عصمت ڏاهري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عصمت ڏاھري: ھڪ سماج سڌارڪ ۽ شاعرا ھئي، سندس جنم سال 1949ع لکنؤ ۾ ٿيو.[1]

شروعاتي زندگي ۽ تعليم[سنواريو]

عصمت جو جنم لکنئو ۾ محمد ايوب خان يوسف زئيءَ جي گھر ۾ ٿيو. سندس ماءٌ پيءُ 1954ع ڌاري لکنؤ منجھان لڏپلاڻ ڪري نوابشاهه سنڌ ۾ اچي رهڻ لڳا.

هن پنهنجي تعليم نوابشاهه مان حاصل ڪئي. شاگرديءَ واري دور کان ئي تعليمي توڙي سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندي رهي، کيس ادبي ۽ سماجي ڪمن ۾ گهري دلچسپي رهي آهي.

شادي کان پوءِ[سنواريو]

تعليم پوري ڪرڻ بعد نوابشاهه جي ڊاڪٽر محمد عمر ڏاهريءَ سان شادي ڪيائين، جنهن بعد پنهنجي نالي ۾ يوسف زئي بدران ڏاهري لکڻ شروع ڪيائين.

سماجي خدمتون[سنواريو]

هن سماج ۾ عورتن جي اڻ برابريءَ، وارين حالتن کي ڏسي انهن جي حقن لاءِ جاکوڙڻ شروع ڪيو. 1972ع ڌاري عورتن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم ’پاڪستان وومين ائسوسيئيشن'آل پاڪستان وومين ائسوسيئيشن‘ (اپوا) نوابشاهه جي ميمبر ٿي، ڪجھه عرصي بعد ان تنظيم جي جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ٿي. تنطيم ۾ سچائيءَ سان ڪم ڪرڻ سبب اڳتي هلي سيڪريٽري ۽ بعد ۾ صدر به چونڊي وئي. ان کانسواءِ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ايجوڪيشنل ويلفيئر سوسائٽي، فيملي ويلفيئر ايسوسيئيشن ۽ ٻين ڪيترين ئي تنظيمن سان پڻ لاڳاپيل آهي.

شاعريءَ وارو دور[سنواريو]

عصمت ڏاهري سماجي ڪارڪن هجڻ سان گڏ بهترين شاعره پڻ آهي، سندس شاعري اڪثر اردو ۾ آهي، جڏهن ته سنڌيءَ ۾ پڻ شاعري ڪئي اٿس. اردوءَ جي مشهور رسالن، اخبار جهان، امن، جنگ، انجام، مشرق ۽ ٻين ڪيترن ئي رسالن ۾ سندس شاعري ڇپيل آهي، ان کان علاوه هن وقت تائين سندس شاعريءَ جا ٽي ڪتاب پڻ ڇپجي چڪا آهن، کيس سماجي خدمتن عيوض سنڌ حڪومت طرفان ٻه ڀيرا گولڊ ميڊل پڻ ملي چڪا آهن. عصمت ڏاهري هن وقت نوابشاهه ۾ رهي ٿي.[2]

  1. . https://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%DA%8F%D8%A7%D9%87%D8%B1%D9%8A%20%D8%B9%D8%B5%D9%85%D8%AA
  2. "شاعره عصمت ڏاھري". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-04-12.