صوفي رکيل شاه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سيد رکيل شاه قادري جي سوانح حيات

عرب ۾ خلافت جي دور کان پوءِ جيڪي حالتون پيدا ٿيون انهيءَ جي نتيجي ۾ عرب ۾ ڪافي سيد قبيلا مختلف طرفن ڏانهن نڪري ويا .انهن سادات قبيلن مان مڪران جي رستي برصغير جي مختلف علائقن ۾ اچي آباد ٿيا سيد رکيل شاهه جا بزرگ به انهيءَ نقل مڪاني واري دور ۾ مڪي شريف مان اچي بلوچستان ۾ اچي آباد ٿيا.


جنم:سائين جن جي ولادت 17ربيع الاول 1262 سن هه ۾ سيد نور محمد شاه جي گهر ۾ ظهور فرمايائون پاڻ ڄمندي ئي ڄام هئا انهيءَ حقيقت جا آثار فتح پور جي شهرن ڏٺا.


تعليم:سائين جن جيئن ئي اٺن سالن جا ٿيا والد صاهب کيس ڳوٺ جي مولوي وٽ قرآن پاڪ پڙهڻ لاءِ موڪليو سائين جن نور قرآني سان روشن ٿي باقي تعليمات کي خير باد چيو، ڇو ته عشقِ الاهي جو ثمر سامان اڳيئي سليل هئو دينوي علم جي کين ڪا ضرورت ڪان هئي.


دنيوي ڪاروبار ۽ لنو لپاٽ:جڏهن پاڻ 14 سالن جا ٿيا ته دنيا جي ڪاروبار ۾ مصروف ٿي ويا کين جرڳي جي رڪنت به ملي ان ڪري امير امرا سان نشست و برخواست به رهي سائين جن وٽ هڪ ڀلي گهوڙي هوندي هئي اها گهوڙي کين سواري ۾ ڪم ايندي هئي.


شوق شڪار:هڪ دفعي سائين جن شهر کان اچي رهيا هئا ته اوچتو سندن نظر بهگڙ ناهر تي پئجي وئي سائين جن وٽ هٿيار موجوده هئا پر ذوق اهو ٿين ته هن کي ڊوڙائي مارجي گهوڙي ان جي پيان ڊوِڙايائون نيٺ ان کي ٿڪائي ماريائون شوق پورو ڪيائون.


ميان عبد النبي وٽ حاضري:سائين جن جي شڪار جي خبر سندن ڀاءُ ميان عبد النبي وٽ پهتي معمول مطابق جيئن سائين جن ڪچهري ۾ حاضر ۾ ٿيا ته سندن ڀاءُ فرمايو ته ان بهگڙ ڪهڙو ڏوهه ڪيو هئو اوهانجو جو ان کي لتاڙي ماري آيا آهيو .پهرين پنهنجي اندر واري فاسق بهگڙ کي ته ماريو هن جانور ڪهڙو ڏوهه ڪيو اوهانجو.


عشق الاهي جو رنگ:جڏهن رکيل شاهه پنهنجي ڀاءُ کان اهڙا درد انگيز نصيحت آموز قول ٻڌا ته سندن دل ۾ خوف الاهي ويهجي ويو سڄي جسم ۾ گويا بجلي جي رو گهمي وئي ان ڏيهن کان دنيا جي ڌنڌن کي ڇڏي حق جي تلاش ۾ نڪتا . پنهنجي ڀاءُ جي خدمت ۾ لڳي ويا اچتو سندن ڀاءُ بيمار ٿي پيو ۽ سائين رکيل شاهه پنهنجي ڀاءُ عبد النبي جي تمام گهڻي خدمت ڪئي.


تلقين جي مڪان لاءِ واضع حڪم:ميان عبد النبي سائين رکيل شاهه مان تمام گهڻو متاثر ٿيا ۽ سائين رکيل شاهه کي فرمايائون اسان کي تلقين ڪرڻ جو حڪم ڪونهي پنهنجي امانت حاصل ڪرڻ لاءِ شاه عنايت شهيد جي جهوڪ ڏي وڃ پنهنجي امانت حاصل ڪر جيڪو تنهنجي زندگي جو مقصود آهي اهي لفظ چئي پنهنجو فرض پورو ڪري ۽ پاڻ هن دنيا مان برقعو مٽائي ويا. سائين جن کي تمام گهڻو صدمو رسيو ٽن ڏيهن جي رسم پوري ڪري ڀاءُ جي مليل حڪم موجب سفر جي تياري ڪرڻ لڳا.


سفرِ عشق:سائين جن کي تڏهن پيسي جي تمام گهڻي تنگي هئي پر حصرت عشق آرام ڪرڻ نه ڏنو نيٺ پنهجن ٻچن کي پنهنجي سوٽ ميان حليم شاهه وٽ ڇڏڻ جو مڪمل فيصلو ڪيو. پنهنجيا ٻچا پنهنجي سوٽ وٽ امانت ڪري ڇڏيا ۽ پاڻ سفر تي راهي ٿيا. جڏهن وڃي رهيا هئا بيبي سائڻ کان موڪلائي رهايا هئا ته ان وقت بيبي کي ڪجهه ماني پچائڻ لاءِ چيو بيبي اهي لفظ ٻڌندي ئي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا ۽ عرض ڪيو فتح پور کان وٺي ستن جي داڻن کان سواءِ ڪجهه ڪونهي ٻارن کي سڄي واٽ انهن ستن جي داڻن جي سهاري وٺي آئي آهيان اهو ٻڌي سائين جن غم جي درياءُ ۾ ٻڏي ويا ۽ سفر تي نڪري پيا.


تڪليفن جي ابتدا:سائين رکيل شاهه جڏهن جهان الله شاهه جي درگاه پهچي ان وقت جي سجادهگ نشين ميان علي اڪبر وٽ پهتا ته انهن سائين جن ڏي ڪو به ڌيان نه ڏنو نه وري ڪو حال احوال ورتو .ان ڪري واقفيت ڪونه ٿي سگهي، ڪچهري ختم ٿيڻ کان پوءِ خليفي سائين کان حقيقت پڇي سائين جن فرمايو ته منجنجو ڀاءُ هن گادي کان تلقين ورتل هئو وڏو ڪامل درويش هئو انهن جي وفات کان پوءِ جاءِ خالي ٿي پئي آهي جهوڪ شريف جو طالب ٿيڻ لاءِ وڃان پيو. خليفي اهو ٻڌي کلي ڏنو چئائين شيهنڻي جي کير پيئڻ لاءِ ان جا ٻچا گهرجن توهان وڃي پني کائو سائين جن کي ڏک ٿيو ۽ نااميد ٿي اتان اٿيا ۽ وار مبارڪ جي ڪرڻ ويا ان کان پوءِ سيوهڻ قلند شهباز جي زيارت تي ويا اتان پوءِ ڏک ڏاکڻا ڪٽيندا واپس جهوڪ شريف پهتا.


بعيتسائين جن هڪ کٻڙ جي هيٺيان ويٺا هئا هڪ پير مرده سائين جن کان حال احوال ورتو ۽ سائين نوراني کي سائين جن جي ذات ۽ مقصد کان آگاهه ڪيو پوءِ سائين جن جي ڪچهري ۾ ايندا رهيا پر سائين جن ٻن ڏيهن تائين ڪو توجه ڪونه ڏنو آخر ٽئين ڏيهن سائين جن کي سڏائي پاڻ اٿي بيٺا ڀاڪر پائي مليا ۽ محفل ۾ ٻڌائڻ ۾ لڳا ته اسان سوا ڪسيري وارا بزرگ سوا ڪسيرو ورهائيندا آهيو ۽ هي ان جو اولاد آهي پوءِ سڄي رات ڪچهري ڪئي.


وطن واپسي:سائين عبدالستار رکيل شاهه کي 12 دفعه سورة مزمل هڪ ممبر تي ويهي پڙهڻ لاءِ چيو چند ڏينهن کان پوءِ سائين جن کي اجازت ڏني ته هاڻي توهان وطن واپس وڃي سگهو ٿا سائين جن پنهنجي وطن پنهنجي ڀاءَ وٽ نوشهرو پهتا ۽ پٽ جي شادي لاءِ تيار ٿيا پر پٽ اچانڪ بيمار ٿي پيو مهندي لڳل ئي ته هن فاني دنيا مان برقعو مٽائي ويا سائين جن ان کي سوا ڪسيري وارن بزرگن جي ڀر ۾ جاءِ ڏني

مرشد جي اڪير ۽ جهوڪ جو سانباهو:سائين رکيل ساهه پنهنجي فرزند جي وفات کان پوءِ چار پنج مهينا فتح پور ۾ رهيا مرشد جي اڪير کان مجبور ٿي واپس جهو شريف موٽي آيا سندن مرشد واپس فتح پور وڃي سلسله رشد و هدايت جاري رکڻ جو ڪم ڏنو سائين جن ٻه ٽي ڏينهن جهوڪ ۾ رهي واپس موٽي آيا پاڻ دنيا سان لاڳاپا ترڪ ڪري مجذوبي جي حالت ۾ ڏيهن گهارڻ لڳا.


مراقبي ۾ الاهي اسرار پسڻ:هڪ ڏينهن ڀاڳ جي شهر ڀرسان قبرستان ۾ غلام محمد وڻجاري جي قبر ڀرسان مراقبي ۾ هيا ته اوچتو سفيد ريش بزرگ هٿ ۾ اسا جهليو نظر آين.ان اساه جي مٿان هڪ ڙوپي تاج نمان رکيل هئي ٻئي هٿ ۾ هڪ پيالو جنهن ۾ ان جا داڻا پيل هئا انهيءَ بزرگ فرمايو هن مان جيڪو اوهان کڻو سائين جن هٿ وڌائي پيالو ورتو بزرگ اڳتي وڌي چيو جيڪا مڏي تاج ۾ آهي اها اوهان نه ورتي ۽ پاڻ غائب ٿي ويا.


جهوڪ ۾ آمد خواب جي تعبير:ٿورڙن ڏيههن کانپوءِ سائين جهوڪ آيا ۽ مرشد جي زيارت ڪيائون انهن خواب جي تعبير ڪندي فرمايو ته چڱو جو اوهان پيالو ورتو جيڪو ابدي لذت ۽ سڪون جو ذريعو آهي .باقي تاج شهنشاهي هئو جيڪو چند روز فاني هئو هاڻي وڃي فتح پور نگر بٺي جو ڪن انشاءِ الله مشڪلڪشائي پيالو قيامت تائين رهندو.


جهوڪ ۾ رسائي خلعت جو تحفو:سائين رکيل شاه ٻن سالن کان پوءِ جهوڪ موٽيا مرشد جي زيارت ڪيائون مرشد سڏي سائين کي ڀر ۾ ويهاريو ۽ خليفي کي گودڙي کڻي اچڻ لاءِ چيو ۽ سائين رکيل شاه کي پهراڻ جو حڪم ڏنو سائين جن گودڙي کي چميو مرشد فرمايو اها گودڙي اسان فقيرن جو ڏاج آهي هاڻِ اسان جا پويان پساهه اٿي اسان جي پوين جي پارت اٿو سائين جن پنهنجي زندگي گذاري رهيا هئا ته مرشد جي وفات جي خبر ملين واويلا مچي وئي سائين جن کي غم و انڌيرو گهيري ويو ٽن ڏيهن تائين دستور موجب تعزيت ۾ رهيا جهوڪ شريف اچي مرشد جي وڏي پٽ جي دستار بندي ڪئي واپس فتح پور موٽي ويا.


سائين چيزل شاه جي بعيت جو امر آخري ميڙي جي حاضري:سائين رکيل شاهه وٽ جيڪو طالب آيو ٿي ان کي سائين چيزل شاه جي بعيت جو امر ڪندا هئا سائين چيزل شاهه سائين رکيل شاهه جو آخري پٽ هئو جنهن بابت فقيرن فرمايو هئو ته هي شهزادو وڏي ڏيا برڪت وارو مجدد امام ٿيندو اهڙي طرح سائين رکيل شاه پنهنجي بعيت جو سلسلو بند ڪري ڇڏيو چيزل شاه چاليهه ڏينهن رياضت ۾ رهڻ کان پوءِ هميشه سائين رکيل شاه وٽ موجود هوندا هئا.


وفات:هئا آخرڪار 7 ربيع الاول تي موڪلائڻ جي تياري ڪرڻ لڳا سجاده نشين سائين چيزل شاهه کي فرمايائون ابا هاڻي اسان جا پويان پساهه آهن دنيا جي تڪليفن کي مڙس ٿي منهن ڏجان جهوڪ ميرانپور کان ڀيرو نه ڀڃجاءِ ايترو چئي 1369ھ جي مطابق 17 اپريل 1939ء جمعي رات رحلت فرمايائون.

اناالله و انا اليه راجعون