عالمي گرميءَ ۾ واڌ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
refer to caption
Global mean surface temperature change from 1880 to 2015, relative to the 1951–1980 mean. The black line is the annual mean and the red line is the 5-year running mean. Source: NASA GISS.
Map of temperature changes across the world
key to above map of temperature changes
World map showing surface temperature trends (°C per decade) between 1950 and 2014. Source: NASA GISS.[1]
refer to caption
Fossil fuel related carbon dioxide (CO2) emissions compared to five of the IPCC's "SRES" emissions scenarios, published in 2000. The dips are related to global recessions. Image source: Skeptical Science.
refer to caption
Fossil fuel related carbon dioxide emissions over the 20th century. Image source: EPA.

عالمي گرميءَ ۾ واڌ جي تعريف ھيئن ڪري سگھجي ٿي:

ماحول جي گرميءَ ۾ واڌ جيڪو گرين ھائوس افيڪٽ تي انسان جي اثراندازي جي ڪري ٿي رھيو آھي.

جڏھن ماڻھو ڪوئلو ،تيل يا قدرتي گيس ساڙيندا آھن تہ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ گيس (سي او ٽو) پيدا ٿيندي آھي. ھي ڪاربن ڊاءِ آڪسائڊ گيس جڏھن ٻوٽن ۽ سمنڊ مين جذب ٿيڻ کان بچي ويندي آھي تہ ھوائي گندگي جو سبب بڻجي ٿي. ھن زمين ۾ قدرتي وسيلا ڪروڙن ورھين کان خفيا حالت ۾ پيل ھيا. پوين چند صدين يا ڏھاڪن ۾ انھن وسيلن کي ڪڍڻ کان پوءِ گھڻائي سان استعمال ڪيو پيو وڃي. صنعتي انقلاب سان گڏ ئي انھن وسيلن جو ڇڙواڳ استعمال گندگي ۽ گرميءَ جو سبب بنجي رھيو آھي.

آڪسيجن تمام جاندارن جي لاءِ ضروري آھي. جھنگن جي واڍي ان جي گھٽتائي جو ڪارڻ بڻجي رھي آھي. آڪسيجن جي ٽن ايٽمن جي ملڻ سان اوزون گيس ٺھندي آھي. ھي گيس اسان جي ٻاھرين ھوا ۾ زمين کان 12 ڪلوميٽر کان 48 ڪلوميٽر تائين گڏ ٿي رھي آھي. اوزون جو ھي پال اسان جي گرھ کي سج کان ايندڙ نقصان ڪار شعائن کان بچائيندو آھي. فضا ۾ گندگي جي ڪري اوزون جي پال ۾ ڏار پئجي رھيا آھن.

اثر[سنواريو]

  • عالمي گرميءَ سان پوري دنيا جي گرميءَ ۾ ھوريان ھوريان واڌارو اچي ٿو.
  • عالمي گرميءَ سان موسمياتي تبديليون واقع ٿينديون جھڙوڪ: جتي بارش ٿيندي آھي اتي خشڪي اچي سگھجي ٿي ۽ جتي خشڪي آھي اتي بارشون ٿيڻ شروع ٿي سگھن ٿيون. اتي ڪجهه علائقون ۾ بالڪل قحط طاري ٿي سگھي ٿو ۽ ڪجهه علائقا ٻوڏ ھيٺ اچي سگھن ٿا.
  • ماحوليات ۾ گرمي جو واڌارو ٿي رھيو آھي ھر سال ۾ سموري دنيا جي گرمي پڌ ۾ اضافو ٿي رھيو آھي.
  • عالمي گرمي پد سان گليشير پگھرجي پاڻي ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا جن جي ڪري سمنڊ جي سطح ۾ اضافو ٿئي ٿو.

احتياتي اپاءَ[سنواريو]

ڪجهه طريقيڪار اھڙا آھن جن سان عالمي گرميءَ کي بيھارڻ يا گھٽ ۾ گھٽ ان ۾ واڌاري کي گھٽائي سگھجي ٿو. جيئن:

  • وڻڪاري: عالمي گرميءَ کي گھٽائڻ جو سڀ کان بھترين رستو وڻڪاري (يعني نوان ٻوٽا پوکڻ) آھي. ٻوٽا ۽ وڻ ڪاربن ڊاءِ آڪسائڊ چھندا آھن ۽ ماحول ۾ ان جي مقدار گھٽجي ويندي آھي.
  • مختلف توانائين جو استعمال گھٽايو وڃي جيڪي گلوبل وارمنگ ۾ واڌارو ڪري سگھن ٿا، جيڪا توانائي جيترا ڀيرا ٻيھر استعمال ڪري سگھجي ٿي ان کي ٻيھر استعمال ڪيو وڃي.
  • ھيٽر ۽ ايئر ڪنڊشنرن جو استعمال گھٽايو وڃي. گرمي واري بلب کي انرجي سيور سان تبديل ڪيو وڃي.
  • ڄاڻ:معاشري ۾ يا گھٽ ۾ گھٽ پنھنجي خاندان ۾ بہ جيڪڏھن انسان ھن باري ۾ ڄاڻ پيدا ڪن تہ انا سان گلوبل وارمنگ پوري طرح ختم تہ نٿي ڪري سگھجي ٿي پر پنھنجي توفيق تائين انسان ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو. ٻين کي آگاھي ڏيڻ ۽ انھن جي قدمن جي پٺڀرائي ڪرڻ انتھائي اھم قدم آھي.
  • ٻيھر استعمال جوڳين توانائين جي کپت: جيڪڏھن وڌيڪ ٻيھر کپت جوڳي توانائي استعمال ڪئي وڃي تہ ان سان ڳچ حد تائين گلوبل وارمنگ ۾ گھٽتائي ڪري سگھجي ٿي.

حوالا[سنواريو]

  1. 16 January 2015: NASA GISS: NASA GISS: NASA, NOAA Find 2014 Warmest Year in Modern Record, in: Research News. NASA Goddard Institute for Space Studies, New York, NY, USA. Retrieved 20 February 2015

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

تحقيق
تعليمي