مواد ڏانھن هلو

عبدالغفور ميمڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ

ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي آفيس ۾
ڄم عبدالغفور

آگسٽ 25 1962(1962-08-25)

ڳوٺ دڙو ضلعو سجاول، سنڌ
ڌنڌو چيئرمئن سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو
قوميت پاڪستاني
تعليم سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي
سنڌي ادب ۾ ماسٽرس
پوليٽيڪل سائنس ۾ بيچلرس
مادرِ علمي ڪراچي يونيورسٽي
مُکيه ڪم سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر
ويبسائيٽ
www.sindhila.org

ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ولد محمد اسماعيل ميمڻ لاڙ جي شهر دڙي ضلعي ٺٽي (هاڻوڪي ضلعي سجاول) ۾ 25 آگسٽ 1962ع ۾ جنم ورتو، پاڻ ليکڪ ۽ محقق آهن، سندن 6 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. سنڌي ادب ۾ پي_ايڇ_ڊي ڪرڻ کانپوءِ پاڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جا سربراھ رهيا ۽ هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ چيئرمين جي عهدي تي فائز آهن[1].

تعليم

[سنواريو]

ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم پنهنجي شهر مان حاصل ڪئي. پاڻ سنڌيونيورسٽيءَ مان پوليٽيڪل سائنس ۾ بيچلر ڪرڻ کانپوءِ 1992ع ۾ اُتان ئي سنڌي ادب ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪيائون، انکانپوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 2001ع ۾ پي ايڇ ڊي (سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر) جي ڊگري حاصل ڪيائون[2].

سرگرميون

[سنواريو]

سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڪرڻ کانپوءِ ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاھ لطيف ڀٽائي چيئر جو رسرچ آفيسر 2000 ۾ مقرر ٿيو، انکانپوءِ ساڳي ئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو. پروموشن ٿيڻ کانپوءِ 2014ع ۾ سنڌي شعبي جو چيئرمين مقرر ٿيو. 14 آڪٽوبر 2016ع تي وزيرِاعليٰ سنڌ کيس سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جو چيئرمين مقرر ڪيو[3].

ادبي سفر

[سنواريو]

ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جا ست ڪتاب لکيل آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا.

عنوانصنفڇپجڻ جو سال
جتي نينهن اڇلڪهاڻيون1995
سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر[4]تحقيق2002
گلدستونصابي ڪتاب2004
انسان سماج ۽ فطرمضمون2005
شاھ لطيف جا فڪري رُخلطيفيات2015
جديديت پڄاڻانتنقيدي ادب2016
سنڌي سماج نفسياتي اصطلاحن جي آئيني ۾،نفسيات2016

انکان علاوه ڊاڪٽر صاحب جا 30 کان مٿي ريسرچ مقالا مختلف جرنلز (جيڪي ايڇ اي سي کان منظور ٿيل آهن) ڇپجي چڪا آهن. 200 کان مٿي مختلف موضوعن تي مضمون مختلف رسالن ۽ اخبارن (جهڙوڪه عوامي آواز، جاڳو، سنڌايڪسپريس، رسالن ۾ ساڃاھ، سوجھرو) ۾ شايع ٿي چڪا آهن.

حوالا

[سنواريو]
  1. Chairpersons, اصل کان 16 آڪٽوبر 2017 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 09 آڪٽوبر 2017۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  2. آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 07 آگسٽ 2017 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 09 آڪٽوبر 2017۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  3. Sindhi Language Authority gets new chairman - Newspaper - DAWN.COM
  4. سنڌي ادب جو فڪري پس منظر:طارق عزيز شيخ