شيخ ميرڪ پوراني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شيخ بايزيد ميرڪ
پوراني
پيدائش بايزيد
پوران، ھرات
وفات بکر
رھائش بکر
شھرت جو ڪارڻ بکر جو شيخ السلام
مشھور ڪم بکر ۾ مدرسي جو بنياد
ٻار ٻچا ميرڪ عبدالباقي پوراني

شيخ بايزيد ميرڪ پوراني(انگريزي: Sheikh Bayazid Meerak Purani) مير سيد محمود عرف شيخ ميرڪ بن مير ابو سعيد پوراني سادات عربشاهي مان هو، چنانچه شيخ ابو سعيد جي والده ماجده شيخ جلال الدين بايزيد پوراني جي نور نظر هئي. پوران، هرات جي ويجهو ڳوٺ هو. ميرڪ بايزيد کي شاهه بيگ ارغون بکر مٿان شيخ الاسلام مقرر ڪيو. ميرڪ صاحب مخلوق خدا جي خدمت لاءِ هڪ عظيم الشان مدرسو سکر ۾ تعمير ڪرايو، جنهن سان مسافر خانوبه ملحق هو. انهن ادارن جو سمورو خرچ پنهنجي هڙان ڏيندا هئا. لنگر خانو رات ڏينهن چالو رهندو هو، سندس فرزند مير عبدالباقي پاڻ پنهنجن هٿن سان مفروج مشروبات، مربا ۽ چٽڻيون تيار ڪري شاگردن کي کارائي پياري سندن حوصلي افزائي ڪندا هئا. هن دور ۾ سنڌ ۾ ٻه مکيه مدرسا مشهور هئا. پهريون سيوهڻ جو مدرسو جو اسلامي دنيا ۾ ”فقه اسلام“ جي نالي سان سڏبو هو ۽ منجهس مصر جا شاگرد به پڙهندا هئا. هن مدرسي جي هاسٽل جي ڇت تي شيخ ابن بطوطا اونهاري جي هڪ رات گذاري هئي. ٻيو دارالعلوم شيخ ميرڪ جو سکر ۾ هو، جنهن ۾ خط نستعليق ۽ اقليدس (جاميٽري) جي تعليم رائج هئي. اڳ خط ڪوفي رائج هو. ميرڪ بايزيد فن خطاطي، حڪمت ۽ اقليدس جو ماهر هو. ميرڪ محمود پوءِ ٺٽي ڏانهن هليو ويو. سکر جي دارالعلوم ۾ عراق ۽ عجم جا شاگرد تعليم وٺندا هئا[1].

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سکر :مصنف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ؛ڇاپو: پهريون سال؛ 1992ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ