شمس الدين بلبل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پنھنجي دور جي بلند پايه شاعر، اديب ۽ باعمل صحافي رئيس شمس الدين بلبل مرحوم (وفات 1919ع) نظم ۽ نثر جي ذريعي مسلمانن کي سمجهايو، ته هو انگريزي تعليم حاصل ڪري، سرڪاري عهدن تي فائز ٿين. چوي ٿو:

پڙهو انگريزي وٺو اوج اعليٰ
وٺو خوب عهدا حڪومت هلايو
نه تو ڪا پرائي فضيلت لسان
سکين ڪينڪي انگريزي زبان.

هن ذهن نشين ڪرايو، ته مسلمان ديني تعليم کي ته ڇڏي ڏنو آهي، پر انگريزي تعليم کان پري رهي، دنيوي خوشحاليءَ کان به محروم ٿيندا پيا وڃن. هن ٻڌايو ته اسان جديد تعليم کان پري رهي، پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيو آهي. هو اسان کي سمجهائي ٿو ته جديد تعليم پرائي، انگريزي قاعدا ۽ قانون سکي وڪيل ۽ جج ٿيون، ته جيئن پنهنجي زندگي به بهتر بنائي سگهون ۽ قوم کي به مشڪل ۾ ڪم اچي سگهون.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. رسالو:آزاديءَ جي تحريڪ ۽ سنڌي شاعري ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي مهراڻ؛ ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ؛ آڪٽوبر نومبر، ڊسمبر 1985ع