مواد ڏانھن هلو

صبا قمر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

صبا قمر (Saba Qamar)، 5 اپريل 1984ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ ڄائي هئي. کيس پاڪستان جي ليجنڊ اڪارا طور تي سڃاتو وڃي ٿو. صبا قمر زمان پاڪستان جي مشهور ۽ باصلاحيت اداڪارائن مان هڪ آهي، جيڪا ٽيليويزن ۽ فلمن ۾ مختلف ڪردارن ۾ پنهنجي نِرالي ۽ غيرمعمولي اداڪاري جي صلاحيتن جي ڪري مشهور آهي. هڪ ڏهاڪي کان به وڌيڪ عرصي تائين پنهنجي ڪيريئر سان، هوءَ تفريحي صنعت ۾ هن وڏي مشھوري ماڻي آھي، مشهور ڊراما سيريلز جهڙوڪر؛ ”ميرا سائين“، ”باغي“، ”مات“ ”فراڊ“، “پاگل خانه”، ”هندي ميڊيم“ ۽ ٻين ڪيترن ئي ڊراما سيريلز ۾ پنهنجي دلڪش پرفارمنس لاءِ ايوارڊ حاصل ڪيا آھن، جن جي ذريعي کيس ڏيھان ڏيھي سڃاڻپ ملي آھي. مختلف ڪردار ادا ڪرڻ ۾ سندس زبردست پرفارمنس ۽ قابليت، کيس پاڪستان جي فلم ۽ ڊراما انڊسٽري ۾ حقيقي سُپر اسٽار جي حيثيت ڏياري ڇڏي آھي.

صبا قمر پنھنجو ڪيريئر 2000ع جي ڏهاڪي ۾ ٽيليويزن ڊرامن کان شروع ڪيو، جتي هوءَ پنهنجي اداڪاري جي جادوءَ سان جلد ئي جھرجھنگ ۾ مڃتا ماڻي ورتي. خاص طور تي ڊرامي "باغي" (Baghi) ۾ هن پنھنجي اداڪاري جا شاندار جوهر ڏيکاريا آھن، اھو ڊرامو پاڪستاني اِنفليُوئنسر "قنديل بلوچ" جي زندگي تي ٺاھيل آھي. ان ڊرامي سميت ٻين سڀني ڊرامن ۾ سندس پرفارمنس کي نه رڳو مقامي پر ڏيھان ڏيھي يا بين الاقوامي سطح تي به تمام گھڻو ساراهيو ويو آھي.</ref> https://en.wikipedia.org/wiki/Saba_Qamar<ref>

حوالا

[سنواريو]