شنگرف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شنگرف (عربي: زنجفر، فارسي: شنجرف، ھندي/اردو: وغيره: ينگر، يقون، سرخ صرنب ۽ حجرالزبيق) مشھور کاڻين جي پيدائش ڳوڙهن جي صورت ۾، ڳاڙهي رنگ تي ٿيندو آهي.

طب[سنواريو]

خاصيت: هن جو مرهم آتشڪ ۽ بادفرنگ جي ڦٽن، ناسورن، ڦٽن ۾ گوشت جي واڌاري، بدن جي خارش، باهه جي ساڙيل، کل جي ڦٽن ڦرڙين لاءِ مفيد آهي.

هن جي ڦلائڻ جي واٽ هيءَ آهي: هڪ تولي شنگرف کي لوه جي ڪڻڇيءَ ۾ رکي اڪ جي کير جو اڌ سير کن چوها ڏيئي کڻائجي، پوءِ تلسيءَ جي اڌ پاءُ پنن کي گهوٽي لغدو ٺاهي، شنگرف وچ ۾ رکي وري انهيءَ غلوله کي ڪيوڙي جي پاڙ ۾ بند ڪري گلحڪمت ڪري سڪائي پنڌرنهن سيرن ڇيڻن ۾ باھ ڏجي تہ اڇي رنگ تي ڦلي پوندو، اهو ڪشتو قوت باھ، کنگهہ، سلهہ، جلندر، ٻرهل ۽ ٻين ڪيترين بيمارين ۾ مفيد آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.