عيد
ڏيک

عيد مسلمانن جو تهوار جو آھي. مسلمان ٻہ عيدون ملھائيندا آهن (ھن کان سواء جمعه المبارڪ کي پڻ مسلمانن لاء عيد جو ڏينھن مقرر ڪيو ويو آهي)؛ هڪ کي عيد الفطر ۽ ٻي کي عيدالاضحيٰ چيو ويندو آهي. پھرين عيد اسلامي مھيني رمضان ۾ روزا رکڻ جي پڄاڻيءَ کانپوءِ شوال جي پھرين تاريخ تي ھوندي آھي. جڏھن تہ ٻي عيد اسلامي ڪيلينڊر جي آخري مھيني ذوالحج جي ڏھين تاريخ تي ھوندي آھي، ۽ ان عيد تي چوپائي جانورن جي قرباني ڪئي ويندي آھي.