شھر آشوب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شهر آشوب __(Shahre Ashob):

اهو نظم جنهن ۾زماني جي افراتفري، ملڪ ۽ شهر جي بربادي ، ويراني، ۽ تباهيءَ جو ۽ ملڪ جي ماڻهن جي مصيبت جو احوال درج ٿيل هجي ته ان شعر کي شاعراڻي حوالي سان ”شهر آشوب“ چئبو آهي. شهر آشوب ۾ حڪومت ۽ رعيت جو احوال، ماڻهن جي اقتصادي ۽ سماجي حالتون، اميرن ۽ غريبن جو بيان ۽ ٻيا اهڙي قسم جا موضوع ڏنا ويندا آهن. سنڌيءَ جي اوائلي شاعريءَ ۾شهر آشوب ملن ٿا، پر جديد شاعرن مان امداد حسينيءَ اهي تعداد ۾گهٽ آهن، محمد ابراهيم ”خليل“، سيد اظهر گيلاني ۽ ٻين شهر آشوب لکيا آهن. ”حيدرآباد شهر“ نظم امداد حسينيءَ جو جديد ”شهر آشوب“ آهي، جنهن ۾ حيدرآباد جو نوحو آهي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي