صلح امام حسن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

حضرت علي عليه السلام جي شهادت ۽ امام حسن عليه السلام جي بيعت[سنواريو]

حضرت علي عليه السلام جي شهادت ڪفن و تدفين کان بعد عبدالله ابن عباس جي تحريڪ سان بقول ابن اثير قيس ابن سعدبن عباده انصاري امام حسن عليه السلام جي بيعت ڪئي ۽ ان کان بعد تمام حاضرين بيعت ڪئي جن جي تعداد 40،000 هئي هي واقعو 21 رمضان 40 هجري جمعي جو ڏينهن هيو. علامه مجلسي ڪفايته الاثر ۾ لکيو آهي ته ان وقت پان هڪ فصيح و بليغ خطبو پڙهيو جنهن ۾ پاڻ فرمايو آهي ته اسان مان هر هڪ يا ته تلوار جو شڪار ٿيندو يا زهر سان شهيد ڪيو ويندو. ان کان بعد پاڻ عراق، ايران، خراسان، حجاز، يمن ۽بصره وغيره جي اعمال جي طرف توجه ڪرائي ۽ عبدالله ابن عباس کي بصره جو حاڪم مقرر فرمايو. معاويه کي جيئن ئي هي خبر پهتي ته بصره جو حاڪم ابن عباس مقرر ڪيو ويو آهي ته ان ٻه جاسوس روانه ڪيا هڪ قبيله حمير جو ڪوفي جي طرف ۽ ٻيو قبيله قين جو بصره جي طرف، ان جو مقصد هي هو ته ماڻهو امام حسن عليه السلام کان منحرف ٿي ڪري منهنجي طرف اچي وڃن پر اهي ٻئي جاسوس گرفتار ڪيا ويا ۽ بعد ۾ انهن کي قتل ڪيو ويو.

حقيقت آهي ته جڏهن عنان حڪومت امام حسن عليه السلام جي هٿن ۾ آئي ته زمانو وڏو پر آشوب هو. حضرت علي عليه السلام جن جي شجاعت جي حوڪ سڄي عرب تي ويٺل هئي، سندن شهادت کان پوءِ ستل فتنه وري بيدار ٿي چڪا هئا ۽ سڄي مملڪت ۾ سازشن جي کچڙي پچي رهي هئي. خود ڪوفي ۾ اشعت ابن قيس، عمر بن حريث، شيث ابن ربعي وغيره کلي عام فساد نظر اچي رهيا هئا. معاويه جڳهه جڳهه جاسوس مقرر ڪري ڇڏيا هئا جيڪي مسلمانن ۾ نفرتون وجھي رهيا هئا ۽ حضرت جي لشڪر ۾ اختلافن جو ٻج وجھي رهيا هئا. جن ڪوفي جي وڏن وڏن سردارن سازشي ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي وڏيون وڏيون رشوتون ڏيئي انهن کي ٽوڙي ڇڏيو.

بحارالانوار ۾ علل الشرائع جي حوالي سان منقول آهي ته معاويه عمر بن حريث، اشعث بن قيس، حجر ابن الحجر، شيث ابن ربعي ڏانهن الڳ الڳ هي پيغام موڪليو ته جهڙي طرح به ٿي سگھي ابن علي کي قتل ڪري ڇڏيو، جيڪو هي ڪم ڪري ڏيکاريندو ان کي 200000 نقد انعام ڏيندس فوج جي سرداري عطا ڪندس ۽ پنهنجي ڪنهن ڇوڪري سان ان جي شادي ڪرائي ڇڏيندس هي انعام حاصل ڪرڻ جي لاءِ ماڻهون ڏينهن رات موقعي جي تلاش ڪرڻ لڳا.

معاويه هڪ طرف ته لڪل ٽوڙ ڦوڙ ڪئي ٻي طرف هڪ وڏو لشڪر عراق تي حملي ڪرڻ جي لاءِ موڪلي ڇڏيو جڏهن حملو ڪندڙ عراق جي حدن ۾ پري تائين وڌي ويو ته حضرت جن پاڻ لشڪر کي حرڪت ڪرڻ جو حڪم ڏنو. حجر بن عدي کي ٿورڙي فوج سان اڳتي وڌڻ لاءِ چيو ته لشڪر ۾ ٽال مٽول نظر اچڻ لڳي هئي ۽ سردار جيڪي سپاهين کي وڙهائيندا آهن، ڪجھ ته معاويه جي هٿ ۾ وڪامجي چڪا هئا، ڪجھ عافيت حاصل ڪرڻ ۾ مصروف هئا، حضرت علي عليه السلام جي شهادت دوستن جا حوصله پست ڪري ڇڏيا هئا ۽ دشمنن کي جرئت و همٿ ڏياري هئي.

تاريخدانن جو بيان آهي ته معاويه 60000 فوج وٺي مقام مسڪن ۾ لٿو جيڪو بغداد کان 10 فرسخ تڪريت جي “اوانا طرف” ويجھو واقع آهي امام حسن عليه السلام کي جڏهن معاويه جي پيشقدمي جو علم ٿيو ته پاڻ جن به هڪ وڏي لشڪر سان ڪوچ ڪيو ۽ ڪوفي کان ساباط ۾ وڃي پهتو ۽ 12 هزار فوج قيس ابن سعد جي ماتحتي ۾ معاويه جي پيش قدمي روڪڻ جي لاءِ روانو ڪيو پوءِ ساباط کان روانو ٿيڻ وقت پاڻ هڪ خطبو پڙهيو، جنهن ۾ پاڻ جن فرمايو ته “ماڻهئو ! توهان هن شرط تي مون سان بيعت ڪئي هئي ته صلح ۽ جنگ ٻنهي حالتن ۾ منهنجو ساٿ ڏيندءو” مان خدا جو قسم کڻي ڪري چوان ٿو ته مون کي ڪنهن شخص کان بغض و عداوت ناهي، منهنجي دل ۾ ڪنهنکي ايذائڻ جو خيال ناهي مان صلح کي جنگ کان ۽ محبت کي عداوت کان تمام بهتر سمجھان ٿو”.

ماڻهن حضرت جي هن خطاب جو مطلب هي سمجھيو ته حضرت امام حسن، امير معاويه سان صلح ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ۽ خلافت کان دستبرداري جو ارادو دل ۾ رکي ٿو انهي دوران ۾ معاويه امام حسن عليه السلام جي لشڪر کان متاثر ٿي ڪري پنهنجن ساٿين سان مشورو ڪيو، ان بعد عمروعاص پنهنجن ڪجھ ماڻهن کي امام حسن عليه السلام جي لشڪر ۾ سازش ڪرڻ وارن ماڻهن ڏانهن موڪلي هڪ ٻئي جي خلاف پروپيگنڊا ڪرائي ڇڏي. انهن سازشي ماڻهن امام حسن عليه السلام جي لشڪر ۾ هي مشهوري ڏيڻ شروع ڪئي ته هن معاويه سان صلح ڪري ڇڏي آهي ۽ قيس بن سعد جي لشڪر ۾ جيڪي سازشي شامل ٿيا هئا انهن تمام لشڪرين ۾ هي به چرچو ڪري ڇڏيو ته امام حسن عليه السلام معاويه سان صلح ڪري ڇڏي آهي.

امام حسن عليه السلام جي ٻنهي لشڪرن ۾ هن غلط افواه جي ڦهلجڻ سان بغاوت ۽ بدگماني جا جذبات اڀري نڪتا، امام حسن عليه السلام جي لشڪر جو هي عنصر جن کي پهريان ئي شڪ هيو ته صلح جو ارادو رکن ٿا چوڻ لڳا ته امام حسن عليه السلام به پنهنجي پيءُ وانگر ڪافر ٿي ويا آهن آخرڪار فوجي پاڻ جن جي خيمي ۾ داخل ٿي ويا ۽ پاڻ جن جو ڪل سامان لٽي ورتو پاڻ جن جي هيٺان مصلي به ڇڪي ورتو، مٿي تان امامو به لاهي ورتو ۽ ڪجھ نمايان قسم جي ماڻهن امام حسن عليه السلام کي معاويه جي حوالي ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو، آخر ڪار پاڻ ان بدبختن کان مايوس ٿي ڪري مدائن جي گورنر، سعد يا سعيد جي طرف روانو ٿي ويا، رستي ۾ هڪ خارجي جنهن جو نالو بروايت الاخبار الطوال ص 393 “جراح بن قيصه” هو پاڻ جن کي ڪميڻپائي سان هڪ اهڙو خنجر لڳايو جنهن سان هڏي تائين محفوظ نه رهڻ ڏني، پاڻ مدائن ۾ مقيم رهي ڪري علاج ڪرايو ۽ صحتمند ٿي ويا. (تاريخ ڪامل جلد 3 ص ا6ا، تاريخ آئمه ص 333 فتح باري).

معاويه موقع غنيمت سمجھي 20000 لشڪر عبدالله ابن عامر جي قيادت و ماتحتي ۾ مدائن موڪلي ڇڏيو، امام حسن عليه السلام ان سان وڙهڻ لاءِ نڪرڻ ئي وارا هئا ته ان عام مشهوري ڪري ڇڏي ته معاويه وڏو لشڪر وٺي اچي رهيو آهي مان امام حسن عليه السلام ۽ ان جي لشڪر کي درخواست ڪريان ٿو ته مفت ۾ پنهنجي جان نه ڏين ۽ صلح ڪن.

هن دعوت صلح ۽ پيغام خوف کان ماڻهن جون دليون ويهي ويون همٿون پست ٿي ويون ۽ امام حسن عليه السلام جي فوج ڀڃڻ جي لاءِ رستو ڳولهڻ لڳي.


صلح[سنواريو]

تاريخدان علامه علي نقي لکن ٿا ته امير شام کي حضرت امام حسن عليه السلام جي فوج جي حالت ۽ ماڻهن جي بي وفائي جو حال معلوم ٿي چڪو هو ان لاءِ هو سمجھي رهيو هو ته امام حسن عليه السلام جي لاءِ جنگ ممڪن ناهي پر ان سان گڏ اهو به يقين هو ته حضرت امام حسن عليه السلام ڪيترو ئي بي وس ۽ بي ڪس هجي، پر علي و فاطمه جو پٽ ۽ پيغمبر جو نواسو آهي ان لاءِ هو اهڙن شرطن تي هرگز صلح نه ڪندو جيڪي حق پرستي جي خلاف هجن ۽ جنهن سان باطل جي حمايت ٿيندي هجي، ان کي نظر ۾ رکندي هن هڪ طرف ته پاڻ جن جي ساٿين کي عبدالله بن عامر ذريعي پيغام ڏياريو ته پنهنجي جان جي پويان نه پوءُ، ۽ خون ريزي ٿيڻ نه ڏيو. ان سلسلي ۾ ڪجھ ماڻهن کي رشوتون به ڏنيون ويون ۽ ڪجھ بزدلن کي پنهنجي تعداد جي زيادتي کان خوفزده ڪيو ويو ۽ ٻي طرف حضرت امام حسن عليه السلام ڏانهن پيغام موڪليو ته پاڻ جهڙن شرطن تي چئو ان شرطن تي صلح لاءِ تيار آهيان.

صلح جا شرط[سنواريو]

هن صلح جا مڪمل شرط هيٺيان آهن :

1.معاويه حڪومت اسلام ۾، ڪتاب خدا ۽ سنت رسول تي عمل ڪندو.

2.معاويه کي پاڻ کان بعد ڪنهن کي خليفو مقرر ڪرڻ جو حق نه هوندو.

3.شام و عراق و حجاز و يمن سڀني جگهن تي ماڻهن لاءِ امان هوندو.

4.حضرت علي عليه السلام جا اصحاب ۽ شيعه جتي به آهن ان جي جان و مال ۽ ناموس ۽ اولاد محفوظ رهندا.

5.معاويه، حسن بن علي عه ۽ ان جي ڀاءُ حسين ابن علي عه ۽ خاندان رسول صه مان ڪنهن کي به ڪو نقصان پهچائڻ يا مارڻ جي ڪوشش نه ڪندونه لڪل طور نه اعلانيه ۽ ان مان ڪنهن کي ڪنهن به جڳهه ڌمڪايو ۽ ڊيڃاريو نه ويندو.

6.جناب اميرالمومنين جي شان ۾ نازيبا ڪلمات جيڪي هيئر تائين مسجد جامع ۽ قنوت نماز ۾ استعمال ٿي رهيا آهن اهي ختم ڪيا وڃن، آخري شرط جي منظوري ۾ معاويه کي عذر ٿيو ته پوءِ طئي ٿيو ته گھٽ ۾ گھٽ جنهن موقعي تي امام حسن عليه السلام موجود هوندا ان جڳهه تي ائين نه ڪيو وڃي، هي معاهدو ربيع الاول يا جمادي الاول 41 عسوي هجري تي عمل ۾ آيو.


صلح نامي تي صحيون[سنواريو]

25 ربيع الاول تي ڪوفي جي ويجھو مقام انبار تي ڌرين جو اجتماع ٿيو ۽ صلح نامي تي ٻنهي ڌرين صحيون ڪيون گواهيون ثبت ٿيون. (نهايته الارب في معرفته انساب العرب ص 80).


صلح جي شرطن جو حشر[سنواريو]

تاريخدانن جو اتفاق آهي ته امير معاويه جيڪو ميدان سياست جو کلاڙي ۽ مڪر و زور جي سلطنت جو تاجدار هو، امام حسن عليه السلام سان واعده ۽ معاهدي کان پوءِ به سڀني سان مڪر ڪيو. “ ولم يف له معاويه لشئي مماعاهد عليه” تاريخ ڪامل اب اثير جلد 3 ص 162 ۾ آهي ته معاويه ڪنهن هڪ شيءِ جي به پرواه نه ڪئي ۽ نه ئي ڪنهن تي عمل ڪيو[1].

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]