شي جنپنگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شي جنپنگ
Xi Jinping
Head shot of Xi Jinping in 2019. He is wearing a black suit jacket, white shirt and a blue necktie.
شي مئي 2019ع ۾
ڪميونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري
دفتر سنڀاليو
15 نومبر 2012
پيشرو ھو جنتائو
چيني صدر
دفتر سنڀاليو
14 مارچ 2013
پريميئر لي ڪيچيانگ
نائب صدر
پيشرو ھو جنتائو
سينٽرل ملٽري ڪميشن جو چيئرمين
دفتر سنڀاليو
  • پارٽي ڪميشن:
    15 نومبر 2012
  • اسٽيٽ ڪميشن:
    14 مارچ

2013

ڊپٽي
پيشرو ھو جنتائو
ڪميونسٽ پارٽي جو فرسٽ سيڪريٽري
عهدو سنڀاليو
22 آڪٽوبر 2007 – 15 نومبر 2012
جنرل سيڪريٽري ھو جنتائو
پيشرو زَنگ چِنگھَانگ
جانشين ليو ينشن
عوامي جمهوريه چين جو نائب صدر
عهدو سنڀاليو
15 مارچ 2008 – 14 مارچ 2013
صدر ھو جنتائو
پيشرو زنگ چنگھانگ
جانشين لي يوئنچائو
ذاتي تفصيل
پيدائش جون 1953 (عمر 70 سال)
بيجنگ, عوامي جمهوريه چين
سياسي جماعت چيني ڪميونسٽ پارٽي
جيون ساٿي
ٻار ٻچا شي منگز (نياڻي)
ماءُپيءُ
رهائش زونگنانھاء
تعليم چنگھوا يونيورسٽي (BE , LLD)
دستخط
فوجي خدمتون
فرمانبرداري سانچو:PRC
سروس/شاخ 中国人民解放军军旗 پيپلز لبريشن آرمي
سال خدمتون 1979–1982




شي جنپنگ
لفظ "شي جنپنگ" آسان چيني ٻولي ۾ (مٿيون) ۽ سليس چيني ٻولي ۾ (ھيٺيون) لکيل
آسان چیني 习近平
روایتي چیني 習近平

شِي جِنپِنگ(انگريزي: Xi Jinping ) (Listeni/ˌʃ ɪnˈpɪŋ/ SHEE-_-JIN-ping;l (پيدائش: 15 جون 1853ع) چين جو سياستدان جيڪو 2013ع کان عوامي جمهوريه چين جو صدر، چيني ڪميونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري ۽ 2012 کان چين جي سينٽرل ملٽري ڪميشن جو چيئرمين آهي. شي 2012ع کان چين جو سڀ کان وڏو سياسي اڳواڻ آهي. ھي چين جي جھوني ڪميونسٽ شِي جَونگشُن جو پٽ آھي. ھن بيجنگ جي چِنگھُوا يونيورسٽي مان ڪيميڪل انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي. 1999 کان 2002 تائين فيوجن صوبي جو گورنر رھيو. ,2002 کان 2007 تائين ججيئانگ صوبي جو پارٽي سيڪريٽري ٿيو. 2007ع ۾ ڪجهه وقت شنگھائي جو پارٽي سيڪريٽري پڻ رهيو، جنھن بعد پولٽ بيورو جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو رڪن ٿيو. ھي آڪٽوبر 2007 ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽريٽ جو فرسٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. 2008 ۾ ھن جو نالو ھو جنتائو جي جاء تي چين جي سڀ کان وڏي سياسي اڳواڻ طور تجويز ڪيو ويو ۽ ان سال جي آخر ۾ کيس عوامي جمهوريه چين جو نائب صدر ۽ چين جي سينٽرل ملٽري ڪميشن جو پڻ وائيس چيئرمين مقرر ڪيو ويو. ھن کي چيني ڪميونسٽ پارٽي جي چوٽي جي اڳواڻ (leadership core) جو لقب ڏنو ويو جيڪو لقب مائوزي تنگ ۽ ھن سميت اڃان تائين رڳو پنجن اڳواڻن کي مليو آهي. 2007 کان شي چيني ڪميونسٽ پارٽي جي 17ھين، 18ھين ۽ 19ھين پولٽ بيورو اسٽينڊنگ ڪميٽي جو رڪن رھيو. 2013 ۾ جي چين جو صدر مقرر ڪيو ويو.

شروعاتي زندگي[سنواريو]

فائل:Xi Jinping, Xi Yuanping and Xi Zhongxun in 1958.jpg
شي جنپنگ پنجن سالن جو (کاٻي پاسي) سندس ڀاءُ شي يوئانپنگ (وچ ۾ ) ۽ انھن جو پيءُ شي جونگشن (ساڄي پاسي) 1958ع جي نڪتل تصوير

شي جنپنگ 15 جون 1953 ۾ بيجنگ ۾ پيدا ٿيو. ھي پنھنجي والدين جو ٻيون نمبر پٽ ھيو. سندس پيءُ جو نالو شي جونگشن ۽ ماء جو نالو چي شن ھيو. چيني ڪميونسٽ انقلاب بعد شي جنپنگ جو پيءُ مختلف عهدن تي فائز رهيو جن ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي پروپيگنڊا واري شعبي جو چيف، عوامي جمهوريه چين جو نائب وزيراعظم ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس جو نائب چيئرمين شامل ھيا[2] شي جنپنگ کي ٻہ وڏيون ڀينرون ھرڪ چي چيائوچيائو ۽ چي انعان ھيون[3][4] ھن جي پيءُ جو اصل تعلق شئانڪسي صوبي جي فيوپنگ ڪائونٽي سان ھيو[5] ھن تعليم جي شروعات بيجنگ جي اسڪول نمبر 25 کان ڪئي[6] ۽ پوء 1960 واري ڏھاڪي ۾ بيجنگ بيئاء اسڪول ۾ داخل ٿيو[7][8] 1963ع ۾ جڏھن ھي 10 سالن جو هو ته سندس پيءُ کي ڪميونسٽ پارٽي مان نيڪالي ڏني وئي ۽ کيس ھينان صوبي جي شھر لئويانگ جي ھڪ فيڪٽري ۾ ڪم لاء موڪليو ويو. مئي 1966ع ۾ ثقافتي انقلاب جي ڪري شي جنپنگ کي پنھنجي ثانوي تعليم کي مختصر ڪرڻو پيو ڇوتہ شاگردن طرفان استادن سان ويڙھ ۽ تنقيد سبب سمورا ڪلاس بند ڪيا ويا. فوجي شاگردن شي جنپنگ جي گھر تي حملو ڪري ٽوڙ ڦوڙ ڪئي ۽ ان دٻاءَ جي ڪري ھن جي ھڪ ڀيڻ شي ھيپنگ خودڪشي ڪئي ھئي[9] ھن جي پيءُ کي سري عام ھڪ ميڙ جي آڏو گھمائي انقلاب دشمن قرار ڏنو ويو. ھن جي ماء کان زبردستي پنھنجي مڙس سان تعلق ختم ڪرايو ويو. جڏهن شي جنپنگ 15 سالن جو ٿيو تہ سندس پيءُ کي جيل ۾ بند ڪيو ويو. شي جنپنگ کي پيءُ جي سرپرستي کان بغير 15 سالن جي عمر ۾ شئانڪسي صوبي جي يانچوئان ڪائونٽي جي ليئانجائھي نالي ڳوٺ ۾ ڪم لاءِ موڪليو ويو[10] اتي ھن پارٽي ڪميٽي جي سيڪريٽري طور ڪم ڪيو[11] ھي ڪجهه مھينن ۾ ئي ٻھراڙيءَ واري زندگي کان بيزار ٿي بيجنگ ڀڄي آيو پر ڀاڄوڪڙن جي خلاف ڪاروائي دوران بيجنگ مان گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس واپس ساڳي ڳوٺ ڪم لاء موڪليو ويو جتي ھن ست سال گذاريا[12][13]. ست ڀيرا رد ٿيڻ بعد ھن کي 1971ع ۾ چين جي ڪميونسٽ يٿ ليگ ۾ شامل ڪيو ويو. 1972 ۾ چو اين لائي طرفان خاندانن جي ٻيھر گڏ رھڻ جي اجازت ملڻ بعد ھن ٻيھر پنھنجي پيءُ سان گڏ رھڻ شروع ڪيو[9] جي چيني ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاء درخواست ڏيندو رھيو نيٺ ڏھين ڀيري 1974 ۾ ھن جي درخواست منظور ڪئي وئي[14][15] 1975 کان 1979 تائين شي جنپنگ بيجنگ جي چنگھوا يونيورسٽي ۾ مزدور-ھاري فوجي شاگرد جي حيثيت سان انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪئي. انجنيئر ميجر اتي 15 سيڪڙو وقت مائوازم جي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ لڳائيندا هئا.

اقتدار ڏانھن قدم[سنواريو]

1979 کان 1982 تائين ھن بين جي رياستي ڪائونسل جي نائب وزيراعظم جينگ بائيائو جي سيڪريٽري طور ڪم ڪيو. 1985ع ۾ چيني وفد ۾ شامل ٿي آمريڪي زراعت جو معائنو ڪرڻ لاء آمريڪا جي مسڪيٽائين شھر ۾ ٻہ ھفتا ترسيو[16] 1982ع ۾ ھيبئي صوبي جي جينگڊنگ ڪائونٽي ۾ ڊپٽي پارٽي سيڪريٽري ٿيو ۽ 1983 ۾ ترقي ماڻي ڪائونٽي جو سڀ کان وڏو عملدار ٿيو[17] ان بعد ھن چئن صوبن ۾ ڪم ڪيو: ھيبئي ۾ (1982–1985)، فيوجن ۾ (1985–2002), ججيئانگ ۾ (2002–2007) ۽ شنگھائي ۾ (2007).[18] 1990ع ۾ فيوجوئو ۾ پارٽي اسڪول جو صدر مقرر ٿيو. 1997ع ۾ جي چيني ڪميونسٽ پارٽي جي 15ھين سينٽرل ڪاميٽي جو الٽرنيٽ رڪن ٿيو[19]. 1998ع کان 2002ع تائين چنگھوا يونيورسٽي ۾ مارڪسي نظريي ۽ نظرياتي تعليم جو مطالعو ڪيو[20]. 2002 ۾ گريجوئيشن ڪرڻ سميت ھن قانون ۽ نظريي ۾ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي[21]. 1999ع ۾ فيوجن صوبي جو نائب گورنر ۽ ھڪ سال بعد گورنر مقرر ٿيو. اتي ھن تائيوان جي سيڙپڪارن کي فيوجن ۾ سيڙپ جي ترغيب ڏني ۽ صوبي ۾ ذاتي معيشت کي مضبوط ڪيو[22] فيبروري 2000 ۾ ھن کي چين منگيي کي چيني ڪميونسٽ پارٽي جي پولٽ بيورو جي اسٽينڊنگ ڪميٽي سڏائي يوئاھوئا اسڪينڊل متعلق وضاحت ورتي[23] 2002 ۾ ھن فيوجن ڇڏي ججيئانگ ۾ ۾ پارٽي ڪميٽي سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ اتان جو قائم مقام گورنر مقرر ٿيو. ساڳي سال ھي چيني ڪميونسٽ پارٽي جي 16ھين مرڪزي ڪميٽي جو پڪو رڪن مقرر ٿيو اھڙي طرح ھن لاء قومي سطح تي اڀرڻ جو رستو کليو[24] ھن ججيئانگ واري دور ۾ راشي عملدارن جي خلاف سخت مؤقف رکيو جنھن ڪري ملڪ جي چوٽي جي قيادت جي ڌيان ۾ رھيو[25]. سيپٽمبر 2006 ۾ شنگھائي جي پارٽي سيڪريٽري جي پينشن واري اسڪينڊل جي ڪري برطرفيءَ کان پوءِ شي جنپنگ کي مارچ 2007 ۾ شنگھائي م ان عھدي تي مقرر ڪيو ويو جتي ست مھينا رھيو[26][27] ھن شنگھائي م تڪرارن کان پاسو ڪيو ۽ پارٽي ڊسيپلين کي لاڳو ڪيو[28][29]

پولٽ بيورو جي رڪنيت[سنواريو]

شي جنپنگ آگسٽ 2008ع ۾ آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش سان ملندي
28 سيپٽمبر 2010ع ۾ روسي صدر دَمِيتِري مِدوَيدَوف سان ملندي

آڪٽوبر 2007ع ۾ شي جنپنگ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي سترھين نيشنل ڪانگريس ۾ پارٽي جي 9 رڪني پولٽ بيورو اسٽينڊنگ ڪميٽي جو رڪن مقرر ٿيو. ھن جو شمار لي ڪيچيانگ کان. مٿي ٿيڻ لڳو اھڙي طرح ھي چين جي سڀ کان وڏي قومي اڳواڻ ھو جنتائو جي جانشين طور اميدوار ٿي ويو. ھي چيني ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽريٽ جو فرسٽ سيڪريٽري پڻ مقرر ٿيو.

بطور نائب صدر[سنواريو]

مارچ 2008ع ۾ جي عوامي جمهوريه چين جو نائب صدر مقرر ٿيو[30] بطور نائب صدر جون 2008ع ۾ ھن اتر ڪوريا، منگوليا، سعودي عرب، قطر ۽ يمن جا دورا ڪيا[31]. فيبروري 2009ع ۾ جن لاطيني آمريڪا جو دورو ڪيو جنھن دوران ھي ميڪسيڪو,[32] جيميڪا ,[33] Colombia,[34] وينزويلا,[35] ۽ برازيل[36] سان چين جي تعلق کي مضبوط ڪيو. واپسي ۾ مالٽا جي گادي جي ھنڌ ويلٽا پڻ ويو[37].


چين جي اڳواڻي[سنواريو]

15 نومبر 2012 تي ھي چيني ڪميونسٽ پارٽي جي جنرل سيڪريٽري جي عھدي تي چونڊجي آيو ۽ سينٽرل ملٽري ڪميشن جو چيئرمين مقرر ٿيو. اھڙي طرح جي ملڪ جو قائد ٿي ويو. ھي چين جي سڀ کان وڏي اڳواڻ جي منصب تي پھچندڙ واحد اڳواڻ آهي جيڪو چيني انقلاب اچڻ کان پوءِ پيدا ٿيو ھو[38]. ھن اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي ميمبرن جي تعداد کي 9 کان گھٽائي 7 ڪرايو[39][40][41] 14 مارچ 2013ع تي چين جي ٻارھين نيشنل ڪانگريس ۾ شي جنپنگ چين جو صدر چونڊجي آيو کيس 2,952 ووٽ مليا. ٽن ڄڻن ڳڻپ ۾ حصو نہ ورتو[38] ھو جنتائو ٻہ ڀيرا صدر رھڻ بعد رٽائر ٿي ويو ۽ ھن ان جي جاء ورتي[42]

حوالا[سنواريو]

  1. "Association for Conversation of Hong Kong Indigenous Languages Online Dictionary". hkilang.org. وقت 1 July 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 September 2019.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. "Profile: Chinese Vice President Xi Jinping". Radio Free Europe/Radio Liberty. 7 November 2012. https://www.rferl.org/a/china-profile-xi-jinping/24764283.html. 
  3. (zh-Hant ۾)Xinhua News Agency. 28 April 2009. http://news.xinhuanet.com/book/2009-04/28/content_11270872.htm. 
  4. Xu, Xinyi. People's Daily (ٻولي ۾ Chinese) https://web.archive.org/web/20170428053410/http://book.people.com.cn/BIG5/n/2013/0527/c69360-21628126.html. وقت 28 April 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 27 April 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Missing or empty |title= (مدد)
  5. Fangqin, Sun (16 November 2012). (zh-Hant ۾)Wen Wei Po. http://hn.wenweipo.com/news/zhuanti/2012-11-16/23713.html. 
  6. Li, Cheng. "Xi Jinping's Inner Circle (Part 2: Friends from Xi's Formative Years)" (PDF). Hoover Institution. صفحا. 6–22. حاصل ڪيل 15 July 2020. 
  7. Takahashi, Tetsushi. "Connecting the dots of the Hong Kong law and veneration of Xi". Nikkei Shimbun. حاصل ڪيل 23 October 2020. 
  8. Osnos, Evan. "Born Red". New Yorker. حاصل ڪيل 23 October 2020.  - The article refers to the Beijing Bayi School as the "August 1st School". Based on the timeline presented in the article, Xi went to Beijing Bayi in the 1960s.
  9. 9.0 9.1 Buckley, Chris; Tatlow, Didi Kirsten (24 September 2015). "Cultural Revolution Shaped Xi Jinping, From Schoolboy to Survivor". The New York Times. https://www.nytimes.com/2015/09/25/world/asia/xi-jinping-china-cultural-revolution.html. 
  10. Youku (ٻولي ۾ Chinese) https://web.archive.org/web/20180130204306/http://v.youku.com/v_show/id_XMzM2NTc1MjAwOA==.html. وقت 30 January 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 30 January 2018.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Missing or empty |title= (مدد)
  11. Lim, Louisa (9 November 2012). "For China's Rising Leader, A Cave Was Once Home". NPR. https://www.npr.org/2012/11/09/164684418/for-chinas-rising-leader-a-cave-was-once-home?t=1578589261050. 
  12. Demick, Barbara; Pierson, David (14 February 2012). "China's political star Xi Jinping is a study in contrasts". Toronto Star. https://www.thestar.com/news/world/2012/02/14/chinas_political_star_xi_jinping_is_a_study_in_contrasts.html. 
  13. Matt Rivers. "This entire Chinese village is a shrine to Xi Jinping". CNN. حاصل ڪيل 11 February 2021. 
  14. ""The Current" – Wednesday February 28, 2018 Full Text Transcript". CBC Radio. 28 February 2018. http://www.cbc.ca/radio/thecurrent/the-current-for-february-28-2018-1.4555132/wednesday-february-28-2018-full-text-transcript-1.4556381#segment3. 
  15. Ranade, Jayadva (25 October 2010). "China's Next Chairman – Xi Jinping". Centre for Air Power Studies. https://docs.google.com/viewer?a=v&q=cache:Zy479_jx11YJ:www.aerospaceindia.org/Issue%20Briefs/2010/25%20October%202010%20-%20CHINA%E2%80%99S%20NEXT%20CHAIRMAN%E2%80%94XI%20JINPING.pdf+&hl=en&pid=bl&srcid=ADGEESjpQjUAtfkdEgw0cxv3UMunFfoLBcy0_po2aPN4xvPoQ-K9lFpIdgtf7PAw5ebYoTd8NwaRSswzfWmws278UPehKckL3Zb0TXlci2R0HsZGceCYRpBiD6EfBrspdjUh8CZzwcMg&sig=AHIEtbRjgFp8BCiHybWUtaP2uVF8BVuVZA. 
  16. Dvorchak, Gary (24 September 2015). "President Xi Slept Here: How a Trip to Iowa in 1985 Changed U.S.-China Relations". The Street. http://www.thestreet.com/story/13300612/1/president-xi-slept-here-how-a-trip-to-iowa-in-1985-changed-u-s-china-relations.html. 
  17. "Xi Jinping". GlobalSecurity.org. وقت 5 December 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 27 May 2012.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  18. "Xi Jinping: From graft-fighting governor to China's most powerful leader since Mao Zedong" (en ۾). The Straits Times. 11 March 2018. https://www.straitstimes.com/asia/east-asia/xi-jinping-from-graft-fighting-governor-to-chinas-most-powerful-leader-since-mao. 
  19. (zh-Hans ۾). 22 April 2011. http://www.canyu.org/n24349c6.aspx. 
  20. "Xi Jinping -- Politburo Standing Committee member of CPC Central Committee". People's Daily. وقت 30 June 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 30 October 2019.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  21. Watts, Jonathan (26 October 2007). "Most corrupt officials are from poor families but Chinese royals have a spirit that is not dominated by money". The Guardian (London, England). https://www.theguardian.com/world/2007/oct/26/china.uknews4. 
  22. Tiezzi, Shannon (4 November 2014). "From Fujian, China's Xi Offers Economic Olive Branch to Taiwan" (en-US ۾). The Diplomat. https://thediplomat.com/2014/11/from-fujian-chinas-xi-offers-economic-olive-branch-to-taiwan/. 
  23. Yu, Xiao (18 February 2000). "Fujian leaders face Beijing top brass". South China Morning Post. http://www.scmp.com/article/308424/fujian-leaders-face-beijing-top-brass. 
  24. Ho, Louise (25 October 2012). "Xi Jinping's time in Zhejiang: doing the business" (en ۾). South China Morning Post. https://www.scmp.com/news/china/article/1068825/chinas-leadership-transition-xi-jinpings-time-zhejiang. 
  25. Wang, Lei (25 December 2014). (zh-hans ۾)Duowei News. http://opinion.dwnews.com/news/2014-12-25/59626005.html. 
  26. (zh-Hans ۾)Sohu. 24 March 2007. http://news.sohu.com/20070324/n248946143.shtml. 
  27. "China new leaders: Xi Jinping heads line-up for politburo" (en-GB ۾). BBC News. 15 November 2012. https://www.bbc.com/news/world-asia-china-20322288. 
  28. (zh-hans ۾)Mingjing News. 11 July 2013. http://www.boxun.com/news/gb/china/2013/07/201307110449.shtml#.VTxXVvnF_tU. 
  29. (zh-hans ۾)Caijing. 22 October 2007. http://www.caijing.com.cn/2007-10-22/100034588.html. 
  30. "Hu Jintao reelected Chinese president". China Daily. 15 March 2008. http://www.chinadaily.com.cn/china/2008npc/2008-03/15/content_6539302.htm. 
  31. "Vice-President Xi Jinping to Visit DPRK, Mongolia, Saudi Arabia, Qatar and Yemen". Ministry of Foreign Affairs. وقت 23 July 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 20 October 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  32. "Chinese vice president arrives in Mexico for official visit". People's Daily. 10 February 2009. http://en.people.cn/90001/90776/90883/6589461.html. 
  33. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named :0
  34. "Chinese vice president continues visit in Colombia". People's Daily. حاصل ڪيل 11 September 2019. 
  35. Zhang, Xiang. "Chinese VP praises friendly cooperation with Venezuela, Latin America". Government of China. حاصل ڪيل 11 September 2019. 
  36. "Xi Jinping proposes efforts to boost cooperation with Brazil". China Daily. وقت 6 February 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 11 September 2019.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  37. "Chinese vice president begins official visit" (en-gb ۾). Times of Malta. 22 February 2009. https://timesofmalta.com/articles/view/chinese-vice-president-begins-official-visit.245968. 
  38. 38.0 38.1 "China Confirms Leadership Change". BBC News. 17 November 2012. https://www.bbc.co.uk/news/world-asia-china-20322288. 
  39. "Xi Jinping: China's 'princeling' new leader". Hindustan Times. 15 November 2012. https://www.hindustantimes.com/world/xi-jinping-china-s-princeling-new-leader/story-uKjI60ipqpRSEew3Zi7jzL.html. 
  40. Wong, Edward (14 November 2012). "Ending Congress, China Presents New Leadership Headed by Xi Jinping". The New York Times. https://www.nytimes.com/2012/11/15/world/asia/communists-conclude-party-congress-in-china.html?ref=asia&_r=0. 
  41. FlorCruz, Jaime A; Mullen, Jethro (16 November 2012). "After months of mystery, China unveils new top leaders". CNN. http://edition.cnn.com/2012/11/14/world/asia/china-leadership-transition/index.html. 
  42. Demick, Barbara (3 March 2013). "China's Xi Jinping formally assumes title of president". Los Angeles Times. http://www.latimes.com/news/world/worldnow/la-fg-wn-china-xi-presidency-20130313,0,1240600.story.