حملو ٿيو هو، سندس پوٽو شهيد ٿي ويو هو". پنھنجي اخبار. اصل نسخو مان 27 January 2023 تي محفوظ ڪيل. 27 January 2023 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: More than one of|accessdate=and|access-date=specified (مدد); More than one of|archivedate=and|archive-date=specified (مدد); More than one of|archiveurl=and|archive-url=specified (مدد); Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ web, des (26 January 2023). "ناليوارو مذهبي اڳواڻ غلام حسين شاهه قمبر وارو لاڏاڻو ڪري ويو". عوامي آواز. awamiawaz.pk. عوامي آواز. 26 January 2023 تي حاصل ڪيل.
- ↑ قمبر وارو سائين حسين شاھ بخاري لاڏاڻو ڪري ويو آرڪائيو ڪيا ويا 27 January 2023 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., روزاني ڪاوش (27 January 2023)
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Articles containing انگريزي-language text
- اڻ تصديق ٿيل دعوائن وارا مضمون
- اڻ تصديق ٿيل دعوائن وارا مضمون from July 2023
- Articles with invalid date parameter in template
- CS1 errors: unsupported parameter
- CS1 errors: redundant parameter
- تصوف
- سنڌي شخصيتون
- 1932ع جون پيدائشون
- 2023ع جون وفاتون
- سنڌي ماڻھو