شورڪوٽ
ڏيک
شورڪوٽ | |
---|---|
شھر | |
بستي ستار آباد | |
پنجاب جو ضلعي نقشو جنھن ۾ جھنگ ضلعو وچ پنجاب ۾ ھلڪي ناسي رنگ ۾ ڏيکاريل | |
جاگرافي بيهڪ: 30°30′N 72°24′E / 30.50°N 72.4°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | پنجاب |
ضلعو | جھنگ ضلعو |
تحصيل | شورڪوٽ تحصيل |
بلندي | 131 ميل (430 ft) |
شورڪوٽ(انگريزي: Shorkot) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي جھنگ جو ھڪ شھر ۽ ساڳي نالي سان تحصيل جو صدر مقام آهي، جنھن جي جاگرافيائي بيهڪ 30°30'N 72°24'E 131 ميٽرن جي الٽيٽيوڊ تي آهي. [1][2] ھي شھر صوفي بزرگن سلطان باهو ۽ سيد بھادر علي شاھ ,[3] شاھ محمود غازي عرف غازي پير، سيد محبوب عالم شاھ گيلاني جي مقبرن جي ڪري مشهور آهي. محبوب عالم جو مقبرو شھر جي وچ ۾ آهي. ھي بزرگ جھانگير بادشاهه جي دؤر ۾ ڄائو ۽ 1079 ھجري ۾ اورنگزيب عالمگير جي دؤر ۾ فوت ٿيو. ھڪ روايت مطابق اورنگزيب ساڻس شورڪوٽ ۾ ملاقات لاءِ آيو ۽ سندس مريد ٿي ويو ۽ سندس خاندان کي شورڪوٽ ٻاھران وسيع زمين عنايت ڪيائين. شاھ عالم II بعد ۾ ان جي قبر مٿان مقبرو تعمير ڪرايو جيڪو مغلن جي فن تعمير جو شاھڪار آھي ۽ اڃان تائين قائم آھي.[4]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Location of Shorkot - Falling Rain Genomisc
- ↑ Tehsils & Unions in the District of Jhang - Government of Pakistan, وقت 2008-02-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-11-17
- ↑ "Shrine of Shahbaz e Arifaan".
- ↑ Auliya-e-Jhang, by Iqbal Zuberi, Jhang Adabi Academy. Jhang Sadar, Pakistan 2000