عربن تي آرين جو اثر
ڏيک
آڳاٽي زماني ۾ وچ ايشيا کان وٺي ايران تائين آرين جون بيٺڪون هيون. آرين وانگر عرب به ٺاڪرن کي پوڄيندا هئا. قرآن شريف ۾ ٽن بتن- منات، عزيٰ ۽ لات جا نالا ڄاڻايل آهن.
ڳالهين منجهان تان ڪين ٿئي، ڀڃ اوٽ عزا لات کي،
سچل ڇو روئين ايترو، بس ڪر برسات کي. (سچل)
هن شعر ۾ ’عزيٰ‘ ۽ ’لات‘ نالا ڪتب آيل اهن. عربن ۽ آرين جي پاڻ ۾ گهڻي لڙهه وچڙ هئڻ ڪارڻ، ڪي سنسڪرت لفظ عربيءَ ۾ اچي ويا. جهڙوڪر صندل ( Sandal) ۽ ڪافور (Camphor)، اصل ۾ سنسڪرت لفظ چندن ۽ ڪپوُر آهن. ”ڪافور“ لفظ قرآن شريف ۾ به ڪم آيل آهي. ويدانت ۽ تصوف يا صوفي مت به ساڳيا ئي آهن، ۽ اها هڪجهڙائي به انهيءَ لڙهه وچڙ سبب آهي، پر وارا ڄمارا آهن: هاڻي وري عربن ۽ عربي ٻوليءَ جو سنڌ تي اثر آهي. [1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، پهريون ڇاپو 1956ع، ليکڪ؛ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي پاران سنڌي ادبي بورڊ