شيخ شمس الدين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شمس الدين
شيخ
شمس الدين
وفات بکر
قومیت سنڌي
نسل سنڌي
دور سمن جو دؤر
خطو اسلام
مذھب اسلام
فقہ حنفي مسلڪ
عملي شعبو فقہ

شيخ شمس الدين(انگريزي: Sheikh Shamsuddin) بکر ۾ مشهور بزرگ هيو. سندس وجود جي ڪري بکر علم جو مرڪز هو. ابن بطوطا ساڻس ملاقات ڪئي هئي. ان وقت شيخ شمس الدين جي عمر هڪ سؤ ويهه ورهيه هئي. انهن ڏينهن ۾ عماد الملڪ سرتيز، ترڪمان قوم جو امير ۽ محمد تغلق جو ناٺي سنڌ جو حاڪم هو، جو پوءِ سنه 748ھ ۾ دکن ۾ علاءُ الدين، حسن بهمنيءَ سان وڙهندي هڪڙيءَ جنگ ۾ مارجي ويو هو.ابن بطوطا انهن ڏينهن ۾ ٽپال جي انتظام جي تعريف ڪري ٿو. سندس بيان موجب سيوهڻ کان ملتان ڏهن ڏينهن جو رستو هو ۽ ملتان کان دهليءَ تائين پنجاهه ڏينهن جو رستو هو، ”مگر بادشاهه کي خبرون فقط پنجن ڏينهن ۾ دهليءَ تائين پهچن ٿيون. گهوري سوار ٽپاليءَ کي ’اولاق‘ سڏين ٿا. ٽپالي چئن ڪوهن بعد گهوڙا بدلائين ٿا. پيادا ٽپالي هرڪار سڏجن ٿا، جيڪي في ميل چئن چوڪين تي بدلجن ٿا. بعض سخت ڏوهارين کي کٽن تي ويهاري چار ڄڻا ڪلهن تي کڻي دهلي درٻار تائين پهچائين ٿا. ٽپال جو کاتو ’بريد‘ سڏجي ٿو. بادشاهي اخبار نويس نو وارد مسافر جو احوال سندن درآمد مال سميت دارالخلافه تائين پهچائين ٿا.“ بکر ۾ هڪڙي خانقاه جو هو ڏس ڏي ٿو، جتي مسافرن کي مفت کاڌو ملندو هو. سنڌ جي ڪن شهرن ۾ مسافرن کي سفر لاءِ خرچ به ملندو هو.(1)[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي