شيخ محمد عبدالله

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شيخ محمد عبدالله

شيخ محمد عبدالله
ٽيون ڄمون ۽ ڪشمير جو وزير اعلي
عهدو سنڀاليو
25 فيبروري 1975 – 26 مارچ 1977
جانشين گورنر راڄ
عهدو سنڀاليو
9 جولاءِ 1977 – 8 سيپٽمبر 1982
پيشرو گورنر راڄ
جانشين فاروق عبدالله
ٻيون ڄمون ۽ ڪشمير جو وزير اعظم
عهدو سنڀاليو
5 مارچ 1948 – 9 آگسٽ 1953
پيشرو ميهر چند مهاجن
جانشين بخشي غلام محمد
رڪن ڀارت جي قانونساز اسيميبلي
عهدو سنڀاليو
9 ڊسمبر 1946 – 24 جنوري 1950
ذاتي تفصيل
پيدائش 5 ڊسمبر 1905[1]
سئورا، ڄمون ۽ ڪشيمر جي رياست (هاڻي ڄمون ۽ ڪشمير، ڀارت)
وفات 8 سيپٽمبر 1982 (aged 76)[1]
سرينگر، ڄمون ۽ ڪشمير، ڀارت
سياسي جماعت ڄمون ۽ ڪشمير نيشنل ڪانفرنس
جيون ساٿي بيگم اڪبر جهان عبدالله
ٻار ٻچا فاروق عبدالله، سوريا عبدالله علي
مادر علمي اسلاميه ڪاليج لاهور
علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي[2]
مذهب اسلام

شيخ محمد عبدالله (انگريزي: Shaikh Muhammad Abdullah)، ڪشميري سياستدان هو، جنهن جو ڄمون ۽ ڪشمير جي سياست تي وڏو اثر هو. هي ڄمون ڪشمير نيشنل ڪانفرنس جو اڳواڻ هو، جنهن کي ڪشمير جو شينهن پڻ سڏيندا هئا. هي ڄمون ۽ ڪشمير جو ٻيون وزيراعظم هو. هي مهاراجا هري سنگھ جي حڪومت جي خلاف هو ۽ سندس خيال هو ته ڪشمير خودمختيار خطو هجي.
هن هندوستان سان الحاق کان پوءِ ڄمون ۽ ڪشمير رياست جي ٻين وزير اعظم طور خدمتون سرانجام ڏنيون.[3] ان کان پوءِ هن کي قيد ۽ جلاوطن ڪيو ويو. هن کي 8 آگسٽ 1953ع تي عهدي کان برطرف ڪيو ويو ۽ بخشي غلام محمد کي نئون وزيراعظم مقرر ڪيو ويو. 1965ع ۾ ڪشمير جي ويز اعظم ۽ صدر رياست کي گورنر ۽ وزير اعلي طور تبديل ڪيو ويو.[4] شيخع محمد 1975ع تي ٻيهر ڪشمير جو وزير اعلي مقرر ٿيو ۽ هي ان عهدي تي سندس وفات 1982ع تائين خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 Hoiberg, Dale H. (2010) p 22-23
  2. Tej K. Tikoo (19 July 2012). Kashmir: Its Aborigines and Their Exodus. Lancer Publishers. pp. 185–. ISBN 978-1-935501-34-3. https://books.google.com/books?id=kRFvWyqGNzEC&pg=PA185. Retrieved 26 February 2013. 
  3. Lamb, Alastair. The Myth of Indian Claim to Jammu and Kashmir: A Reappraisal. World Kashmir Freedom Movement. 
  4. Noorani, A.G.. Article 370 : a constitutional history of Jammu and Kashmir (1. publ. ed.). New Delhi: Oxford University Press. ISBN 9780198074083. 

سانچو:ابتدائی ترتیب:عبدالله، شيخ