مواد ڏانھن هلو

عنايت انڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Inayat Unar
عنايت انڙ
ڄم 1 آگسٽ 1978ع
ڳوٺ دين محمد انڙ ، تعلقو ۽ ضلعو مٽياري، سنڌ
ڌنڌو ليکڪ، تعليمي ماھر
قوميت پاڪستاني
شهريت پاڪستاني
تعليم ايم اي (سنڏي)، ايم ايڊ
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو
موضوع سنڌي ادب

عنايت انڙ (انگريزي: Inayat Unar)ھڪ ناليوارو شاعر، نثرنويس ۽ محقق آھي. ھن جا ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آھن.

جنم ۽ تعليم

[سنواريو]

عنايت انڙ جو جنم پھرين آگسٽ 1978ع تي مٽياري تعلقي جي ڳوٺ دين محمد انڙ ۾ ٿيو. ھن مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ ھاءِ اسڪول موسيٰ کٽياڻ مان پاس ڪيو. ٻارھين ڪلاس جو امتحان ٽنڊي ڄام مان پاس ڪيائين. اڳتي ھلي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم اي (پاڪستان اسٽڊيز) جي سند حاصل ڪيائين. ان کان علاوہ بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جون سندون بہ حاصل ڪيائين. ھن پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول جي استاد طور ڪئي.[1] اڳتي ھلي ڪميشن جو امتحان پاس ڪري 2025ع ۾ تعليم کاتي ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو.

ادبي ڪاوشون

[سنواريو]

عنايت انڙ کي ننڍي ھوندي کان ئي ادبي ڪتاب پڙھڻ ۽ لکڻ جو شوق رھيو. ھو ھڪ سٺو شاعر ۽ نثرنويس آھي. ھن جي شاعري ۽ تحقيقي مضمون سنڌ جي ساک وارن رسالن ۽ اخبارن جي زينت بنجندا رھيا آھن. ھو سنڌي ادبي سنگت جي ٽنڊوڄام واري شاخ جو سرگرم ميمبر آھي[2].

ڇپيل ڪتاب

[سنواريو]

عنايت انڙ جا ھن وقت تائين ھيٺيان ڪتاب ڇپجي چڪا آھن:[3]

  • مخزن اعجاز
  • اکر اکر ۾ اسرار
  • حقيقت جا ھوڪا

حوالا

[سنواريو]
  1. Sindh, Pakistan and Beyond, August 01, 2023
  2. مختيار انڙ: اڄوڪو ڏينھن، روزاني عبرت، حيدرآباد سنڏ.
  3. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2023-08-01 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2023-08-01