مواد ڏانھن هلو

صفد

صفد

  • צְפַת
  • صفد
عبراني transcription(s)
آء ايس او 259Çpat
• لفظي نقلسفت
• وڌيڪ اچارTsfat, Tzefat, Zfat, Ẕefat (official)
صفد is located in اتر-اوڀر اسرائيل
صفد
صفد
صفد is located in اسرائيل
صفد
صفد
Coordinates: 32°57′57″N 35°29′54″E / 32.96583°N 35.49833°E / 32.96583; 35.49833
ملڪ اسرائيل
ضلعواتريون ضلعو
ذيلي ضلعوصفد
قيامپندرھين صدي قبل مسيح کان اڳ[1]
حڪومت
• ميونسيپلٽي جو سربراھشوڪي اھانا
آبادي
 (2017)[2]
• ڪل35,276
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
ويب سائيٽhttp://www.zefat.muni.il


صفد (عبراني: سپت ) (انگريزي: Safed ) يا (انگريزي: Zefat) اسرائيل جي اترئين ضلعي ۾ واقع ھڪ شھر آھي جيڪو سامونڊي سطح کان 2953 فٽن (900 ميٽرن ) جي بلندي تي واقع گليل (عربي: الجليل ) واري خطي جو سڀ کان بلند ترين مقام آهي[3]، جنھن سبب اونھاري ۾ ھن شھر جي موسم گرم ۽ سياري م تمام ٿڌي ھوندي آھي ۽ سياري م اڪثر برف پوندي آهي[4]. ٻئين ٽيمپل واري دؤر ۾ ھي شھر انھن پنجن بلند مقامن مان ھڪ ھيو جن تي باھ ٻاري روش ھوديش (عبراني ڪيلنڊر جي ھر مھيني جو پھريون ڏينھن) ۽ جشنن جو اعلان ڪيو ويندو ھيو[5] ٻارھين صدي عيسويءَ ۾ اھو صليبين جي يروشلم واري بادشاھت جو سفت جي نالي سان ھڪ قلعبند شھر ھيو. 1266ع ۾ مملوڪن جي سلطنت جي سلطان بيبرس ھن شھر تي قبضو ڪيو ۽ پنھنجو گورنر مقرر ڪري قلعو کيس سونپيو. ھي شھر مملوڪ شام جي ھڪ صوبي صفد جو صدرمقام پڻ رھيو. ان صوبي ۾ انوقت الجليل ۽ جنين وارا علائقا پن شامل ھيا[6]. انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا مطابق 2004 ۾ ھن شھر جي آبادي جو تخمينو 27,300 ھيو[7]. ھي شھر اتر اسرائيل م طبريا ڍنڍ (گليل وارو سمنڊ) جي ڀرسان واقع آهي[7]. اھو يھوديت جي چئن پاڪ شھرن مان ھڪ آھي[7].فليويئس جوزفس پھرين صدي عيسويءَ ۾ ۽ ٻيھر صليبين وچولي دؤر ۾ ھن شھر جي قلعبندي ڪرائي ھئي[7]. ھي شھر سورھين صدي عيسويءَ ۾ يھودي وجدانيت واري مڪتبه فڪر جو مرڪز رھيو ۽ 1948ع ۾ جديد اسرائيلي رياست جو حصو ٿي ويو[7]. ھن شھر جي معيشت ھلڪي صنعت ۽ سياحت تي مشتمل آهي[7].

حوالا

[سنواريو]
  1. Erhard Gorys (1996). Heiliges Land. Kunst-Reiseführer (German ۾). Cologne: DuMont. ص. 267. ISBN 3-7701-3860-0. Der ägyptische Pharao Thutmosis III (1490-1436) erwähnte in seiner Liste der eroberten Städte Kanaans auch Saft, das möglicherweise mit Zefat identisch war. (The Egyptian Pharao Thutmose III (1490-1436) mentioned Saft in his list of cities conquered in Canaan, which might be identical with Safed.){{cite book}}: CS1 maint: unrecognized language (ڳنڍڻو)
  2. "List of localities, in Alphabetical order" (PDF). Israel Central Bureau of Statistics. August 26, 2018 تي حاصل ڪيل.
  3. "Safed". Jewish Virtual Library Article. 2012-01-07 تي حاصل ڪيل.
  4. Vilnay, Zev (1972). "Tsefat". A Guide to Israel. Jerusalem, Palestine: HaMakor Press. ص. 522–532.
  5. "Safed". Encyclopedia Judaica. جلد 14. Jerusalem, Israel: Keter. 1972. ص. 626.
  6. Sharon, 1997, p. xii
  7. 1 2 3 4 5 6 Britannica CONCISE ENCYCLOPEDIA-© 2006 BY ENCYCLOPÆDIABRITANNICA, INC.-Encyclopædia Britannica and other fine products are available on the Internet at http://www.britannica.com. (Trademark Reg. U.S. Pat. Off.) Printed in Peru. -page#. 2103 -