فيوجن صوبو
| فيوجن صوبو Fujian | |
|---|---|
| چيني صوبو | |
نقشي ۾ فيوجن صوبو ڏيکاريل | |
| متناسقات: 25°54′N 118°18′E / 25.9°N 118.3°E | |
| ملڪ | چين |
| جيانگنانگڊانگ سرڪٽ | 626 |
| فيوجن سرڪٽ | 985 |
| تائيوان جي تقسيم | 1887 |
| فيوجن پيپلز گورنمينٽ | 1933-11-20 to 1934-01-13 |
| فيوجن جي تقسيم | 1949-08-17 |
| گادي جو هنڌ ( ۽ سڀ کان وڏو شھر) |
فيوجو |
| انتظامي ورهاست | 9 پريفيڪچر، 85[1] ڪائونٽيون، 1107[1] ٽائون شپ |
| حڪومت | |
| • قسم | صوبائي |
| • مجلس | فيوجن جي پيپلز ڪانگريس |
| • چيني ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري | ين لي |
| • فيوجن پيپلز ڪانگريس جو چيئرمين | ين لي |
| • گورنر | وينگ ننگ |
| • پيپلز پوليٽيڪل ڪنسلٽو ڪانفرنس جو چيئرمين |
ڪُئِي يَويَنگ |
| پکيڙ | |
| • ڪل | 121,400 ڪ.م2 (46,900 ميل2) |
| پکيڙ ۾ درجو | پکیڙ ۾ چين جو 23ھون وڏو صوبو |
| بلند ترین پیمائش (ھُوانگگَينگ جبل) | 2,158 ميل (7,080 ft) |
| آبادي (2017)[2] | |
| • ڪل | 38,565,000 |
| • تخمينو (2019) | 39,730,000 |
| فيوجن صوبو | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| "Fujian" in Chinese characters | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| چیني | 福建 | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| لغوي معنیٰ | "Fu(zhou) and Jian(zhou)" | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| Abbreviation | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| آسان چیني | 闽 | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| روایتي چیني | 閩 | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| لغوي معنی | [the Min River] | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
فيوجن(انگريزي: Fujian ) عوامي جمهوريه چين جي ڏکڻ اوڀر واري ساحل تي واقع ھڪ صوبو آهي. ان جي اتر ۾ ججيئانگ، اولھ ۾ جِئانگشي، ڏکڻ ۾ گوئينگڊانگ ۽ اوڀر ۾ تائيوان وارو سامونڊي لنگھ واقع آهي. ھن صوبي جو گادي جو هنڌ فيوجو شھر آھي جڏھن تہ آبادي ۾ سڀ کان وڏو شھر ڪوانچو آھي ۽ ٻئي شھر تائيوان واري سامونڊي لنگھ واري ساحل تي واقع آھن. ھن صوبي جا ماڻھو لڳ ڀڳ سمورا چيني نسل جا آھن. صوبي جي ڪل آبادي 3 ڪروڙ 90 لک آھي ۽ چين ۾ آبادي جي لحاظ کان اھو 17ھون وڏو صوبو آھي. صوبي جي جي ڊي پي 3.58 ٽرلين يوئان آھي ھي صوبو جي ڊي پي ۾ چين جو 10ھون وڏو صوبو آھي.

ھي صوبو گھڻي ڀاڱي جابلو آھي. اتر اولھ وارو پاسو اوچو اٿس جنھن ۾ ووياء جبل واقع آهن. صوبي جي 60.96 سيڪڙو زمين ۽ جبلن تي ٻيلا واقع آهن[3] فيوجن جو سڀ کان اوچو مقام ھوانگگينگ جبل آھي جيڪو 2157 ميٽر اوچو آهي. صوبي ۾ مِن ندي، سان گڏوگڏ جِن ندي ۽ جيولانگ ندي پڻ وڻن ٿيون. چين جو ھي صوبو تائيوان جي سڀ کان ويجھو آھي. تائيوان ۽ ھن صوبي جي وچ وارو سامونڊي لنگھ 180 ڪلوميٽر آهي.
حوالا
[سنواريو]- 1 2 These are the official PRC numbers from 2009 Fujian Statistic Bureau. Quemoy is included as a county and Matsu as a township.
- ↑ "Communiqué of the National Bureau of Statistics of People's Republic of China on Major Figures of the 2010 Population Census [1] (No. 2)", National Bureau of Statistics of China, 29 April 2011, اصل کان 27 جولاءِ 2013 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 4 August 2013۔
- ↑ "Forestry in Fujian Province", English.forestry.gov.cn, 21 جنوري 2010, اصل کان 3 مئي 2012 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 7 مئي 2012۔