ميرڪ عبدالباقي پوراني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ميرڪ عبدالباقي
پيدائش بکر
وفات 3رمصان 1019ھ
بکر
شھرت جو ڪارڻ شيخ السلام
ماءُپيءُ شيخ ميرڪ پوراني

ميرڪ عبدالباقي پوراني(انگريزي: Mirak Abdul Baqi Purani) پنهنجي والد ميرڪ بايزيد جي وفات کان پوءِ بکر جو سني شيخ السلام مقرر ٿيو ۽ پنهنجي زماني جو قطب ٿي گذريو آهي. سندس مقبرو لوڪل بورڊ دفتر جي اوڀرندي ۾ چوني گچ جي پلستر سان آهي. گنبذ جي اولهندي ڀر ۾ بيگمات جون قبرون آهن، اڳ اهي قبرون گنبذدار عمارت اندر هيون. هينئر گنبذ ڊهي ويا آهن، فقط اولهندي واري ديوار بيٺل آهي، جنهن تي ڪاشيءَ جو عمدو ڪم ڪيل آهي. زنانه قبرستان جي ڀر ۾ ڏکڻ طرف هڪ ڊٺل مسجد جون ديوارون بيٺل آهن، جن تي پڻ بهترين ڪاشيءَ جو ڪم ڪيل آهي. سلطان محمود ڪوڪلتاش جي قبر ۽ ميرڪ عبدالباقي جي بيگمات جون قبرون ۽ مسجد اهي سکر جون اوائلي عمارتون آهن، جن تي ڪاشيءَ جون سرون لڳل آهن. يعني ته اڄ کان چار صديون اڳ سکر جا ڪاريگر ڪاشيءَ جي هنر کان واقف هئا. مسجد جي ديوارن تي جيڪو ڪاشيءَ جو ڪم ڪيل آهي، سو اقليدس جي شڪلن مطابق آهي. مسجد جي ڀر ۾ هڪ منارو اٽڪل ويهن فوٽن جي اوچائي تي بيٺل هو جنهن کي ”حلالي، حرامي“ چوندا هئا، يعني حلالي منجهانس لنگهي سگهندو هو ۽ حرامي اٽڪجي بيهندو هو. 1904ع تائين اها مناري نما عمارت بيٺل هئي پوءِ زمين دوز ٿي ويئي. مير عبدالباقي پوراني 3 رمضان 1019ھ ۾ وفات ڪئي[1].

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سکر :مصنف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ؛ڇاپو: پهريون سال؛ 1992ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ