عقد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عقد (Aqad) جي لفظي معنيٰ آهي ”ڳنڍ“ يا گرھ. اصطلاحي معنيٰ ۾ ان شعر کي چئبو آهي، جنهن ۾ ڪابہ قرآن شريف جي آيت، ان جو جز، حديث يا ڪنهن مشهور قول/چوڻيءَ کي اهڙي طرح منظوم ڪيو وڃي، جو ان ۾ تغير اچي وڃي. شاھ عبداللطيف، سچل سرمست ۽ ٻين ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعريءَ ۾ اهڙا انيڪ مثال موجود آهن. مثال طور شاھ جو هي شعر ڏسو: تو جنين جي تات، تن پڻ آهي تنهنجي فازکروني اذڪرڪم، اي پروڙج بات ته ڪاتي ڳڙوات، پڇڻ پر پرين جي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.