عبدالرحيم ڏاھري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عبدالرحيم ڏاهري ناليوارو شاعر ۽ سگهڙ عبدالرحيم ولد ڇتن فقير ڏاهري، ڳوٺ صفر ڏاهري تعلقي شهدادپور ۾ 1902ع ڌاري پيدا ٿيو.[1]

تعليم[سنواريو]

بنيادي ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کيس ڳوٺ ڪنبن جي مدرسي ۾ ويهاريو ويو، جتي 9 مهينا پڙهيو، جتي سندس استاد حاجي جمن ڏيرو هو. عبدالرحيم ڏاهري ۽ سندس وڏا پير صاحب پاڳاري جا مريد هئا.

بنيادي زندگي ۽ شاعري بابت[سنواريو]

1942ع ڌاري پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي ضلعي نوابشاهه ۾ دوڙ ويجھو هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ اچي آباد ٿيا. عبدالرحيم ڏاهريءَ شعر و شاعريءَ جي شروعات بيتن چوڻ کان ڪئي. ان کان سواءِ داستان، معجزا، مناجاتون ۽ مناقبا وغيره به چيا اٿس. سندس بيتن جو هڪ مجموعو ’عمر مارئي‘ به ڇپجي چڪو آهي. عبدالرحيم ڏاهري 1955ع کانپوءِ واري دؤر جي شاعرن ۾ هڪ برجستو شاعر ٿي اڀريو. ’جمعيت الشعراء سنڌ‘ جي پليٽفارم تان منعقد ٿيندڙ ڪچهرين توڙي مشاعرن ۾ به شرڪت ڪندو رهيو. سندس شاعريءَ ۾ عروضي برجستگيءَ سان گڏوگڏ سگھڙائپ جو فن چڱو خاصو نظر اچي ٿو. عبدالرحيم ڏاهريءَ جا بيت ۽ داستان، سنڌي ثقافت جي قديم صنف ’نڙ بيت‘ سان واسطو رکن ٿا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين سگهڙن جي ڪچهرين جي سونهن آهن. سندس نڙبيتن ۽ مناجاتن جو فقير قادر بخش رند خاص راوي آهي.

وفات[سنواريو]

عبدالرحيم ڏاهري 25 جون 1985ع تي وفات ڪري ويو، کيس ابوالحسن ڏاهري واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو آهي. سندس نڙ بيتن تي نوجوان اديب احمد خان سهاڳ ڪم ڪري رهيو آهي.

حوالو[سنواريو]

  1. "ڏاهري عبدالرحيم : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-04-25.