ظرافت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ظرافت __(Wit):

ظرافت ھڪ ذھين انسان جي حاضر دماغي جو مظھر ھوندي اھي. ظرافت جي لغوي معنيٰ اھي ”دانائي“، ان ڪري ظريف اھو اھي، جو دانشمند ۽ معامله فھم ھجي. ھڪ ظريف اديب مختلف حالتن ۾ مشابھت جا اصول تلاش ڪري ٿو جيڪي ھڪ ٻئي کان مخالف علمي ڪيفيتن ۾ اختلاف جي سببن جي ڪن ٿا. .درحقيقت ظرافت مزاح کان مختلف آھي، پر اھا مزاح جي ڪشادي دائري ۾ ھڪڙو ننڍڙو دائرو اھي يا کڻي ائين چئجي تھ اھا ظرافت ئي اھي، جا ٽوڪ ۽ طنز جا جوھر نروار ڪري ٿي. سنڌي بزرگن ۾ وتايو فقير ۽ اديبن ۾ شمس الدين بلبل (1857- 1919ع) کي ظرافت جو شھنشاھھ ڪري مڃيو ويندو اھي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي