عائشہ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
عائشہ
ام المومنين
پيدائش‘ عائشہ بنت ابي بڪر
c. 613/614 ع
وفات13 جولاءِ 678 / ۱۷ رمضان ۵۸ ھ(64 سالن جي عمر ۾)
مدفنجنت البقيع، مدينو،حجاز،عربستان
موجودهسعودي عرب)
مذھباسلام
زالحضرت محمد صہ
(شادي 619 کان 8 جون 632 تائين )
والدينابوبڪر (پيءُ)
ام رومان (ماء)
فوجي زندگي
جنگيون/سورهيهجنگ جمل يا اٺ واري جنگ

حضرت بيبي عائشہ رضہ:(انگريزي: Bibi Aisha ) حضرت رسول الله ﷺ جن جي پهرين خليفي حضرت ابوبڪر رضه جي نياڻي هئي، هوءَ پيءُ جي طرف قريشي، ۽ ماءُ جي طرفان ڪناني هئي. هوءَ نبوت جي چوٿين ورهيه ۾ ڄائي هئي، ۽ مسلماني رواجي دستور موجب هن جي پرورش ٿي.

شادي[سنواريو]

جڏهن ته حضرت رسول الله ﷺ جن جي پهرينءَ بيبي خديجہ رضه وفات ڪئي، تڏهن سندن خير خواهن کين ٻيءَ شاديءَ جي صلاح ڏني، ۽ ڪي آڇون به ٿيڻ لڳيون. انهيءَ وقت، حضرت محمد ﷺ جن جي عمر پنجاهه ورهيه هئي،. نبوت جي ڏهين ورهيه پاڻ بيبي عائشہ رضه سان نڪاح ڪيائون، جا ڇهن ورهين جي هئي[1]. ساڳئي وقت ۾، بيبي ”سوده“ سان به سندن نڪاح ٿيو. ٽن ورهين کان پوءِ حضرت محمد ﷺ جن، سڀني مسلمانن سميت، مڪي مان هجرت ڪري مديني ويا، ۽ اُتي وڃي رهڻ لڳا[1].سندس شادي 623 ۾ مديني ۾ ٿي ، ان وقت سندس عمر نو سال ھئي.[2]. جيتوڻيڪ مديني ۾ رهي حضرت محمد ﷺ جن ٻين به گهڻين بيبين سان نڪاح ڪيو، ته به جيتري محبت بيبي عائشہ رضه سان هين، اهڙيءَ ٻيءَ ڪنهن سان نه هين[1]. جيتوڻيڪ ظاهري رواجي سلوڪ سڀني سان هڪجهڙو رکندا آيا. ٻيون ڪي بيبيون هن کان زياده خوبصورت هيون. جيئن ته صفيه ۽ زينب - مگر عقلمنديءَ جي ڪري، هيءَ سڀني ۾ برک هئي[1]. اڪثر جڏهن پاڻ سفر تي ويندا هئا، تڏهن هيءَ بيبي پاڻ سان نيندا هئا. پوءِ ڪڏهن پاڻ سان گڏ ساڳئي اُٺ تي، ۽ ڪڏهن ڌار ٻئي اُٺ تي. حضرت محمد ﷺ جن پڇاڙيءَ وارو حج جو ڪيو، تنهن ۾ به هيءَ بيبي بہ ساڻن گڏ هئي[1]. کيس ڪا اولاد ڪانہ ٿي[2].

مڙس جي وفات[سنواريو]

جڏهن حضرت محمد ﷺ جن وفات ڪئي، تڏهن هيءَ بيبي ارڙهن ورهين جي هئي ۽ جڏهن حضرت محمد ﷺ جن قريب المرگ ٿيا، تڏهن بيبين جي اجازت سان، بيبي عائشہ رضه جي گهر اچي ترسيا، ۽ دم به اتي ڏنائون. [1]انهيءَ وقت سندن مٿو بيبيءَ جي جهوليءَ ۾ هو. حضرت محمد ﷺ جن جي وفات ڪري سڀني بيبين کي _ خاص طرح بيبي عائشہ رضه کي ڏاڍو مصيبت جهڙو صدمو پهتو، ليڪن صبر ڪري وقت گذاريائين، پر جيسين جيئري هئي. تيسين اهو غم نه وساريائين.

والد جي وفات[سنواريو]

حضرت محمد ﷺ جن جي وفات کان ٻه ورهيه پوءِ، بيبيءَ کي ٻيو صدمو سهڻو پيو- يعني سندس پيءُ حضرت ابو بڪر رضه جو، جو حضرت محمد ﷺ جن کان پوءِ، سندس جاءِ تي پهريون خليفو مقرر ٿيو هو.

جنگ جمل[سنواريو]

655ع ۾[2] حضرت عثمان رضه، ٽئي خليفي جي قتل ٿيڻ کانپوءِ، جڏهن حضرت علي رضه خليفو ٿيو، تڏهن حضرت عثمان رضه جي قاتلن کي سزا ڏيڻ مشڪل نظر ٿي آيو ۽ انھن نئين خليفي جي بعيت ان مطالبي سان مشروط ڪري ڇڏي ۽ حضرت علي پاران ڪاروائي کي بعيت سان مشروط ڪيو ويو جنھن جي نتيجي م 656ع ۾[2] بيبي عائشہ رضه مديني مان لشڪر جي قيادت ڪندي رواني ٿي ۽ اھڙي طرح جنگ جمل جو واقعو پيش آيو جنهن م بيبي صاحبه جي لشڪر کي شڪست آئي. جنگ جي خاتمي وقت بيبي صاحبه اٺ تہ سوار ھئي ۽ لھڻ کان انڪار ڪيو ۽ ان سان بي ادبي ڪرڻ جي ڪنھن کي جرئت ڪانہ ھئي ان ڪري اٺ جون چارئي ٽنگون تلوارن سان ھڪ ئي وقت وڍيون ويون جنھن بعد بيبي صاحبه اٺ تان ھيٺ لٿي ۽ کيس ادب سان مديني واپس پھچايو ويو. اٺ جي ان واقعي تي ان جنگ جو نالو جمل پئجي ويو. جمل عربي ۾ اٺ کي چوندا آھن.

وفات[سنواريو]

حضرت محمد ﷺ جن جي وفات کان 47 ورهيه پوءِ، 57 هجري سن ۾ (676ع[1]) 678ع[2] ۾ معاويي جي خلافت جي ڏينهن ۾، بيبي عائشہ رضه وفات ڪئي، ۽ ”جنت البقيع“ ۾ دفن ڪئي ويئي. انهيءَ وقت سندس عمر 66 ورهين جي هئي[2].[1]

بيبي صاحبه جي شخصيت[سنواريو]

بيبي عائشہ رضه رسول الله ﷺ جن جي خدمت ۽ صحبت ۾ نو ورهيه رهي، ۽ کين گهڻي پياري هئي. هوءَ ڏاڍي قابل هئي. ٻين بيبين کان ته زياده علم واري هئي، پر گهڻن اصحابن کان به وڌيڪ هئي. گهڻن مسئلن ۾ ماڻهو کانئس پڇا ڪندا هئا، ۽ هوءَ خوشيءَ سان انهن کي پورا جواب ڏيندي هئي. هـن کي ”اُم المؤمنين“، يعنيٰ مؤمن جي ماءُ ڪري سڏيندا هئا، ۽ علميت ۽ فضيلت جي ڪري سڀ ماڻهو کيس ڏاڍي تعظيم ڏيندا هئا. ڪن ڳالهين ۾ ته هن جي راءِ ٻين سڀني کان _ بلڪ وقت جي خليفي کان به _ علحدگي هوندي هئي، انهيءَ لاءِ هوءَ قرآن ۽ حديث جي حجت آڻيندي هئي. هن بيبيءَ وٽان حضرت محمد ﷺ جن جون ”هڪ هزار ٻه سئو ڏهه“ حديثون ماڻهن کي مليون ۽ انهن جا بيان ڪندڙ وڏا وڏا اصحابي هئا جن ۾ حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنہ ۽ انهيءَ جو پٽ عبدالله، ۽ ابو هُريره، ۽ ٻيا شامل هئا[1]. انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام مطابق ان ٻہ ھزار کان مٿي حديثون بيان ڪيون[2]. علم سان گڏ هوءَ ذهين، فصيح ۽ حاضر جواب به ڏاڍي هوندي هئي. حديثن جو بيان ڪندي. هن جي تقريرن مان فصاحت ۽ بلاغت ظاهر پيئي ٿيندي هئي[1]. حضرت محمد ﷺ جن جي وفات کانپوءِ، ته هوءَ سڄو وقت عبادت ۾ گذاريندي هئي. ٿوري خطا ڪندي هئي، ته ورهين تائين شرمندي رهندي هئي. دل جي سختي به هئي. هڪڙي دفعي ستر هزار درهم خيرات ڪيائين، مگر سندس ڪپڙا جي پراڻا ۽ ڦاٽل هئا، تن جي بدران ٻيا نوان وٺي نه ڍڪيائين، ٻئي ڀيري سندس ڀاڻيجي عبدالله هڪ لک درهم ڏانهس موڪليا، سي بيبيءَ ڪجهه غريب مائٽن کي ۽ ڪجهه مسڪينن، محتاجن ۽ فقيرن کي ڏيئي ڇڏيا، ۽ هڪڙو پئسو به نه بچايائين. انهيءَ هوندي به وفات وقت چوڻ لڳي ته ”جي آءٌ هڪڙو پٿر هجان ها يا هڪڙو وڻ هجان ها ته چڱو هو، ته من ماڻهو وڍي اڇلائي ڇڏين ها ۽ دنيا ۾ مون کي ڪوبه نه ڄاڻي سڃاڻي ها، يا جي آءٌ نه ڄمان ها، ته چڱو هو“[1]. بيبي عائشہ رضه جي فصاحت ۽ بلاغت مشهور آهي. سندس قابليت ۽ چڱن اخلاقن ڪري حضرت رسول الله ﷺ جن کيس ٻين بيبين کان زياده پسند ڪندا هئا. ساڻس گهڻي گفتگو ڪندا هئا. ۽ خــانــگي ڪمن ڪارين ۾ اڪثر سندس صــلاح وٺــندا هــئا. جيــڪي عورتون حضرت محمد ﷺ جن کان ڪو دين جو مسئلو پڇڻ اينديون هيون، ته بيبي عائشہ رضه جي معرفت پڇنديون هيون، ۽ خود سنديس به اها عادت هوندي هئي، ته جيڪا ڳالهه نه سمجهندي هئي، سا هڪدم حضرت محمد ﷺ جن کان پڇي پڪ ڪندي هئي[1]. انهيءَ ڪري سندس علمي مايو زياده ٿيو، ۽ حضرت محمد ﷺ جن جي وفات کانپوءِ جيڪي ڏکيا ڏکيا ديني مسئلا وٽس ايندا هئا، تن جا فيصلا قرآن ۽ حديث موجب عمديءَ طرح ڪندي هئي. خود خليفا پاڻ ۽ ٻيا اصحاب به،ڪن ڳالهين ۾، هن جي راءِ توڙي حديثون کانئس پڇندا هئا[1]. قديم شاعرن جا شڪر به کيس گهڻا ياد هئا. حشمت واري به اهڙي هئي، جو وڏا حاڪم، عالم ۽ زبردست بهادر به سندس اڳيان ايندي پيا ڏڪندا هئا. سچي ۽ راستباز ۽ انصاف پسند به هوندي هئي. پنهنجي چڱائي وساري، ٻين کي چڱو چوندي هئي[1]. پاڻ لکي ٿي ته ”وفات کان ٿورو اڳڀرو، حضرت محمد ﷺ جن پنهنجين بيبين کي فرمايو ته ”اوهان مان سڀني کان اڳي مون وٽ هُن جهان ۾ اُها بيبي ايندي، جنهن جا هٿ زياده وڏا هوندا.“ حضرت محمد ﷺ جن جي وفات کانپوءِ، اسين سڀ ڄڻيون، ڀتين تي پنهنجا هٿ ماپينديون هيون سين ته ڪنهن جا هٿ وڏا آهن. اسان مان سڀ کان ننڍا هٿ زينب جا هئا، پر سڀني کان اڳي انهيءَ وفات ڪئي، تڏهن اسان سهي ڪيو، ته وڏن هٿن جي معنيٰ آهي”سخاوت ۽ فياضي“. ڇالاءِ جو زينب اسان سڀني مان زياده سخي هئي[1].“ بيبي عائشہ رضه انهيءَ ڳالهه تي فخر ڪندي هئي ته رسول الله ﷺ جي بيبين مان آءٌ ئي هڪڙي ڪنواري آهيان، منهنجا ماءُ _ پيءُ ٻيئي هجرت ڪري مديني ۾ آيل آهن. حضرت محمد ﷺ تي هميشه منهنجي ئي گهر وحي نازل ٿيندو هو، ۽ وفات مهل حضرت محمد ﷺ جن جو مٿو منهنجي جهوليءَ ۾ هو، ۽ هُو منهنجيءَ ئي جاءِ ۾ دفن ٿيا.[1]“ بيبي عائشہ رضه اڃا ننڍڙي هُئي، ته خواب لڌو هئائين ته ”ٽي چنڊ منهنجي جهوليءَ ۾ اچي ڪِري پيا آهن. انهيءَ وقت ته ان جو تعبير ڪنهن کي خيال ۾ نه ٿي آيو، سندس وفات کان پوءِ اهو تعبير ٿيو ته ” اول حضرت رسول الله ﷺ پاڻ، ٻيو پڻس خليفو حضرت ابوبڪر رضه، ۽ ٽيون خليفو حضرت عمر رضه وفات کان پوءِ سندس ڪوٺيءَ ۾ دفن ڪيا ويا[1].

بيبي صاحبه جي شاعري[سنواريو]

بيبي صاحبه شاعر پڻ ھئي. مرزا قليچ بيگ سندس شعر پنھنجي ڪتاب ۾ نقل ڪيا آهن جن مان ھڪ ھيٺ ڏجي ٿو :

فلو سمعواني مصر اوصاف خنده

لما بذلوا في سوم يوسف من نقد، لواحي زليخا لو راين جبينہ، لاثرن بالقطع القلوب علي الايدي!

( ترجمو:"جيڪڏهن مصر وارا هن جي گل جي تعريف ٻڌن ها، ته جيڪر يوسف جي خريداريءَ ۾ نقد زر نه خرچ ڪن ها، جيڪڏهن زليخا جيئري هجي ۽ مصر جو زالون هن جي پيشاني ڏسن، ته جيڪر هٿن جي بدران دليون وڍي ڇڏين!“)[1]

— بيبي عائشه رضه

حوالا[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 1.12 1.13 1.14 1.15 1.16 1.17 {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page5.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages # 25 ,