شيخ محمد عبدالله
ڏيک
شيخ محمد عبدالله | |
|---|---|
شيخ محمد عبدالله | |
| ٽيون ڄمون ۽ ڪشمير جو وزير اعلي | |
| عهدي ۾ 25 فيبروري 1975 – 26 مارچ 1977 | |
| کان پوءِ | گورنر راڄ |
| عهدي ۾ 9 جولاءِ 1977 – 8 سيپٽمبر 1982 | |
| کان اڳ | گورنر راڄ |
| کان پوءِ | فاروق عبدالله |
| ٻيون ڄمون ۽ ڪشمير جو وزير اعظم | |
| عهدي ۾ 5 مارچ 1948 – 9 آگسٽ 1953 | |
| کان اڳ | ميهر چند مهاجن |
| کان پوءِ | بخشي غلام محمد |
| رڪن ڀارت جي قانونساز اسيميبلي | |
| عهدي ۾ 9 ڊسمبر 1946 – 24 جنوري 1950 | |
| ذاتي تفصيل | |
| ڄائو | 5 ڊسمبر 1905[1] سئورا، ڄمون ۽ ڪشيمر جي رياست (هاڻي ڄمون ۽ ڪشمير، ڀارت) |
| وفات | 8 سيپٽمبر 1982 (aged 76)[1] سرينگر، ڄمون ۽ ڪشمير، ڀارت |
| سياسي پارٽي | ڄمون ۽ ڪشمير نيشنل ڪانفرنس |
| زال/مڙس | بيگم اڪبر جهان عبدالله |
| ٻار | فاروق عبدالله، سوريا عبدالله علي |
| الما ميٽر | اسلاميه ڪاليج لاهور علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي[2] |
| ڌرم | اسلام |
شيخ محمد عبدالله (انگريزي: Shaikh Muhammad Abdullah)، ڪشميري سياستدان هو، جنهن جو ڄمون ۽ ڪشمير جي سياست تي وڏو اثر هو. هي ڄمون ڪشمير نيشنل ڪانفرنس جو اڳواڻ هو، جنهن کي ڪشمير جو شينهن پڻ سڏيندا هئا. هي ڄمون ۽ ڪشمير جو ٻيون وزيراعظم هو. هي مهاراجا هري سنگھ جي حڪومت جي خلاف هو ۽ سندس خيال هو ته ڪشمير خودمختيار خطو هجي.
هن هندوستان سان الحاق کان پوءِ ڄمون ۽ ڪشمير رياست جي ٻين وزير اعظم طور خدمتون سرانجام ڏنيون.[3] ان کان پوءِ هن کي قيد ۽ جلاوطن ڪيو ويو. هن کي 8 آگسٽ 1953ع تي عهدي کان برطرف ڪيو ويو ۽ بخشي غلام محمد کي نئون وزيراعظم مقرر ڪيو ويو. 1965ع ۾ ڪشمير جي ويز اعظم ۽ صدر رياست کي گورنر ۽ وزير اعلي طور تبديل ڪيو ويو.[4] شيخع محمد 1975ع تي ٻيهر ڪشمير جو وزير اعلي مقرر ٿيو ۽ هي ان عهدي تي سندس وفات 1982ع تائين خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو.
حوالا
[سنواريو]- 1 2 Hoiberg, Dale H. (2010) p 22-23
- ↑ Tej K. Tikoo (19 July 2012). Kashmir: Its Aborigines and Their Exodus. Lancer Publishers. ص. 185–. ISBN 978-1-935501-34-3. 26 February 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Lamb, Alastair. The Myth of Indian Claim to Jammu and Kashmir: A Reappraisal. World Kashmir Freedom Movement.
- ↑ Noorani, A.G. Article 370 : a constitutional history of Jammu and Kashmir (1. publ. ڇاپو). New Delhi: Oxford University Press. ISBN 9780198074083.