شيخ نصيرالدين محمود چراغ دهلوي
|
---|
شيخ شيخ نصيرالدين محمود چراغ دهلوي | |
---|---|
وفات | 18 رمضان 757ھ ، 1356 عيسويءَ۾ |
قومیت | دھلوي |
خطو | اسلام |
مذھب | اسلام |
فقہ | حنفي |
عملي شعبو | فقہ |
معروف خدمتون | خيرالمجالس (ملفوظات) |
مرشد | نظام الدين اولياء |
شيخ نصيرالدين محمود چراغ دهلوي ، هي بزرگ حضرت سلطان المشائخ نظام الدين اولياء جو وڏو خليفو هو. حضرت سلطان المشائخ جي وفات کان پوءِ دهليءَ جي ولايت هن بزرگ ڏانهن منتقل ٿي. پنهنجي روحاني سلسلي جو ڪم نهايت ڏکئي وقت ۾ جاري رکيو. ان وقت مطلق العنان بادشاهه محمد تغلق جي حڪومت هئي، جنهن بزرگن، عالمن ۽ صوفين کي پنهنجي حڪمن موجب هلائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي. اهڙين حالتن ۾ حضرت چراغ دهلوي مضبوط پهاڙ وانگر پنهنجيءَ جاءِ تي قائم رهيو ۽ همت ۽ استقلال سان ڪم ڪندو رهيو. محمد تغلق کيس ڏاڍو پريشان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن هر ڳالهه کي صبر ۽ تحمل سان منهن ڏنو. هو سفر ۾ به کيس پاڻ سان کنيو گھمندو هو. چيو وڃي ٿو ته هڪ ڀيري سلطان کيس پنهنجو جامه دار مقرر ڪيو. هن سموريون ڳالهيون پنهنجي مرشد جي وصيت موجب برداشت ڪيون.[1] سلطان محمد تغلق جڏهن ٺٽي تي اچي حملو ڪيو، ته حضرت چراغ دهلويءَ کي سنڌ ۾ پاڻ وٽ گھرايائين. اهڙيءَ طرح هي بزرگ پنهنجي مرشد ڀائي ۽ استاد مولانا شمس الدين جي استاد مولانا ظهيرالدين بکريءَ جي وطن سنڌ ۾ آيو آهي. سيرالاولياء جي صاحب لکيو آهي، ته جڏهن بزرگ ٺٽي جي ويجھو محمد تغلق وٽ آيو، ته سلطان بزرگ جو اهو احترام نه ڪيو،جيڪو کيس ڪرڻ گھربو هو. نتيجو اهو نڪتو جو سلطان کي بادشاهي تخت جي بدران تابوت جي تختي تي موٽائي پنهنجي شهر آندو ويو.[2] سندس مطلب هي آهي ته ان کان ٿورو پوءِ سلطان محمد تغلق کي ٺٽي کان چوڏهن ميلن جي فاصلي تي پلي کائڻ جي ڪري پيٽ ۾ سور پيو ۽ هن درياءَ جي ڪناري تي 21 محرم سن 751 (1350ع) يا 752ھ (1351ع) تي وفات ڪئي.[3] حضرت محمود چراغ دهلوي جي ملفوظات ”خير المجالس“ جي نالي سان موجود آهي. 18- رمضان المبارڪ سن 757ھ (1356ع) تي وفات ڪيائين.<fef>اخبار الاخيار، اردو ترجمون، ص 180، تاريخ مشائخ چشت، ص 185.</ref>[4]
حوالا
[سنواريو]- ↑ اخبار الاخيار، اردو ترجمون، ص 180.
- ↑ سيرالاولياءَ، اردو ترجمون، ص 393.
- ↑ تاريخ فيروزشاهي (برني، اردو ترجمون، ص 746) ۾ 751ھ سن آيل آهي، پر تاريخ مبارڪ شاهي (اردو ترجمو، ص 203 ۾ سن 752ھ ڏيکاريل آهي.
- ↑ چشتي سلسلو: ميمڻ عبدالمجيد، سنڌي مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو