عبدالرحمان ميمڻ (بئريسٽر)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سياسي ۽ سماجي ڪارڪن بئريسٽر عبدالرحمان ولد حافظ محمد يعقوب ميمڻ 17 سيپٽمبر 1880ع تي هالا (ضلعي حيدرآباد، هاڻي مٽياريءَ) ۾ جنم ورتو. هن مئٽرڪ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان ڪئي. جنهن کان پوءِ هن ڪراچيءَ جي مشهور وڪيل ڪلو مل جي فرم ۾ ٻہ سال ڪم ڪيو. ٻن سالن کان پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ انگلينڊ ويو، جتان ’لنڪن ان‘ مان بئريسٽريءَ جي سند وٺي، 1912ع ۾ موٽي سنڌ آيو. هن وڪالت کان سواءِ تعليمي، سماجي ۽ سياسي ميدان ۾ به چڱو نالو ڪمايو. عبدالرحمان سنڌ مدرسي بورڊ جو 1912ع کان وٺي 1929ع تائين ميمبر رهيو. ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ڪراچي ۽ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جو سرگرم ڪارڪن رهيو. هڪ سال لاءِ سنڌ ڪانگريس ڪميٽيءَ جو صدر بہ ٿي رهيو. 1929ع ۾ ڏکڻ آفريڪا ويو، جتي قانون جي پيشي ۾ چڱو نالو ڪڍيائين. ڪافي عرصو اتي رهي واپس وطن موٽيو ۽ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر بڻيو. 1940ع ۾ طبيعت ۾ ناسازيءَ ڪري صرف خاص ڪيس کڻندو هو، جنڻ۾ سندس ٻہ پٽ طفيل علي عبدالرحمان ۽ حسن علي عبدالرحمان ساڻس گڏجي ڪم ڪندا هئا. سنڌ جو هيءُ قانوندان، 26 فيبروري 1943ع تي دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪري ويو.[1]

حوالا[سنواريو]