شينئي وارو شوربو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گئان(انگريزي: Guan ) يا شينئي وارو شوربو(انگريزي: Shenai soup ) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي قلات ڊويزن جي شھر قلات ۾ گئان مان ٺھندڙ شينئي وارو شوربو ھڪ مشھور طعام آھي جيڪو ماني سان کائبو آهي.

ڪھو جي وڻ ۾ ٿيندڙ گئان
شينئي وارو شوربو

بلوچستان م ڪھو جو وڻ عام آھي جنھن ۾ گئان يا شينئي نالي جھنگلي پستا ٿيندا آهن. ڪھو جي ڪاٺي ٻارڻ جي ڪم ايندي آهي. گئان مان پڪل چونڊي ڪچا ڌار ڪبا آهن. انھن پڪل گائنن کي حمام دستي سان ڪٽي سنھو ڪبو آھي جنھن سان اھي تيل ڇڏڻ شروع ڪندا آهن. انھن ۾ گرم پاڻي ملائي ڳوھڻ سان ان مان تيل نڪرڻ جاري رهندو آھي جيڪو الڳ ٿانو ۾ ڌار ڪبو آھي. ان تيل م ڪٽيل بصرن ۾ مصالحو وجھي داغ ڪبو آھي. ٻئي طرف گئان وارو خشڪ ڦوڳ ٿوري پاڻي ۾ ھٿ سان چڱي طرح ملائي حل ڪري باقي ڦوڳ ڪڍي اھو مڪسچر تيل م داڳيل بصرن ۾ وجھي باھ بند ڪبي آھي تہ جيئن وڌيڪ نہ رڌجي ۽ ان کي کائڻ واري ٿانو ۾ لاھي ماني سان کائبو آهي.

حوالا[سنواريو]